Meva Ram Parmar

Monday, January 28, 2019

Catch me dead

"Catch me dead"

Meva Ram Parmar

I can see
Though I am dead
I can feel
Though I am dead
I can listen
Though I am dead
I can do
What I want
I can't do
What is expected
I can't do
What am I sent for
I am priceless
Though I am begging
I am blessed
Though I am crused
I am loved
Though I am hated
I am pilot
Though I am dead
Catch me live
Though I am dead.

منزل

منزل
ميوارام پرمار

ڊگهي ناهي منزل
حوصلو ٿورو آ
هلڻ ناهي پاڻ ۾
ڏوھ گوڏن جو
ڳولهي ٿو قسمت
هٿ جي لڪيرن ۾
ڏٺو هوندئي کلندئي
هٿن کان محرومن کي
ٿيون آھن خوار
قسمت جون لڪيرون
انهن ڪاهلن, بيڪارن
۽ سست نوابن کان
اچي ڪڏھن فرشتو
منهن تان مکي اُڏائي
اهي ڪاهل  به چاهن
ٿا ڪامياب بنا هٿ هلائي
وڏا مثال ڳالهيون
وڏيون ٿا ڪن
ڪرتوت تن جا
ٿا انجي برعڪس هجن
نسلا نسلي آھن
سمورا سست ۽ ڪمزور
رهن ٿا سدا سُتا
۽ شارٽڪٽ تي زور
وري ڏوھ قسمت جو
۽ فيصلو خدائي
الزام سازشن تي
پنهنجا ڪرتوت لڪائي.

