Meva Ram Parmar

Tuesday, September 18, 2018

ڪجھ ته روضي حلال ڪر

ڪجھ ته روضي حلال ڪر,
قبر جو به ڪڏھن خيال ڪر,

حرام هڻ نه پيٽ ۾ تون,
وڪام نه هلڪي ريٽ ۾ تون,

يارهين بجي اچين ٿو,
ٻارهين بجي وڃين ٿو,

دياڙي سڄي ڏينهن جي کڻي ٿو,
ڪم صفا نه ٽڪي جو ڪرين ٿو,

نوڪري هتي ۽ پاڻ هُتي رهين,
ذري سيڪ جو تون هُن کي چئين,

پاڻ حرام کائين ٻارن ٻچن کارائين,
ڪم ڪرڻ کان اصل ئي لهرائين,

ڪردار پنهنجو ٻچن لاء ڇڏين پيو,
ٻارن جو مستقبل پاڻ اڏين پيو,

پاڻ حرامخور ٻار ڪهڙا ٿيندا,
سڌرندا ڪهڙا سڌا حرامخور ٿيندا,

خدا جو ڪجھ تون خوف ڪر,
روضي آ پنهنجي ڪجھ حيف ڪر,

ڪيسين وڏيرو بچائيندو توکي,
ڪيسين وڏيرو چاهيندو توکي,

هت ته تون کڻي ڪامياب ٿين,
دنيا جي جيل کان بازياب ٿين,

هُت ته ٽڪي ٽڪي جو حساب آ,
اهو ئي دستور اهو ئي رواج آ,

وڏيرو به پنهنجي قبر ۾ ويندو,
تنهنجو حشر ڪهڙو هُت ٿيندو,

نج حرام ۾ اميري ٿو چاهين,
اصل ڪم کان ڇو ٿو لنوائين,

ڪم ٿي نه ته هٿ ڪڍ کڻي,
ٻي جي روضي ڇڏ کڻي,

آھي برڪت حق حلال ۾,
ناهي سڪون حرام جي جلال ۾,

مسٽر فراڊي

ناهي ٽينشن ٽڪي جو

ناهي ٽينشن پاڻ کي ٽڪي جو,
ڦثائي پنهنجو نه ڪجھ ڪير سگهي ٿو,

وٺي ڀوتار پاڻ کان ڀاڙو ٿو,
آڻي سگهي نه ڪير لاڙھو چاڙھو ڪو,

هر هنڌ پنهنجي هيئن هلي ٿي,
ڏسي پاڻ کي دنيا جلي ٿي,

ڪريون پاڻ نه ڪم ٿا ٽڪي جو,
ڀلين ڪيترو به ڪير مٿو ڪُٽي پيو,

نڪين پرواھ آھي پاڻ کي ڪم جي,
لڳي پئسن ڪمائڻ جي هتي ڌم پئي,

ناهي پرواھ پاڻ کي نوڪري جي,
آھي پڪ نڪين ٿي ڪڏھن برطرفي,

کايون پاڻ ته نج نسورو حرام ٿا,
ڪريون نوڪري وقت بس آرام ٿا,

آھيون ٽوٽي, سست ۽ ڪاهل اصل کان,
ڏسي چڙھندي هر ڪنهن کي بخيل آھ,

ڪريون ڪرپشن پاڻ ڪروڙن جي,
ميڙيون مال ملڪيت ٿا روڙن جي,
مسٽر فراڊي

محافظ ٿيو لونڊا نه ٿيو

محافظ ٿيو لونڊا نه ٿيو,
پنهنجي منهن تي ڀونڊا نه ڏيو,
جنهن جي ٽُڪرن تي پلو ٿا,
محفظ ٿيو انجا گهُنڊا نه ٿيو
ٽڪي جي نوڪري خاطر خوار ٿيو ٿا,
شيطان جي ڪُلهي تي سوار ٿيو ٿا,
نياڻي ڏسو نه پوڙهو, ٻچا ڏسو نه استاد,
