Meva Ram Parmar

Monday, December 28, 2020

2020 سال جون امتحاني اڳرايون ۽ نوجوانن جون قُربانيون.

 2020  سال جون امتحاني اڳرايون ۽ نوجوانن جون قُربانيون.



ميوارام پرمار



هن سال جي شُروعات کان ئي ڏُکيائين, مُشڪلاتن ۽ امتحاني تباهين جا آثار نظر اچڻ شُروع ٿي ويا, ڏاهن هن سال کي اڳواٽ ئي انتهائي ڏُکيو سال پئي ڪوٺيو, ڪن ڪتابن ۾ به هن ڪرونا وائرس بابت اڳواٽ ڇپجي پڌرو ٿي چُڪو هيو جنهن جا فوٽو سوشل ميڊيا تي پئي وائرل ٿيندا رهيا, ڪن ڏاهن کي چنڊ ۽ سج جي روشني, چوطرف جي هوا جي دائري ۽ سج جي ڌُنڌلاڻ مان پئي پتو پيو ته هي سال اهڙو ھيبتناڪ ٿي سگهي ٿو, بهرحال هي سال پنهنجي شُروعات کان ئي ڪرونا جهڙي ڪرڀناڪ وبا جي ور چڙھي ويو ۽ دنيا جو سمورو ڪاروبار, ڪاوهنوار ۽ پيٿو روڪي ڇڏيو, چُلھ اجهائي ڇڏيا, روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا, چوويھ ڪلاڪ مصروف ترين ۽ جاڳيندڙ شھر به سنسان قبرساتن ۽ پوٺي جو منظر پئي پيش ڪري رهيا هئا, ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ هاڻ وري معمول تي اچڻ ناممڪن هجي, ڪن ميڊيڪل آفيسرن پاران هن وبا کي عام بيمارين وانگر زندگي جو حصو سمجهي ساڻ زندگي گُذارڻ پئي مجبوري سمجهيو, ڪن ته بس اونهاري جو انتظار پئي ڪرايو, ڪن ڇا ته ڪن ڇا ڇا نه پئي چيو پر وبا هر ملڪ ۾ انوکا عبرتناڪ ريڪارڊ قائم ڪندي اڳت وڌندي وئي.

اسانجي ديس ۾ به هن بيماري کي سنجيدگي سان پئي نپٽايو ويو ائين کڻي چئجي غيرمعمولي سنجيدگي جو مُظاهرو پئي ڪيو حُڪومت ۽ ساڃاوندن پاران ۽ مٿان مڪڙن به پنهنجي طاقت جو ڀرپور اظھار ڪيو ۽ ايڪڙن جا ايڪڙ فصل ڀينڳ ڪري ويا ۽ رهيل ڪم برساتي ٻوڏ پورو ڪري ڏنو, ٽي ٽي وبائون بلائون ۽ بيروزگار, بيگهر ۽ بيواس و لاچار بڻيل ويچارا هاري, مزدور, ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ خانگي ملازم سميت هر ماڻھون انتهائر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مدد لاء اُڀ ۾ ڏسي رهيو هو, مون پنهنجي زندگي ۾ هي سال انتهائي خطرناڪ ۽ انسانيت لاء امتحانڪن ڏٺي ۽ جڏھن نظر ڦيرايون سنڌ جي انسان دوست اڳواڻن, نوجوانن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي تي ته سچ پڇو دل انتهائي گهڻو خُوش ٿيو. 

وفاقي حُڪومت پاران دير ئي سهي ڪجھ قدر گهر گهر مدد ملي مطلب 12000 هر ڏھاڙي دار مليا, صوبائي حُڪومت پاران صرف اعلان ئي نظر آيو پر نشان مليا مدد جا انهن ۾ شرمناڪ ڪيفيت نظر آئي هن سال ۾ سياست ۽ پنهنجا نواز پاليسي کان باز نه آيا, انکانپوء جڏهن ادارن جي ڳالھ ڪيون ته ڪراچي جي جي ڊي سي سنڌ ۾ سرسري تي رهي جنهن جي ڪارڪردگي ڍڪي ڇپي ناهي لکن جي تعداد ۾ راشن بيگون تقسيم ڪيون, هزارين ٽرڪون ۽ گاڏيون ڀري غريبن ڏانهن موڪليون ويون ۽ وٺڻ لاء ايندڙن حوالي ڪيون ويون ۽ فيسبڪ فرينڊز فورم سميت سنڌ جي ڪافي ننڊن وڏن ادارن, فورمن ۽ فردن پاران ڪوششون ورتيون ويون پر جڏهن سموري سنڌ جي سڀني ضلعن کي پاڻ ۾ ڀيٽيان ته عمرڪوٽ سمورن شعبن وانگر هن خدمت جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آھي. 