بارات

بارات

ميوارام پرمار

هڪ قافلو, ڄڃ يا گهوٽ سميت مٽن مائٽن جو گروپ جيڪو گهوٽ کي پرڻائڻ لاء مائٽن کان سهرن ڏانهن ويندو آھي, جنهن جو رايتي طور تي اڳئي انتهائي گهڻو بندوبست ڪيو ويندو هيو پر اڄ بس چند گاڏيون, هڪ ايڪو ۽ چار ڄاڃي/جاني ناچو سميت ٿيا روانا, ڄڃ وڃڻ پهريان هر اولياءُ ولي درويش تان ٿي ويندي يا رستي تي بيهي دعا گهرندي هئي سو اڄ به ريت آھي ۽ اڳئي رستي ڪا ورلو بارات ڪنهن کي سامهون ايندي هئي ته جاني کارڪون به ڏيندا هيا سو اڄ سيارو خصوصي طور تي باراتون سياسي جلسن کان وڌيڪ نظر اينديون آهن سو نه رهي ايندڙ ويندڙن کي سياسي اڳواڻن وانگي کارڪن جي اميد سو هٿ ئي مٿي ناهن ڪندا ۽ جاني ڪوُڙن سياستدانن وانگي ڪنڌ ئي هيٺ.
ڄڃ ڪنواري ڪنهن جي به چانھ به نه پيئندي آھي اها پراڻي روايت آھي ائين ڪرڻ سان بارات خاص طور تي گهوٽ تي ڪو روحاني/جن ڀُوت جو حملو نٿو ٿي سگهي, سو سڌو سهرن جي آسٿان/اوطاق تي. سهرن انتظاميه ۾ خوشي هوندي هئي سو هاڻ خوشي گهٽ ٽينشن وڌيڪ ته نڀاڳا ايندا الاهي ڪيترا ۽ منهن ڪير ڪيئن ڏيندو, سو اڳئي ته نج گيھ ۽ ان سان تيار ٿيل کاڌا پيش ڪيا ويندا هيا اڄ جيئي حرام پڪوان, ايندي ئي گهوٽ جي الڳ کٽ ۽ جاني بقايه اوطاق ۾  ۽ گهوٽ کي ٿوري ساهي بعد گهر وٺي ويندا هيا تورڻ وٽ ۽ بعد اوطاق ڏانهن ۽ لڳن/مقرر وقت تي چنهوري تي ڦيرا کارايا ويندا آھن سي اڳي ڪڏھن به ڏينهن ته ٺھيو رات سوير به نه هوندا هيا سي اڄ ڪنهن به وقت تي ٿي سگهن ٿا اها ڪتابن ترقي ڪئي الاهي مهاراجن حرامپائي ڪئي آھي سو گاگن جي گوڙ جي خامن کي خبر, برحال اتان ٿي گھوٽ واپس اچي موڙ لاهي سڌو وڏي چاچا يا ڏاڏا سميت سڀني وڏن کي پيرين پيئي هٿ ڏيندو ۽ مبارڪون وصول ڪندو تنهن بعد ماني جو پروگرام ڪيو ويندو ۽ کوڙو به ڏنو ويندو آھي جانين مان ڪنهن ويجهي عزيز کي جيڪو نياڻي کي ويجهو هجي. ماني ٽڪي کانپوء شام ڌاري بارات کي اڳي ٽي چار ڏينهن هفتا به ٽڪائيندا هيا مهمانن کي به ويهڻ ايندو هيو ۽ ميزبان ۾ به محبت هوندي هئي سو شام جي چانھ ويجهن عزيزن ۾ به پيش ڪئي ويندي آھي بدلي ۾ باراتي کارڪون يا خرچي ڏين, اڳئي جي ڀيٽ ۾ اڄ باراتي ٿر جي رڍ وانگي ڀُرٽ وجهي ٿا وڃن سو وسڪي پيئي سو ويندي ئي شامياني ۾ پڌرا ٿيو پون.
فوزيه سومرو جي گيت.
نيٺ پڌرو ٿي پيو
يار ڪُوڙو ٿي ويو.
سو نشاين کي ڪٿي ٿو ويهڻ اچي ٻيا وري هروڀرون اڄايو تڪڙ يا پئسي پرست ۽ سامهون ميزبانن ۾ به اها ميزباني نه رهي سو باراتي واڙي جي ٻڪرين جيان هڪ هڪ ٿي اڪ جي ڦُلڙين وانگي اُڏريو اچي آخر ۾ گهوٽ کي اڪيلو ڇڏين.
ٿيندو ائين اڳتي پوئتي وارا چڪر ٿيندا ختم بارات به رهندي گهوٽ اڻھوار تائين محدود ۽ ڦيرا ڪلاڪ وارا منٽن ۾ پورا گهوٽ ايندي ئي ڦيرا کائيندو ۽ آخري ڦيري ۾ سڌو ٺڪ گاڏي ۾ ۽ گاڏي اسٽارٽ ئي بيٺي هوندي سو ڪلاڪ اندر پرڻجي ٿيندو پٽ.
مهاراج وارا منتر ويندا
ميزبان جا پئسا بچندا
مهانن جو وقت بچندو
گهوٽ اڪيلو پيو نچندو
ليکا چوکا فونن تي
رهاڻيون ٿينديون روڊن تي.

Monday, January 21, 2019

پوليس

پوليس

ميوارام پرمار

عوام جي نوالن تي پلڻ وارا
عوام جي پئسن تي هلڻ وارا
شڪاري جو شڪار اُڏي ٿو
مومن جي ڪلهي تي ويهي ٿو
اهو سوچي اهو مومن آ
اهو محافظ آ
اهو منهنجي پئسي تي
پلي ٿو هلي ٿو
نوڪري ملڻ مهل
وڏيون ڪاشون ڪري ٿو
هيلا وسيلا هلائي ٿو
پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي
ڀڳوان کي حاضر سمجهي
اهو اعلان ڪري ٿو
آءُ عوام جو محافظ رهندس
آء عوام جو ساٿي رهندس
پوء اهو ئي ساڳيون
وقت به ساڳيون
پئسي ڪمائڻ ۽ داٻو هلائڻ
ڀوتار کي راضي ڪرڻ
۽ سالياني رپورٽ ٺاهڻ
وس آهر سڀ ڪجھ ڪري ٿو
هيڻو مسڪين سڀ مري ٿو
تو ۾ اميد جي بوء هئي
سا ٿي اها بدبوءُ وئي
ويراني کان ايندي
انڌيري کان ايندي
وڏي ڊگهي سفر کان
ٿڪاوٽ ڊپ کان
اوچتو ڪو نظر اچي ٿو
دل کي اطيمنان ٿي ٿو
ويجهو اچي پتو پوي ٿو
پوليس جو لباس نظر اچي ٿو
خوف جو عالم ويتر ڇائنجي وڃي ٿو
پريشاني ۾ گهبرائجي وڃي ٿو
هُو اسانجو محافظ
هو اسانجو ساٿي
هاڻ زهر ڏيڻ لائق بس رهجي ويو آ
تنهن کان هاڻ جند ڇڏايان
پنهنجو پاڻ ڪيئن بچايان
ڪيئن سلامتي سان
هتان کان نڪران
ڇو هاڻ
اعتبار ۽ آس
ختم ٿي ويا
اُڏري ويا
سڀ جيڪي محافظ هيا
جيڪي جان جي بازي
هاري به
پاڻ ماري به
عوام کي حفظ ۾ رکندا هيا
هر هنڌ حاضر رکندا هيا.