هاري ڏسو نه ڊاڪٽر نه, وڪيل ڏسو ٻار,
ظالمن جي حُڪمن تي لبيڪ چئي,
ضمير ظرف ۽ سرُت ساڃاھ کي الوداع چئي,
کڻون لٺون, هڻون لتون ڀريو گاڏيون,
نياين کي وارن ۾ ڳيلهي ڇڏيو لتن سان هڏيون,
ڇو پٽو پاراتا لعنتون ۽ کڻو ٿا تحمتون,
هي اولاد اوهانجو حلال کائيندو ڏسي حالتون,
سنڌڙي توتي ناز ڇا فرياد ڪندي,
فرياد ڪندي ڇا ياد ڪندي,
ڪهڙا ڪڃر ڪافر ڄڻيا ٿئي مون,
جنهن پنهنجا ڪُٺا شيطان ڀوت جن,
جي ماني ٽُڪر لاء وڙھيا پنهنجن سان,
ذليل ڪيو اشارن تي ظلم ڪيا نهتن سان,
اناج اڳائيندڙ نه بخشيا ويا,
هاري ڪسان ٻار ٻچيا قيد ڪيا ويا,
روح جو رشتو جو هيو استاد سان,
سي به ذليل ٿيا حق جي جهاد مان,
روز ننڌڙڪيون نڀاڳا خوار ٿين,
محافظ اشارن تي ٿا فائر ڪن,
هي ظلم ستم سڀ سڀاڳن تي,
ڪيسين رهندو روز سڀاڳن تي,
اها رات انڌيري ختم ٿيڻي آھ,
سورج جي روشني به ورڻي آھ,

ميوارام پرمار

Wednesday, September 12, 2018

احساس محرومي اڪيلو ڪريو ڇڏي

احساس ڪمتري اڪيلو ڪريو ڇڏي

ميوارام پرمار

حوالي ماڻهون هوائي ڳالهيون
مڙئي ڪن ٿا موالي ڳالهيون

همراھ گهر ۾ مال جي اُلٺي ۾ ٻڌو پيو فري واري فيسبوڪ تان ٽريولنگ ٽو آمريڪا, ٽريولنگ ٽو دبئي, هڪ رات هڪڙو ته ٻي رات ٻيو مُلڪ, ڪڏھن ڪيڏانهن ته ڪڏھن ڪٿي ۽ ٻڪرين جي ڀينٽن سان پاسان مٽائيندڙ روز سياحت جا اسٽيٽس پيو ٿو ڇڏي, نڪمه, ناڪام, نااهل, نالائق ۽ مفت خور سدائين چڙھي دانگي تي ماني پچائڻ وارا احساس ڪمتري جا شڪار رهندا پئي آيا آھن پاڻ کان ڪجھ ٿي ڪونه ۽  نه ڪنهن تائين پهچجي اجايو پيا ڇرڪون کائيندا ۽ ڪوڙيون اي ميل ۽ ميسيج ڏيکاري سنگت کان داد وصول ڪري ڪُوڙين خُوشفهمين ۾ پيا زندگي گُذاريندا آھن.

اهڙن ناچاڪ ماڻھن سدائين پويون رستو ۽ سستو مال وٺي پاڻ هروڀرو مڃرايو, پرائي ڪيل کي ڪئش ڪرايو ۽ گهر جون مرچون کڻي پي سي هوٽل جو اسٽيٽس لڳايو آھ, اهڙن دماغي ضعيفن سدائين هر شعبي ۾  فحاشي ڦھلائي چاڪ چڱن ڀلن ۽ اهل ماڻھن جي رستا روڪ ۽ حوصله شڪني ڪرائي آھ ۽ انهن حالتن ۾ مئرٽ جي تذليل ۽ خواري ٿي آھي.

