Meva Ram Parmar

Friday, April 17, 2020

صنفي اڻبرابري ۽ مردانه وڏيرڪي سوچ

صنفي اڻبرابري ۽ مردانه وڏيرڪي سوچ

ميوارام پرمار

نصاب ته هوئن به مردن جي ايتري به خاص حمايت ۾ هروڀرو ناهي پر جيترو مردانه معاشعري ۾ عورتن جي حمايت ۾ وڌيڪ هجڻ کپي اوترو به ناهي, نصاب کان هٽي ڪري ادب ڏي وينداسين ته ڀٽائي خالص عورتن کي ڳايو ۽ انهن بابت لکيو آھ ۽ ٻيا کوڙ سارا ليکڪ,اديب و شاعر آھن جن عورتن کي ڳايو ۽ انهن تي لکيو آھ پر مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن تي لکڻ اٽي ۾ لُوڻ برابر آھي.
معاشرتي سوچ جي جيڪر عڪس کي ظاهر ڪريون ته مُڙس سڄي ڏينهن جي تاش کيڏڻ, هوٽل ڪلاڪن جي مووي ۽ چانھ, وڏيري جي ڪمداري يا چمچاگيري يا کڻي چئجي پنهنجي ڪم ڪار ۽ نوڪري مان فارغ ٿي اچي ٿو ان لاء ذھن ۾ گمان/توقع ئي اها هوندي آھي ته گهر صاف سٿرو, وهنجڻ لاء پاڻي گرم, بسترو لڳل, ڪپڙا استري ۽ اڳٺ وڌل, ماني تيار ٿيل ۽ کٽ/ڊائنگ ٽيبل تي لڳل هجي ۽ گهر ۾ هُن جي حاضري بعد هر قسم جو شور بند هجي ته آھي نه وڏيرڪي سوچ? مطلب عورت صرف ڪوٽ/ويڙھي ۾ بند قيدي هجي ۽ عورت صرف گهر ۾ رهي ۽ گهر جو ڪم ڪري انکان علاوه ڪم/دنيا جي هر شئي ان لاء ناهي ٺهي, ڳوٺن ۾ گاھ, ڪاٺي, پاڻي, مال چارڻ, گهر ۾ مال ٻڌڻ ڇوڙڻ ڇيڻو ميڙڻ, کير ڏوهڻ, بٺن تي ۽ ٻني ۾ مردن سان گڏ ڪهاڙي, ڪوڏر, رنبو, ڏاٽو ۽ مٽي ۾ ڪم ڪرڻ ۾ عورت مشغُول رهندي نظر ايندي آھي ته سندس ٻارڙا به.

موجوده صورتحال ۾ واندو به هجي ته گهر ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو ڇو جو هُو گهر هلائي ٿو ڪمائي ٿو ۽ گهر جو وڏو مطلب وڏيرو آھي پر اهڙا سوين نه پر هزارين مرد هوندا جيڪي مرد هوندي به سماجي سوچ جي برعڪس عورتن جي ڪم ڪارن ۾ ساٿ ڏين ٿا مال چارڻ, پاڻي ڀرڻ ۽ گهر رڌ  پچاءُ سميت ٻين ننڊن ننڊن ڪمن ۾ جيڪي هن جمود جا سخت مخالف رهيا پئي آھي, مردانه وڏيرڪي سوچ جمود جي حامي ۽ انجي خلاف قدم کڻڻ وارن جي خلاف سماجي طور طعنا, مهڻا ۽ ٺٺول تيار ڪري ويٺا آھن انهن تي نفيساتي وار ڪرڻ لاء پر ڪن مردن هي فطرت ئي عورتن سان دل لڳي ۽ ويجهڙائپ يا احساس واري هوندي آھي جو انهن جي آڏو انهي لفاظي وار جو اثر ايترو نٿو رهي پر ڪافي اهڙا به ويچارا مظلوم مرد هوندا آھن جيڪي عورتن جي ظلم هيٺ پسجندا رهن ٿا ۽ انهن جي اشارن تي ڪم ڪن ٿا ۽ اٿڻ ويهڻ کان کائڻ پيئڻ جا ڪم سڀ عورتن جي اشارن تي ڪن ٿا يقينن اهي عورتون يا ته خودڪفيل/نوڪري يافته يا وڏيرڪي سوچ جي خاندان کان هونديون يا ڪي سفا مفت ۾ پٽيل ٿيل هونديون آھن.
جيئن جيئن علم طرف ڳوٺاڻي ذھنيت جو لاڙو وڌي پيو تيئن تيئن عورتن جي حمايت ۽ انهن تي ظلم ۾ گهٽتائي اچي رهي آھي ڪافي پڙھيل لکيل ۽ تعليم سان محبت يا انجي اهميت جا قدردان پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏياري رهيا آھن ۽ ڇوڪرن کي به گهر ۾ اهڙو ماحول ڏئي اهڙي پرورش ڪري رهيا آھن جنهن جي بدولت گهر ۾ عورتن جي فيور وارو ماحول جُڙي رهيو آھي جيڪا سماجي برابري ۽صنفي برابري جي علامت آھي (صنفي برابري لفظ به عورت ذات تي نفسياتي وار ۽ هيڻو ظاهر ڪري ٿو) جيڪو انتهائي بهترين پيغام آھي مستقبل قريب ۾ انجا سُٺا نتيجا نڪرندا ۽ بعيد ۾ انهتائي بهترين نتيجا عڪس ڪري سگهجن ٿا ۽ مردن جي هٿ ٺوڪيل وڏيرڪي قانون جيڪو عورت کي فقط گهر ۾ قيد ڪرڻ گهُري ٿو ان خلاف سٺو قدم ثابت ٿيندو ڇو جو معاشرو تڏھن ئي ترقي ڪري سگهي ٿو جڏھن گاڏي جي ٻئي ٽائر هلندا تڏھن گاڏي برابر هلندي  معاشرو به ھُن گاڏي وانگر ئي آھي.

مرد ڪم ڪار ڪندو ۽ ڪمائيندو ۽ عورت گهر جو ڪم ڪار ۽ گهر ۾ قيد هي قانون سوير ڀڃي ڀورا ٿي چُڪو آھي ۽ ٺاهڻ وارا مرد پاڻ مڃي چُڪا آھن پنهنجي نياڻي جي پڙھائي ها مخالف جڏھن گهر ڊليوري وقت ڊاڪٽرياڻي جي گهُر ڪرڻ لڳا ۽ نياڻي جي تعليم جا مخالف جڏھن هر شعبي ۾ عورت آفيسر جي گهر ڪرڻ لڳا تڏھن انهن جي وڏيرڪي سچ جي دفن ٿيڻ جو وقت اچي چڪو ۽ اُهي دلي طور مڃي چڪا, يقين ڪريو سماجي ڀلائي ۽ ترقي ۾ عورتن جو اوترو ئص ڪردار ۽ ڪم لازمي آھي جيترو مردن جو آھي اها ڪا خيرات ناهي اهو انهن جو قدرتي ۽ فطرتي حق آھي جيڪو انهن کان کسي نٿو سگهي.

1 comment:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...