Meva Ram Parmar

Sunday, April 19, 2020

بدين جو برک نوجوان سماجي اڳواڻ چيلارام رٻاري

بدين جو برک نوجوان چيلارام رٻاري

ميوارام پرمار

ضلعه بدين جي تعلقه ٽنڊوباگو جي ننڊڙي ڳوٺ جيئو رٻاري ۾ اک کوليندڙ چيلارام هڪ زميندار ۽ مالوند خاندان سان وبستگي سبب زمينداري ۽ مال جي سار سنڀال ديک بهال ۾ انتهائي شوقين رهيو, ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ميل شين جي سار لهڻ ڀل ڪو چيلارام کان سکي.

چيلارام شروعاتي تعيلم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل خان نوتڪاڻي ۾ پنج ڪلاس محترم استاد محمد عارب جروار وٽ سال 2000 ۾ پاس ڪري پوء انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاء سندس والد کين پنهنجي ننڍي پُٽ ۽ سوئٽن کي گورنمينٽ  ھاء اسڪول ڪوٽ مير جان محمد ۾ داخلا وٺي ڏني. گورنمينٽ  ھاء اسڪول ڪوٽ مير جان محمد ۾ بھترين استاد مليا جنهن پنهنجي محنت سچائي ۽ ايمانداري  سان پڙھايو. انهن استادن ۾ سائين کيمچند ميگھواڙ , سائين سجاول خاصخيلي , سائين ڪيولرام ميگھواڙ  , سائين مگھن لال ميگھواڙ ,سائين  محمد وريام رند , سائين منظور مولائي , سائين محمد خان کوسو ,سائين مٺا خان , سائين واحد بخش نھڙيو, سائين سومجي ميگھواڙ ۽ سائين اعجاز خاصخيلي جھڙا بھترين استاد مليا. سال 2005 ۾ ميٽرڪ  پاس ڪري پوء يارھين ۽ ٻارھون ڪلاس لاء گورنمينٽ ھاء اسڪول نئوڪوٽ ۾ پري ميڊيڪل ۾ داخلا ورتي جتي تمام محنتي, جاکوڙي ۽ بھترين استاد ھئا جنهن سائين مينڌرو مل ميگھواڙ ,سائين لياقت قائم خاني,سائين خدا بخش ٿر واسي ,سائين سومار ميگھواڙ  جھڙا محنتي استاد مليا جنهن محنت سان سال 2007 ۾ انٽر فائنل ڪيو. ۽ پوء اڳتي يونيورسٽي پڙھي ڪون سگھيو,والد چيو ٻارانھن درجا تعليم  ڪافي آهي پاڻ کي مڙئي ٻني ۽ مال جي ليکو چوکو ڪري سگھي ايتري ڪافي آهي, ڪھڙيون پاڻ کي نوڪريون ملنديون ۽ پوء ھڪ سال کان گھر ويھڻ کان پوء وري والد کي مطئمن ڪري ڪاليج سائيڊ ۾ مان بي اي ڪرڻ جو سوچيائين سال 2009 ۾ گورنمينٽ  ڊگري ڪاليج  ٽنڊو جان محمد ۾ پوليٽڪل سائنس ڊپارٽمينٽ  لاء فارم ڀرائي آيو ۽ پوء ريگولير ڪلاس اٽئنڊ ڪيا, بي اي ۽ ايم اي ڪاليج سائيڊ کان ڪيا ۽ بي اي ڊي علام اقبال اوپن يوني مان ڪيو.

چيلارام جي خيال ۾ والدين کان سواء ڪير به بھترين  استاد ۽ دوست نٿو ٿي سگهي ڇو ته سندس والد ھڪ اڻ پڙھيل پنهنجي گھر ۾ صرف چاچا 3 درجا پڙھيل آهي اڄ جيڪو ڪجهه چيلارام پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو سو سندس بابا جي ڪري ۽ استادن جي ڪري آھي. ڪلاس ۾ بھترين دوست ھئا ھر وقت ۾ ڏکن ۽ سکن ساٿي رھيا جيڪي اڄ به ھر وقت گڏ آهن انهن ۾ شبير احمد رند سيون ريٻاري مٺارام ريٻاري آنند ڪمار ميگھواڙ  ھرجي لال. استادن بھترين استاد سائين کيمچند ميگھواڙ  جيڪو اسان کي ھروقت بھترين  صلائون ۽ تعليم جي حوالي بھترين حولا ڏيندو ھو چوندو آئون توهان کي مستقبل ڊاڪٽر انجنئير بھترين استاد ڏسڻ ٿو چاھيان.

