Meva Ram Parmar

Tuesday, December 29, 2020

پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ ۾ ڪهڙا اُميدوار ڪامياب ٿي سگهن ٿا?

 پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ ۾ ڪهڙا اُميدوار ڪامياب ٿي سگهن ٿا?



تحرير: ميوارام پرمار

گهڻي وقت کانپوء ماستري ۾ ڀرتي لاء اڀرو سڀرو اعلان ئي مس ٿيو آھي جو نوجوانن جي سڪون ۾ اٿل پٿل, ننڊون حرام, ڪاغذن جي جاچ پڙتال, استادن ۽ سينئر دوستن سان رابطو تيز ۽ سوشل ميڊيا توڻي هر فورم تي نوٽس ۽ سئمپل پئپر جي تلاش جاري ۽ انهي ڪشمڪش ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ۽ شدت محسوس ٿيندي رهي پئي آھي, هجڻ به کپي جو ماستري جهڙا آزاد ۽ بنا ٽُر ٽُر ٽُرڪي واري جاب جو ملي وڃي ته دنيا جو هر ٻيو ڪم ڪار ڪري سگهجي ٿو ڪنهن لاء بس ٿورڙي سياسي سورس ۽ پٻڀرائي درڪار آھي پوء ٽي او, ڊو ۽ مانٽرنگ آساني سان ماٺڪا بهرحال هي ماحول ڪو اوپرو ناهي ڪنهن کان لڪيل ڇپيل ناهي.

هوئن به ماستري/استادي يا پڙھائڻ کي آءُ پيغمري ۽ دنيا جو عظيم پيشو سمجهان ٿو شايد ٻيا به سمجهندا هجن پر گهڻن جي قول ۽ فعل ۾ ڏينهن جو فرق نظر پئي آيو آھي هتي فقط استادن جي ڳالھ پئي ٿئي.

پيارا دوستو استاد ٿيڻ چاهيو ٿا ته هيٺين ڳالهين تي ڌيان لازمي ڏيو.

1. حرام جي پگهار, سست روي ۽  سياسي سورس جي ڪري ٻارن جو ٻيڙهو ٻوڙھڻ جي سوچ کڻي نه اچو, اڳئي ڀرمار لڳي پئي آ, هڪ گوسرو پگهاردار هڪ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 شاگرد کاري ته 25 سالن ۾ 800 شاگرد کاري ويندو, اهي 800 فرد نه هوندا بلڪه اهي خاندان ۽ خاندانن جو سهارو هجڻ سان هزارين ماڻھن ۽ خاندانن لاء مثال ۽ مشعل راھ هوندا تنهن ڪري مُثبت سوچ کڻي اچڻ وارو انهي تعداد کي اعلي ۽ مثالي ڪردار بنائي ۽ حق حلال ڪمائي پرايا اولاد پڙھائي پنهنجا ٻار به ڪنهن منزل تي پهچائڻ جا خواب ساڀيان ڪري سگهي ٿو. ياد رکجو حرامخور ماستر جو اولاد هرگز نه سُڌرندو.


2. جيڪر اوهان اها سوچ کڻي نڪتا آھيو ته اوهان فقط آسان ڪم آھ ۽ انهي ۾ مطئمن آھيو, پگهار ڀلي ۽ مڙئي جڳاڙ ۾ هلي ويندو ته ناڪام آھيو. پگهار ۽ آسان ڪم ڪڏھن به اطيمنان بخش ۽ سڪونبخش نتيجا نٿو ڏئي سگهي, ڪنهن به ڪم ۾ انقلابي سوچ, سچي لڳن, جمود کي ٽوڙڻ ۽ نيڪ نيتي سان اڻٿڪ ڪوشش ڪرڻ جي سچي جستجو نٿي هجي ته ناڪامي مقدر آھي.



3. هن وقت هر نوجوان جيڪو ماستر ٿيڻ چاهي ٿو اهو تيارين ۾ رُڌل آھي, ڪتابن ۽ نوٽس جي جاچ پڙتال ۽ ٽيوش جي چڪر ۾ مدهوش آھي پر ياد رکو هي وقت پڙھڻ ۽ صرف پڙھڻ ۽ پڙھائي ۾ انڌو ٿي پويان پوڻ جو ناهي. اهو انهي ڪري ته پڙھائي جا به ڪا اُصول آھن, جهڙي ريت زندگي گُذارڻ جا اصول آھن ٺيڪ اهڙي ريت پڙھائي جا به اصول آھن ۽ شاگردن جي خاص ۽ اهم آھن پڙھائي جي دوران انهن تي عمل نٿو ٿئي ته ناڪامي اڻٽر آھي. اُصول ڪجھ هن ريت آھن ته ذاتي زندگي جي ڪيٽيگرائيز ڪيو ۽ زندگي سان لاڳاپيل هر شئي کي گهربل وقت ۽ ڌيان ڏيو. 