ديوالي ڪيئن ملهائجي

ديوالي ڪيئ ملهائجي

ميوارام پرمار

احترام, اخلاق ۽ قدر جي جڏھن ڳالھ اچي ٿي ته اسان پهرين پنهنجي پاڻ, گهر ۽ معاشري تي نظر ڦيرايون ٿا ۽ پوء دنيا جي معاشرن تي ۽ پوء تجزيون ڪريون ٿا ته ان انڊيڪس ۾ اسان اسان جو گراف ڪٿي بيهي ٿو, ان نتيجي جو ڪريڊٽ يقينن اسان والدين ڏانهن ۽ معاشرتي مجموعي حالتن ڏانهن وڃي ٿو, اڄ جيڪر اسان پنهنجي معاشري تي نظر گهمايون ته انيڪ ڪميون ۽ اوڻايون نظر اينديون, والدين جو احترام نه ڪرڻ جو سبب ڀلين والدين ئي هجن پر اهو خامي سراسر وڌي رهي پئي آھي, ان تي اسانکي غور ڪري, اثرائتا اقدام کڻڻا پوندا, نصاب, سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا کي بهتر ۽ ايندڙ نسل جي بهتري کي مدنظر رکي اهڙا اپاءُ وٺڻا پوندا, ڪٿي ٻار والدين جي احترام ۾ خوشي خوشي يا خاموشي سان انيڪ فيصلا يڪدم مڃيو ڇڏين پنهنجون خوشيون ۽ خواهشون ترڪ ڪري به پر تصوير جي ٻي پاسي گهُورجي ته اتي ٻارن جي نافرماني, ناقدرداني ۽ ناداني انيڪ لمبا چوڙا داستان هر پاسي درج و عيان آھن.

معاشرتي بڳاڙ جو هي عبرتناڪ ۽ شرمناڪ الميو جتي اولاد والدين جي نافرماني ڪري, ان جي سامهون وڏي آواز ۾ به ڳالهائي, گُٿا جلمه ڳالهائي, ھڌايتن کي هڪ پاسي ٿُڏي سندس مرضي مطابق مستيون ڪري, والدين کي به سئو فيصد درست نٿو قرار ڏئي سگهجي اهو اڳ ۾ ئي واضح ڪري چُڪو آھيان, ڪٿي ڪٿي ٻار والدين تي هٿ به کڻن ته ڪٿي پنهنجي ئي زندگي جو انت آڻي ڇڏين ٿا, باوقار طريقي سان زندگي گُذارڻ وارن کي جيڪر حاداثاتي طور تي اهڙو نڪمو اولاد ملي پوي ته ٻي هٿ مٿي تي ۽ جلد جيئري قبر حوالي,

روزانو ٻڌجي ڪفن روزانو تربت
مئوت يا مصيبت ڏھاڙي ڏمريو اچي. استاد

جهڙي تربيت تهڙو ئي نسل يا اولاد هوندو آھي تقرين پر ڪڏھن ڪڏھن آڙي پاڙي جو ماحول ۽ سنگت جي رنگت به ڪم لاهيو ڇڏي, اهڙا ٻار اڳتي وڌي سماج ۾ منفي اثر ڇڏين ٿا ۽ ائين پورو نظار تباھ ٿئي ٿو.
موجوده زميني حقائق کي ان لاء لکت جو حصو بنايو آهي ته اسان وٽ انتهائي وڏا مثال اتساھُ, همٿ افزائي ۽ سکڻ لاء مذھبي, سياسي, سماجي ۽ هر شعبي سان وابسته موجود آھن ضرورت آھي انهن شين کي پڙھڻ, ٻڌُڻ, سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي, شري رام جي جڳ مشھور قوٽ "پراڻ جائي پر وچن نا جائي" جهڙي عظيم سوچ به سکڻ لاء ڪافي آھي, شري رام جي ان قول ۽ قول تي عمل پيرا ٿيڻ, راجه جو عظيم محل ڇڏڻ, جهنگ جي زندگي بصر ڪرڻ, گرميون سرديون ۽ طوفان برداشت ڪرڻ, ڏُک ۽ مصيبتن جا پهاڙ ڏسي انهن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ راجه راوڻ جي ڪروڌتا کي به منهن ڏيڻ ۽ ان کان نپٽڻ يقينن هڪ انتهائي وڏو سکڻ جوڳو عمل آھي.

