Meva Ram Parmar

Tuesday, February 9, 2021

شاگردن جي والدين ڏانهن خط

 شاگردن جي والدين ڏانهن خط.


تحرير: ميوارام پرمار, عمرڪوٽ

whatsapp: 03008108302

E-mail: mrp.thakrani@gmail.com


محترم والدين اميد ته خُوش باش هوندا, جيئن ته اوهانجا ٻار (ڇوڪر يا


ڇوڪري) ڪنهن به سرڪاري, نيم سرڪاري يا نجي اسڪول ۾ تعليم پرائي رهيا آھن ته اوهان تي به وڏو فرض ٿو عائد ٿئي ته اوهان به پنهنجي اولاد جي پرگهور لهو, سار سنڀال ڪريو ۽ لاڏ پيار سان گڏ انهن جي هر هڪ سرگرمي تي ڪڙي نظر رکو.

شاگرد جي دوستن يا سهيلين جي سماجي ۽ معاشي بئڪ گرائونڊ تي نظر وجهو ڪٿي ٻار جي سنگت خراب ٻارن سان ناهي? اٿڻ ويهڻ پڙھڻ لکڻ ۽ کيڏڻ گهمڻ ڪهڙن ماڻھُن سان آھي? ڪلاس فيلوز,هاسٽل جو روز ميٽ, ۽ اسڪول کان ٻاهر ڪير ڪير سنگت ۾ آھي?

شاگردن جون ضُرورتون پوريون ڪريو نٿا ڪري سگهو ته مطئمن لازمي ڪريو, فضول شوق ۽ اجاين شين جي چاھ رکڻ کان پاسو ڪرايو جيئن هوُ حصول لاء غلط رستو اختيار نه ڪري.

ڪڏھن ڪڏھن ٻار جي ذلت کان موت تائين دوست, روم ميٽ, هاسٽل انچارج ۽ استاد به ملوث هوندا آھن تنهن ڪري نظر رکڻ مهل هر هڪ کي مخالف واري سمت ۾ ڏسڻ جي ضُرورت آھي.

موبائل ۾ ڪانٽيڪٽ لسٽ چيڪ ڪيو, سوشل سائيٽس جي چيٽ ۽ روبرو ملڻ واري سنگت جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پر هتي نفسياتي سوال ٿو اڀري ته ٻار کي پريشرائيز,دڙڪو ۽ ڊانٽ هرگز نه ڪيو فضُول جي پر جيڪر غلط وڃي پيو ته دليلن سان سمجهايو.

اڪثر ٻار فضُول مادي شوق ۽ آرٽيفيشل خوشي حاصل ڪرڻ لاء عزت جو بليدان ڏئي ويندو آھي ۽ پوء اڳتي مس يوز کان بلئڪميلنگ جو سفر موت تائين وٺيو ٿو وڃي, اهڙا سوين ڪيس روز جا قصا آھن.

والدين کي ٻارن سان دوستاڻو رويو رکڻ جي اشد ضُرورت آھي, سماجي اقدار ۽ تهذيب سيکارڻ ضرورت آھي ائين نه ٿئي جو اهو خال وڃي ڪو برو ماڻھو بري سنگت ۾ ڀري وڃي ۽ ڳالھ هٿن مان ئي نڪري وڃي.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...