چيلارام انتهائي سرگرم, جاکوڙي ۽ محنتڪش سماجي اڳواڻ رهيو پئي آھي پر افسوس سان لکڻو پيو پوي ته نام نهاد ايوارڊ ويڪائو تنظيمين جي نظرن کان اوجهل رهيو ۽  اڄ ڏينهن تائين ايوارڊ ته ڪو به نه مليو آهي باقي آر ايس او (ريٻاري اسٽوڊنس  آرگنائيز) تان ڪافي دفعا تعليم جي حوالي سان ڳالھائڻ  جو موقعو مليو آهي جيڪو انتهائي بهترين عمل آھي ۽ ان سان گڏ سماجي ڪمن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي هنڌن تي پروگرام  شرڪت ۽ مقرر رهيو آھي.
بطور سياستدان چيلارام گذريل بي ڊي اليڪشن ۾  چونڊيل آزاد ڪائونسلر به آھي يونين ڪائونسل  خيرپورگنبوھ  جو وارڊ نمبر 3 جو, ان سان گڏ سوشل ورڪ به پنهنجي ڳوٺ ۾ 30 ٻار پڙھن ٿا انهن جو ماھوار ٽيوشن  فيس پاڻ ڏيندو آھي ان سان گڏ ڪرشن ٺاڪور جو پرائمري اسڪول آهي اتي استاد ڪونهي اتي استاد پنهنجي خرچ تي ڪري ڪجهه والنيٽر دوست آھن انهن جي مدد سان ھلائيندا آھي . يونين ڪائونسل مان جيڪي به ڪم ملن اڄ ڏينهن تائين 31 ھينڊ پمپ مڪمل 9 عدد سلائي مشينون 6 عدد موريون اسڪول لاء 8 سو فٽ پائپ لائن 2 ڪارٽون صابڻ راشن وغيره اھي سڀ وارڊ ۾ ڏنا هن مرد مجاهد پنهنجي گھر لاء اڄ تائين ھڪ ھينڊ پمپ به ورتو نه آهي سڀ وارڊ ۾ جيڪي به مستحق ماڻهو آهن انهن ۾ تقسيم ڪيا آهن.


نوجواني ۾ وڏو تجربو رکندڙ هي ماٺيڻو فرد دوستن لاء اھيو پيغام ڏي ٿو ته  خدارا جيڪو ٿي سگھي اسان جي معاشري جيڪي غريب جيڪي پورھيت جيڪي ڊيلي ويجز تي ڪم ڪن ٿا انهن جي مالي مدد ڪيو انهن خاص خيال رکون. پنهنجي پاڙي ۾ جيڪي به غريب آھن انهن جي مالي مدد ڪيو انهن جي ننڊڙن ٻارن کي وڌ وڌ کان تعليم ڏيڻ لاء مھم ھلايو.


چيلام وڌيڪ چوي ٿو ته پنهنجي ايندڙ نوجوان نسل وڌ کان وڌ نياڻين کي تعليم ڏياريو تعليم سان ئي سڀ ڪجهه بدلجي سگھجي ٿو. تعليم انسان جي ٽئين اک آهي تعليم اھيو پاور فل ھٿيار آهي جيڪو ڪير توهان کان نٿو کسي سگهي. نوجوانن  کي اھا وينتي ڪري ٿو ته مھرباني ڪري نشي جي خلاف ڀرپور آواز اٿارين اسان جو نوجوان  نسل ڪافي ان موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويو آھي ڪيترن جا ڪونڌر پٽ نشي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آھن , ھن بي رحم نشي الاهٔي ڪيترن جا گھر اجاڙي ڇڏيا آهن. سڀ گڏجي ان نشي خلاف ڪا اثرائتي مھم ھلائجي جئين وڌيڪ گھر برباد ٿيڻ کان بچائي سگھجن,  ڪنهن به ملڪ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻو آهي ته صرف ان ملڪ جي ھڪ تعليم تباھ ڪيو ۽ ٻيو اتي نشو عام جام ڪيو اھا قوم خود به تباھ ۽ برباد ٿي ويندي, پنهنجي قوم جي ننڊي وڏي ٻچي ٻچي جي حال ۡ مستقبل تي رحم کائي ان بابت غور ويچار ڪندي ايمرهنسي بنيادن تي عملي ۽ اثرائتا قدم کڻجن ته قوم کي هڪ روشن صبح ڏئي وڃو.


7 comments:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...