ڪفن خور آھيون

ڪفن خور

 بقلم: ميوارام پرمار

منافق آھيون وڏا
ڪفن خور آھيون
چوڪيدار هوندي به
وڏا چور آھيون
ڪاروبار ڪريون ته
ٽڪي تي پاڪ ڪتاب کڻون
واپار ڪريون ته
گهٽين جو به گند صاف ڪريون
نٿا گُسون نياڻيون وڪڻڻ
نٿا رهون پرايون نياڻيون تڪڻ
ٻچن ٻارن ۽ وڏڙن جو
پئسن خاطر پنهنجن جو
خوف منهنجان يا لالچ ۾
پيا ضمير وڪڻون زمين وڪڻون
پنهنجي جهوُڙي کي باھ ڏئي
بنگلي ۾ رهڻ جا خواب ڏسون
پئسي جي حوس جي آڏو
نياڻيون سياڻيون نيلام ڪيون
شھر ۾ داٻي ۽ اڇي وڳي
انسانيت تي ڦيري دانگي
زماني پاڻ وڏو سڏرائي
منهن تي ڇڏيون ٿا دانگي ڦيرائي
ابن ڏاڏن جي عزت ڪيرائي
خون لڪائي عزت کپائي
جيئندا وتون ٿا
لڇندا وتون ٿا
ڪفن تاڪ جي سودي تائين
سڀ ڪاروبار جائز آھن
مئلن جي ڏيري ۾
اسانجا اهي فرائض آھن
ويا هون ڀٽڪي
زماني ۾ لٽڪي
اندر جي خوش فهمي لاء
ڪافر جابر ۽ شاتر وڏا

منافق آھيون وڏا
ڪفن خور آھيون

Friday, January 18, 2019

ججرئت

جرئت
ميوارام پرمار

جُرئت مري وئي جوڌن جي
عادت پئجي وئي شودن جي
پيڙھن کان پيا ڪُٽبا اچن
صدين کان پيا غلامي سهن
ابا ڏاڏن کان هڪ ئي ڪم
بس چاپلوسي ۽ جي حُضوري
انسانيت جي ڪئي آ پوُري
هر قسم جي ظُلم کان پوء
هر قسم جي ستم کان پوء
اسڻ ڪڇڻ لاء دل ڪري
اڀرُڻ سنڀرڻ کان قاصر
غلامي کان نڀرڻ کان قاصر
مورثي پيا غلامي ڪن
هجڙن کي سلامي ڪن
چور ڌُوتا سڀ هلائن حُڪم
ڪندا وتن پيا ٿا ظُلم
ذھنن تي انهن تالو هڻي
علم جو فن به ڦُري
جاهل رکن پيا
غلامي تي قائل رکن
تڏھن به سُرڻ جي جرئت نه ٿي
تڏھن به چُرڻ جي دل نه چئي
سوال ذھنن تان نٿا اڀرن
انهي حادثي تي سوال اڀرن
بس جرئت مري وئي جوڌن جي
عادت پئجي وئي شودن جي

