هرفن مولا نند لال ميگهواڙ
ميوارام پرمار
ڍونارو شھر کي هڪ انتهائي بهترين تاريخي پسمنظر ورثي ۾ مليل آھي جنهن جي مٽي ڪيئي املھ انسان پيدا ڪيا آھن, موجوده ايڪهين صدي جي نوجوان ٽھي جي جيڪر ڳالھ ڪجي ته منهنجي نظر ۾ ڪيئي درجنون سرگرم نوجوان سامهون ايندا تن مان نندلال ميگهواڙ جو ذڪر ۽ نالو سڀ کان پهرين ٿو ايندو, ڇو جو نند جون ڪيئي خصوصيتون هئڻ سان گڏ هُو هرفن مولا/ورسٽائل پرسنلٽي آھي هڪ ئي وقت صحافت,سياست,سماجي ڀلائي, ڊاڪٽري, ڪميونٽي سميت ڪيئي شعبن ۾ ڪم پڻ ڪري رهيو آھي موصوف جي شارٽ ۽ نوجواني جي عمر ۾ ڪيل ڪمن تي روشي وجهبي ته هڪ طويل فهرست اکين آڏو تري ايندي, راندين جي ميدان ڪرڪيٽ توڻي مقامي راندين جي فروغ, صحافت ۾ ڍورونارو جي مظلوم ۽ مستحقين جي سار لهڻ تن جو آواز بڻجڻ, ڍورونارو شھر ک سنڌ جي ٻين شھرن سان گنڍڻ, اليڪٽرنڪ ميڊيا توڻي پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجو پاڻ هڪ منفرد ڪم وسيلي مڃرائڻ, ڊاڪٽري جي وسيع ترين شعبي ۾ خاص ۽ انتهائي ڪارائتو ڪم جيڪو جاب هوندي به خيراتي ڪمن ۾ اڳڀرو رهڻ شايد نند کان ڪو سکي ڪيئي سالن کان لڳندڙ پير پٿورو صاحب جي ميلي تي ايندڙ زائرين جي لاء طبي سهولتون مهيا ڪرڻ لاء ميڊيڪل ڪئمپ هرسال قائم ڪرڻ, ڍورونارو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پڻ ۽ گڏوگڏ ميڊيڪل جهڙي شعبي جون روز مره جي شين بابت آڳاهي ڏيڻ, سماجي کيتر ۾ ڪيل ڪمن جي فهرست اڻکُٽندڙ ۽ وسيع آھي سماجي ڪمن ۾ انيڪ مستحقين جي جاني ۽ مالي سار لهڻ ۽ انهن جي ساهتا جي لاء پتوڙڻ, ثقافتي ۽ سماجي شعبي ۾ بهترين ڪردارن جي مڃتا ۽ انهن کي مان ڏيڻ سميت ڪلانڪر جهڙين ورثي ۾ مليل شين جي مالڪي ڪرڻ سميت سياست ۾ پڻ هڪ وڏو سفر پئي رهيو آھي قومپرست سياست کان پارلياماني سفر جي اڻکٽندڙ تارن جي جهرمٽ آھي جيڪو هڪ هڪ ڪنڊ کان جڳمڳائي پئي ۽ نند جي نوجواني واري زندگي ۾ روشني ڦھلائي رهي آھي.
فطرتي طور تي محنت ڪش, هنسمک, جاکوڙي, نهايت ئي ايماندار ۽ پنهنجي ڪم سان سچو انسان هن وقت ڪرونا جهڙي موذي وبا وقت به مهيني کان به وڌيڪ وقفي کان ڍورونارو ۽ آسپاس جي علائقي جي ماڻھن جي ميڊيڪل شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو پئي آھي سو به پنهنجي ذاتي خرچ تي حالانڪ ايڏي وڏي پگهار به ناهي ۽ هڪ غريب ۽ وچولي طبقي ۾ رهي ڪري انتهائي ڏُکيو هوندو آ مئنيج ڪرڻ ۽ گهر هلائڻ اتي نند ئي آھي پنهنجو پاڻ کي معاشري لاء وقف ڪري رهيو پئي آھي, هي مرد مجاهد ڍورونارو نوجوان سٿ جو پلر ۽ انتهائي ڦُڙتيلو ساٿي رهيو پئي آھي ته ڪميونٽي ليول تي هر ننڊي وڏي مسئلي کي اجاڳر ڪيو ۽ حل ڪرائڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي,احتجاج, ريلي, ڌرڻو يا لاڪ ڊائون هڪ قسم جي ماحول کي هن سٺو ۽ منهن ڏنو آھي ته دڙڪا داٻا ۽ ڌمڪين کي به منهن ڏنو ۽ ڪم کي هڪ سيڪنڊ لاء به بند ناهي ڪيو پنهنجي سماج لاء پتوڙيندو رهيو پئي آھي. اهڙا ئي فرد ۽ مرد هجن ٿا جيڪي حقيقي معني ۾ پنهنجي ملڪ و قوم جي خدمت ۽ ترقي جو اهڃاڻ هجن ٿا تن تي ئي سماج فخر ۽ ناز ڪري ٿو اهو ناز اسانکي به آھي ته نند اسانجو آھي.

No comments:
Post a Comment