ان ڏينهن کي صرف مذھبي ڏڻ طور ملهائڻ زيادتي هوندي ان ڏينهن کي انسانيت لاء سبق آموز مثالي ڏڻ طور ان تي عمل ڪري ملهائي شري رام کي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي ٿي, والدين جي حُڪم جي تعميل, احترام ۽ اخلاق کي اپنائيندي زندگي گُذارڻ غلط, فرسوده, وقتائتي ۽ غيرلاڀائتي شين کان پاسو ڪندي اڳتي وڌڻ جهڙا عمل ڪري ديوالي ملهائجي, شري رام جي واپسي هڪ مثالي ڏڻ رهيو آھي ان مان سکڻ لاء انتهائي وڏو سبق واضح آھي جڏھن ڪو اسان مان بهترين ڪردار ادا ڪري اچي انجي ڪهڙي ريت آجيان ڪجي, پئسن جي وڌاء لاء رات جو ڏياءُ ٻاري ٻئي ڏينهن ساڳيون پئسو وياج تي ڏيڻ سان پئسو ضرور وڌندو پر لڇمي انهي پئسي مان غريبن جي مدد ڪرڻ سان خوش ٿيندي, سماج جو ابتڙ انهي مثال کي اپائيندي درست ڪري مثالي ۽ مثبت ٺاهي سگهجي ٿو تڏھن اسان حقيقي معني ۾ ديوالي ملهائڻ جو صحيح رستو اختيار ڪنداسين ۽ هن ئي ريت مالڪ کي خوش ڪري سگهنداسين.

Saturday, September 1, 2018

فيسبوڪي انقلابي جوڌا

فيسبوڪي انقلابي جوڌا
تحرير ميوارام پرمار

ڪو مذهب پويان, ڪو فرقن پويان, ڪو تعليم پويان, ڪو سياست پويان, ڪو ثقافت پويان, ڪو بيروڪريسي پويان, ڪو روايتن پويان, ڪو سرڪاري ڪو خانگي ادارن پويان, اشخاص پويان, ڪو جمود ۽ جهمور پويان مطلب سڀ لڳا پيا آھن جُٺا پيا آھن, چار ڪتاب پڙھي هڪ ديڳ لاهي پنج روپيا خيرات ڏئي ڪو عبدالستار ايڌي, ڪو سيلاني جو مالڪ ڪو ڳامون سچار ڪو چي گويرا ٿيو ويٺو آهي, ڪيمٽ ڪرڻ وارا به وڏيرن ۽ بادشاهن جي غلامن وانگي جاهلاڻو طريقو اپنائيندو جي حضوري ڪندي سائينجن کي خوش رکندي نظر پيا ايندا آھن ۽ سائين پاڻ ته اڃان وڌيڪ هوا ۾ پيو اڏامندو عجيب خوشفهمي ۾ رهي پاڻ پڏائيندو پيو اچي.

ٻي طرف فيسبڪ کان ٻاهر نڪري حقيقي دنيا ۾ ڏسو ته ان ساڳين شعبي ۾ سائين پاڻ جو ڪيترو ڪردار رهيو آھي, عملي ميدان ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن ۽ ڪمينٽن وارا سماج کان باغي ۽ انقلاب جا ڪردار پاڻ ڪيترو ڪمينٽ جي دنيا کان نڪري حقيقي ڪم ڪيا آھن, ڪي ڇُڙواڳ عقل کان آجا منفي مثبت فائدي نقصان ٻنهي جڳھن تي ها هائو حاضر سائين جي رٽ لڳايو ويٺا هوندا آھن شخصيت پرسيت اهي غلام ٽولا ئي اهن کي اتسهائڻ جو اصلي ڪم ڪري مُڙس مارايو ڇڏين.
جمود, دقيانوسي سماجي روايتون, يرغمال نظام آھي ته آھي سچ ۾ آھي ان لي اوهانجي فيسبڪ جي گهوٻاٽن جي ڪا پرواھ ناهي, اوهان پنهنجي قد قابليت موجب عملي ميدان ۾ ڪجھ ڪم ڪريو,  فيسبوڪ تي قلمي پورهيو  فلمي پورهئي جي دائري ۾ اچي پيو جڪيو قول ۽ فعل ۾ تضاد جو  بيان ڪري ٿو.

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...