1. والدين, 2.  دوست, 3. عبادت, 4. سوشل لائيف,  5. راند روند يا تفريح. 6. آئوٽنگ يا گهمڻ

انهن مان ڪنهن به هڪ شئي جو وقت اڳتي پوئتي ٿي ويو ته زندگي انبئلنس ٿي سگهي ٿي ۽ دماغ تي حاوي شئي برڊن ٿي ناڪام ڪري سگهي ٿي تنهن ڪري خوشمزاج ۽ اطيمنان بخش زندگي لاء اهي اسٽيپ لازمي فالو ڪرڻا آھن.


4. هن ٽيسٽ جي تياري ۾ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته بيلداري کان پي ايڇ ڊي جي لائق نوجوان تياري ڪن پيا پر پروفيشنل/پيشيوراڻه ڊگري جنهن ۾ چار سال پڙھائي ۽ سٺن نمبرم سان پاس ٿيل نوجوان نه پيا لڀن ۽ اهي جعلي ڊگريون قتل جي گاڏي تي ملندڙ ڪاغذ وانگر عام و جام جنهن جي ڪري پيشيوراڻه ماستري مري چُڪي ۽ هي علم جهڙو عظيم شعبو/پيشو يتيمي  لاوارثي جي ور چڙھي ويو جنهن هر وقت اناڙين اچي تجربا ڪيا ۽ نسل تباھ ڪيا پئي آھن. انهي ڪشمڪش ۾ اهڙا نوجوان جيڪا سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙھي کي تاري سگهن ٿا جيڪي گُذريل ٽن کان وڌيڪ سالن تائين خانگي/پرائيويٽ ادارن ۾ پڙھائي/ماستري ڪري رهيا پئي آھن, اهو انهي جي ڪري ته انهن کي ڪم وڌيڪ ۽ ٽُرڪو, پگهار, ۽ وقت گهٽ ڏنو ويندو آھي ۽ مٿي استادن سميت شاگرد جاسوسي لاء ڇڏيل هجن ٿا ۽ ڪلاس ۾ ويهڻ جي به اجازت ناهي هوندي ۽ وقت جي پابندي يقيني هوندي آھي ۽ اڌ ڪلاڪ اڳت پوئتي ٿيڻ جي صورت ۾ پگهار ڪٽجي وڃي ٿي.

خانگي استاد هڪ ته محنتي, وقت جا پابند, هر فن مولا, ٽيوشن تي ڀاڙڻ ۽ هوم ٽيوشن جي ڪري هر سبجيڪٽ جا تقريبن ماهر هوندا آھن تنهن ڪري هي طبقو موسٽ فيوريٽ آھي ماستري لاء ۽ هي ڪاميابي باآساني ماڻي سگهي ٿو. باقي ڪنهن به يوني جو محنتي ۽ غريب ٻار جيڪو پڙھائي جا خرچا پورا ڪرڻ لاء وڏن شھرن ۾ رهڻ لاء ٽيوشنون پڙھائي ٿو اهو ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو.

هڪ اهڙو به طبقو آھي جيڪو انٽرميڊيٽ ڪري پوء فارغ آھي ۽ سيلف اسٽڊي ۾ رڌل آھي محنتي هجڻ جي ڪري اهي به پاس ٿي سگهن ٿا. ڪجُھ اهڙا به نوجوان آھن جيڪي ٻي لا به نوڪري نه ملڻ ڪري آخري آپشن سمجهن ٿا ۽ ڪي وري پي ايس ٽي مان پروموشن طور ٽيسٽ ۾ ويهندا اهي به ڪامياب ٿي سگهن ٿا پر نوڪري مان مطئمن نٿا ٿي سگهن اهڙن کي ٽيسٽ ۾ ويهي اهل نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو ڪو اختيار ڪونهي اهي وڌيڪ پگهار واري نوڪري يا پروموشن جي لالچ تي ڏيڏر وانگر ٽپ ڏئي ڀڄي ويندا ۽ اها سيٽ خالي ٿي ويندي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ الاهي جي ڪيترن سالن ۾ ڀرجي ۽ مستحق سان الاهي جي ڪهڙو حشر ٿئي. 