بُت

بُت
ميوارام پرمار


اڀرندي سج کي سلامي ڪري پيو
منافق صدين کان غُلامي ڪري پيو
پنهنجي قابليتن جو بليدان ڏئي
سوين درد سُور سر تي سهي
جرئت ڪري ڇو جنجال ۾ پئي
ٿورو وڌيڪ جهُڪڻ سان ڪمال ٿي
تهمتون لعنتون خوُش آمدي شڪل ۾
اچي ٿو ڪم ڀوتار مُشڪل ۾
ڪير ٿو گرمين ۾ پگهار هاري
ذري چاپلوسي ۾ جيون گهاري
پگهر ۽ مٽي جي خوشبو تُرڪ ڪري
مهانگين خوشبوئن سان پاڻ مهڪ ڪري
گُذاري پيو ڪُتن زندگي بُوٽن هيٺيان
جهُوپڙي جي زينرت تن ڪيئن ڏسيان
پيڙهين کان سکندا سکائيندا سبق
نسل در نسل ڏيکاري ڪميڻ لچڪ
ايمان اميدن تي ڦيري پاڻي
خودداري جرئت جي ختم ئي ڪهاڻي
ڪٿي ٿو ڪافر ڏيئو ٻاري
محنت جي عظمت سان هيئون ٺاري
خلق کي سيکاري جيئڻ جو گُر
ڪتب آڻين سي بي پنهنجو هنر
سج کان علاوه سري به اسانجي
پنهنجي ڏيئي جي روشني نياري
هوا جي جهونڪن جي ناهي پرواھ
جلائي رکبو جيسين آ ساھ
اهو ڪير سبق سيکاري انهن کي
جيئڻ جا ٻيا گس ڏيکاري انهن کي
اٿو ذھني غلامي ڪفر جي نشاني
جتي ٿي پئي ڏات جي نيلامي
اچو ڪو نئون ممڻ مچايو
واري جا بُت ڦُونڪن سان ڪيرايون

Saturday, January 12, 2019

عزت وڏي آ موچڙي جي

عزت وڏي آ موچڙي جي
چمچي, دلي ۽ ڪُوچڙي جي
ڀلين ڪيڏا پيو ڪم ڪرين
ڀلين ڪيڏا پيو تمغا رکين
نالو ڀلين پيو ڪٿي ڪمائين
ڀلين ڪيڏو پيو وقت لڳائين
حقيقي ڪم جو شھرت ٺلي
دلي جي داٻي تي ماٺ ڀلي آ
ڊگريون سرٽيفڪيٽ ڀلين ڪٺا ڪر
شھرت جا گُر اتي ئي ڦٽا ڪر
مارڪيٽ ۾ ناهي عزت تنهنجي
پيٽ پٺيان ٿي ذلت تنهنجي
رڳو رڳڙ ريگمال تي زور آ
دلي دلي جو اڄوڪو دور آ
روشن خيالي رک پاڻ وٽ
جلهندي نه دانائي اتي هڪ سٽ
چالن جي آ هت وٺ وٺان وٺ
بُوٽ چٽڻ وارن آ سٽ سٽان سٽ
رڳو ڪالر مٿي ڪري ٿا گهمن اهي
شلوار جهالر ڪري ٿا گهمن اهي
نوڪريون ابتيون سبتيون ساڻ کڻي
اهروڀرو هلندا ٻي پاسي پاڻ کڻي
فونن تي ٿا ڪم ڪڍائين
جتي ڪم وارا قطارن ۾ آھن
ڀلين ذليل پيو مئرٽ ٿئي
ٽنگيو بيٺو لائن ۾ رهي
دور آيو دلن جا
ويو وقت چڱن ڀلن جو
عزت وڏي آ موچڙي جي
چمچي, دلي ۽ ڪُوچڙي جي

Wednesday, January 9, 2019

سڀ اڄايو ويو

سڀ اڄايو ويو

ميوارام پرمار

ڀوتار جا جيڪي بوُٽ چٽيا
اوطاق تي جيڪي ٻوهارا ڏنا
بدنا ڀريا ڪڏھن جوراب چٽيا
چاپلوسي جو وار به نه سڄايو ويو

سڀ اڄايو ويو

پاڙيسرين جي به چمچاگيري ڪئي
دوستن جي به جاسوسي ڪئي
رشتن جو به اعتبار ٽوڙيو
ابي ڏاڏي کي به ڏاڍو رُلايو