عمرڪوٽ ضلعي خدمت جي ميدان ۾ سنڌ کي ليڊ پئي ڪيو ۽ عمرڪوٽ ضلعي ڍورونارو شھر پئي ليڊ ڪيو سڌي ريت کڻي ائين به چئي سگهجي ٿو ته سموري سنڌ ۾ ڍورونارو شھر جي نوجوانن جو مٽ نه ملندو ڪٿي, هڪ پتڪڙي پر تاريخي, ادبي, ڪاروباري ۽ سماجي خدمت جي ميدان ۾ اڳڀرو رهندڙ شھر هن سال پاڻ مڃرايو پئي آھي. اڳواڻن ۾ فيض محموداڻي, نندلال ميگهواڙ سرفهرست آھن جن جي وڏي ٽيم نظر پئي اچي رهي هئي, عمرڪوٽ ضلعي جي شھر ۾ روحل واء جي پڍن تي حاجي ساند هن اونداھ رات ۾ چنڊ بڻجي روشني پئي ڦھلائيندو رهيو, هزارن جي تعداد ۾ مسڪينن کي ماني ٽڪي جو درجنون ڏينهن تائين مخير حضرات جي تعاون سان پئي بندوبست ڪيو وٽس وڏي ٽيم هئي, عمرڪوٽ شھر ۾ مدن گوپال ۽ گوتم بيراڻي به نوجوانن جي سرواڻي ۾ هيا هنن جي ٽيم سموري سنڌ ۾ آخري وقت تائين امدادي سرگرميون جاري پئي رکيون هيون, شھر جي نوجوانن سورج ماڌواڻي, حنيف راهمون, حفيظ راهمون,  موهت راٺي, موهت نهالاڻي, سريش منراڻي, ڪوير چوهاڻ, تيرٿ ساجن, نرمل ڪمار جهڙن درجنون انسان دوستن پنهنجون خدمتون بخوبي نڀايون ۽ هن امتحاني سال ۾ باقده نڀايو ۽ پاڻ مڃرايو.

هن سال صدي جا رڪارڊ وبائون ۽ بلائون آڻي ٽوڙي ڇڏيا ته سنڌ واسين پنهنجن جي سار لهڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه نظر اچڻ ڏنئون.


سنڌين ساڻيھ واسين جي هن ڏُکي وقت ۾ امداد ڪري انسانيت جو ڪنڌ اوچو ڪري ڇڏيو آھي ته عمرڪوٽ واسين هن ڪم ۾ سرواڻي ڪري هر ميدان وانگر هڪ ڀيرو وري سموري سنڌ لاء مشعل راھ بڻيو پئي آھي, عمرڪوٽ جنهن کي پُٺتي پيل شھر تصور ڪيو ٿو وڃي جنهن جا مجموعي سوچ ۽ قدر انتهائي اعلي درجي ۽ انتهائي سبق آموز رهيا پئي آھن جنهن مان سموري سنڌ کي سکڻ کپن.

3 comments:

  1. Benazir bhutto sahiba pehnjay kitab daughter of east main likhy thi tay yaad un shai khy kayo wendo jeko record main rehndo, aj hinan noujwanan jaa nala bhi record ty chadi wiya, kenh waqt main agr umerkot je Covid phase khy yaad kayo wiyo tadhain shahid awanjo he blog anhi he akhbar main likhal article refrence tor zaru kam endo anhi umerkot jee khidmatan khy sarahindo ❤️

    ReplyDelete
  2. زبردست بلاگ پيارا اھي ئي نوجوان اسان جا قومي ھيرو آهن جيڪي ڏکي وقت ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ميدان تي بيٺا رھيا انھن نوجوانن کي نمي سلام اسان مالڪ سائين کان اھيا دعا ٿا ڪيون ايندڙ سال 2021 اسان جي پياري ملڪ پ پاڪستان ۾ امن سلامتي خوخوشحال ھجي اانھن شامتن ڪورونا جي وبا مڪڙن جي آزار الله پاڪ پناھ ڏي ايندڙ سال ساماسان سڀني وطن واسين لاء ساڀيان ٿئي

    ReplyDelete
  3. The youth of today are leaders of tomorrow
    Nelson Mandela

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...