آخري طبقو اهڙو به آھي جيڪو هر ڪوشش ڪري ٿڪجي پيو آھي ڪو کڙتيل ناهي نڪتو آخري آپشن لڳي ته لئنون نه ته گهرن ڀيڙا اڳئي اهون, اهي ويچارا ڪوشش ڪن ڪاميابي جي ڪا گارنٽي ناهي. 

ايئن به ناهي سچي دل سان محنت ۽ ايماندارنه ڪوشش هجي ته ڪاميابي مقدر بڻجي سگهي ٿي.


6. تقرري:  شھر جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻه علائقه/يونين ڪائونسلز هلڪيون ۽ گهٽ مقابلي واريون سجهميون وڃن ٿيون جيتي پڙھائي ۽ مقابلي جو ريشو ۽ اميدوارن جو تعداد انتهائي گهٽ هوندو آھي جيترو بئڪوارڊ علائقو اوترا وڌيڪ موقعا آھن ان جي برعڪس شھر ۾ ننهن چوٽي جو مقابلو آھي پر ڪجھ خفتي ۽ جڳاڙين پاران ڊوميسائل ۾ ردوبدل ڪري جڳاڙ هٿ ڪري ڇڏيو هوندو جنهن تي مڪامي ماڻھن کي سندس حقن تي لڳندڙن ڌاڙي کي روڪ لاء اپاءُ وٺڻ کپن.


Monday, December 28, 2020

2020 سال جون امتحاني اڳرايون ۽ نوجوانن جون قُربانيون.

 2020  سال جون امتحاني اڳرايون ۽ نوجوانن جون قُربانيون.



ميوارام پرمار



هن سال جي شُروعات کان ئي ڏُکيائين, مُشڪلاتن ۽ امتحاني تباهين جا آثار نظر اچڻ شُروع ٿي ويا, ڏاهن هن سال کي اڳواٽ ئي انتهائي ڏُکيو سال پئي ڪوٺيو, ڪن ڪتابن ۾ به هن ڪرونا وائرس بابت اڳواٽ ڇپجي پڌرو ٿي چُڪو هيو جنهن جا فوٽو سوشل ميڊيا تي پئي وائرل ٿيندا رهيا, ڪن ڏاهن کي چنڊ ۽ سج جي روشني, چوطرف جي هوا جي دائري ۽ سج جي ڌُنڌلاڻ مان پئي پتو پيو ته هي سال اهڙو ھيبتناڪ ٿي سگهي ٿو, بهرحال هي سال پنهنجي شُروعات کان ئي ڪرونا جهڙي ڪرڀناڪ وبا جي ور چڙھي ويو ۽ دنيا جو سمورو ڪاروبار, ڪاوهنوار ۽ پيٿو روڪي ڇڏيو, چُلھ اجهائي ڇڏيا, روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا, چوويھ ڪلاڪ مصروف ترين ۽ جاڳيندڙ شھر به سنسان قبرساتن ۽ پوٺي جو منظر پئي پيش ڪري رهيا هئا, ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ هاڻ وري معمول تي اچڻ ناممڪن هجي, ڪن ميڊيڪل آفيسرن پاران هن وبا کي عام بيمارين وانگر زندگي جو حصو سمجهي ساڻ زندگي گُذارڻ پئي مجبوري سمجهيو, ڪن ته بس اونهاري جو انتظار پئي ڪرايو, ڪن ڇا ته ڪن ڇا ڇا نه پئي چيو پر وبا هر ملڪ ۾ انوکا عبرتناڪ ريڪارڊ قائم ڪندي اڳت وڌندي وئي.

اسانجي ديس ۾ به هن بيماري کي سنجيدگي سان پئي نپٽايو ويو ائين کڻي چئجي غيرمعمولي سنجيدگي جو مُظاهرو پئي ڪيو حُڪومت ۽ ساڃاوندن پاران ۽ مٿان مڪڙن به پنهنجي طاقت جو ڀرپور اظھار ڪيو ۽ ايڪڙن جا ايڪڙ فصل ڀينڳ ڪري ويا ۽ رهيل ڪم برساتي ٻوڏ پورو ڪري ڏنو, ٽي ٽي وبائون بلائون ۽ بيروزگار, بيگهر ۽ بيواس و لاچار بڻيل ويچارا هاري, مزدور, ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ خانگي ملازم سميت هر ماڻھون انتهائر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مدد لاء اُڀ ۾ ڏسي رهيو هو, مون پنهنجي زندگي ۾ هي سال انتهائي خطرناڪ ۽ انسانيت لاء امتحانڪن ڏٺي ۽ جڏھن نظر ڦيرايون سنڌ جي انسان دوست اڳواڻن, نوجوانن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي تي ته سچ پڇو دل انتهائي گهڻو خُوش ٿيو. 