سڀ اڄايو ويو

مجيري جي هر ادا تي قصيدا لکيا
اٿڻ ويهڻ تي به ڪالم نظم لکيا
فيسبڪ جي پوسٽن تي نه گهٽايو
ايتري محنت ڪجھ نه پرايو

سڀ اڄايو ويو

سڀني کي ٺيڪا ڪميشن ڦٻڻ لاء
ڪن کي نوڪريون وڪڻڻ لاء
اسان ته هڪ ئي دڪان کوليو
اهو بند ڪرايو ويو

سڀ اڄايو ويو

هاڻ رڙيون ڪريان پيو ڊاڍيون مان
چيخون ڪريان پيو ڏاڍيون مان
مُجيري به پاسو پلٽي ڇڏيو
سنگت کي آ پاسو ڇڏيو

سڀ اڄايو ويو

Sunday, January 6, 2019

ڀوتار جا ڪُتا

ڀوتار جا ڪُتا

وڏا نسلي ڪُتا
ڪي بي نسلي ڪُتا
چشما به پائن
ٽائي سوٽ به پائن
ائنڊروئڊ دور جا ٿا
ائٽم هلائن
وڏا نسلي ڪُتا
ڪي بي نسلي ڪُتا
انهن سڀن جا ڪم الڳ
ملن روز ٿا لڳ ڀڳ
ڪم الڳ آ پر
ڪم هڪ ئي
بُوٽ چٽڻ ۽ اجنبي تي ڀونڪڻ
وڏا نسلي ڪُتا
ڪي بي نسلي ڪُتا
ليپ ٽاپ ۽ وڏا موبائل به اٿن
نيٽ هلائن ۾ ڪن ٿا جتن
جاسوسي ڪرڻ ڪم آ مٿن
انهي ڪم ۾ ڪٿي ٿا گُسن
نوُس نوُس ۾ وڏا ماهر ڪُتا
وڏا نسلي ڪُتا
ڪي بي نسلي ڪُتا
تنهنجي منهنجي آڙي پاڙي ۾
شهر جي ڪنهن گلي ڪوُچي ۾
نوُس نوُس ڪندي پُڇ لوڏيندي
ايندا وتن ٿا, ڀونڪندا وتن ٿا
ٽُڪر گوشت جو يا ماني ٽُڪر
پنندا ۽ اهي ڇنندا وتن ٿا
وڏا شاتر ماهر ڪُتا
وڏا نسلي ڪُتا
ڪي بي نسلي ڪُتا
متان رهو ڪٿي
اوهان هن ڀُل ۾
ٽُڪر اڇلائي
هٿ نه وجهو ٻل ۾
۽ ڪريو نه ڪٿي
ڏيڻ تڪڙ بل ۾
ڪندا وڏا هن متاثر ڪُتا
وڏا نسلي ڪُتا
ڪي بي نسلي ڪُتا

شاعري: ميوارام پرمار

عڪس

عڪس

ميوارام پرمار

لفظ اسانجا رقص ڪن ٿا
حالتن جو عڪس ڪن ٿا
لفظن جو انداز پنهنجو
حالتن جي انداز وانگي
ڪڏھن ڪڙوهاٽ ڪڏھن مٺاس آ
عاشقي, روايت ۽ ڪڏھن آس آ
لفظن جا رخ به پنهنجا
حالتن جي لڙکڙاهٽ وانگي
لفظن جي شدت الڳ آ
ڪيفيتن جي تلخي وانگي
ڪڏھن وڻن ٿا ڪڏھن چبهن ٿا
هر ڪنهن جي طبيعت وانگي
ڪٿي سُراهي ڪٿي رسوائي
خزان جي وکريل پتن وانگي
حالتن بيان آھن لفظن جون زنجيرون اهي
ڪيفيتون عيان آھن فطنتن جي ضميرن وانگي
ڪري شڪايت ڪڏھن ٿو ڪوئي
لڳي ٿو لفظ تير وانگي
اسان ته بس ڏسون ٿا واسون
لفظ بيساخته نچڻ لڳن ٿا
نچن ائين ٿا مدهوشي ۾
رمز ۾ رقاصه نچي هن وانگي
لفظ اسانجا رقص ڪن ٿا
حالتن جو عڪس ڪن ٿا.

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...