وفاقي حُڪومت پاران دير ئي سهي ڪجھ قدر گهر گهر مدد ملي مطلب 12000 هر ڏھاڙي دار مليا, صوبائي حُڪومت پاران صرف اعلان ئي نظر آيو پر نشان مليا مدد جا انهن ۾ شرمناڪ ڪيفيت نظر آئي هن سال ۾ سياست ۽ پنهنجا نواز پاليسي کان باز نه آيا, انکانپوء جڏهن ادارن جي ڳالھ ڪيون ته ڪراچي جي جي ڊي سي سنڌ ۾ سرسري تي رهي جنهن جي ڪارڪردگي ڍڪي ڇپي ناهي لکن جي تعداد ۾ راشن بيگون تقسيم ڪيون, هزارين ٽرڪون ۽ گاڏيون ڀري غريبن ڏانهن موڪليون ويون ۽ وٺڻ لاء ايندڙن حوالي ڪيون ويون ۽ فيسبڪ فرينڊز فورم سميت سنڌ جي ڪافي ننڊن وڏن ادارن, فورمن ۽ فردن پاران ڪوششون ورتيون ويون پر جڏهن سموري سنڌ جي سڀني ضلعن کي پاڻ ۾ ڀيٽيان ته عمرڪوٽ سمورن شعبن وانگر هن خدمت جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آھي. 

عمرڪوٽ ضلعي خدمت جي ميدان ۾ سنڌ کي ليڊ پئي ڪيو ۽ عمرڪوٽ ضلعي ڍورونارو شھر پئي ليڊ ڪيو سڌي ريت کڻي ائين به چئي سگهجي ٿو ته سموري سنڌ ۾ ڍورونارو شھر جي نوجوانن جو مٽ نه ملندو ڪٿي, هڪ پتڪڙي پر تاريخي, ادبي, ڪاروباري ۽ سماجي خدمت جي ميدان ۾ اڳڀرو رهندڙ شھر هن سال پاڻ مڃرايو پئي آھي. اڳواڻن ۾ فيض محموداڻي, نندلال ميگهواڙ سرفهرست آھن جن جي وڏي ٽيم نظر پئي اچي رهي هئي, عمرڪوٽ ضلعي جي شھر ۾ روحل واء جي پڍن تي حاجي ساند هن اونداھ رات ۾ چنڊ بڻجي روشني پئي ڦھلائيندو رهيو, هزارن جي تعداد ۾ مسڪينن کي ماني ٽڪي جو درجنون ڏينهن تائين مخير حضرات جي تعاون سان پئي بندوبست ڪيو وٽس وڏي ٽيم هئي, عمرڪوٽ شھر ۾ مدن گوپال ۽ گوتم بيراڻي به نوجوانن جي سرواڻي ۾ هيا هنن جي ٽيم سموري سنڌ ۾ آخري وقت تائين امدادي سرگرميون جاري پئي رکيون هيون, شھر جي نوجوانن سورج ماڌواڻي, حنيف راهمون, حفيظ راهمون,  موهت راٺي, موهت نهالاڻي, سريش منراڻي, ڪوير چوهاڻ, تيرٿ ساجن, نرمل ڪمار جهڙن درجنون انسان دوستن پنهنجون خدمتون بخوبي نڀايون ۽ هن امتحاني سال ۾ باقده نڀايو ۽ پاڻ مڃرايو.

هن سال صدي جا رڪارڊ وبائون ۽ بلائون آڻي ٽوڙي ڇڏيا ته سنڌ واسين پنهنجن جي سار لهڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه نظر اچڻ ڏنئون.


سنڌين ساڻيھ واسين جي هن ڏُکي وقت ۾ امداد ڪري انسانيت جو ڪنڌ اوچو ڪري ڇڏيو آھي ته عمرڪوٽ واسين هن ڪم ۾ سرواڻي ڪري هر ميدان وانگر هڪ ڀيرو وري سموري سنڌ لاء مشعل راھ بڻيو پئي آھي, عمرڪوٽ جنهن کي پُٺتي پيل شھر تصور ڪيو ٿو وڃي جنهن جا مجموعي سوچ ۽ قدر انتهائي اعلي درجي ۽ انتهائي سبق آموز رهيا پئي آھن جنهن مان سموري سنڌ کي سکڻ کپن.

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...