او ڇوري
ميوارام پرمار
او ڇوري توکي ڇا چوان
ائين ٽيڙي نه ڪري بيھ چيل ڪري
وات وٽي ۽ ڪري اک آڏي
ائين محور سارو جيل ڪري
حسن تنهنجو پيو هيراڪ ڪري
هروڀرو ڪيو هيرائي گراهڪ ڪري
غريب نه وڃي ڪو ڀيل ڪري
ڇو وار کوليا ٿئي وانڇان وانگي
ڇو ڇاتي پئي ڇلڪائين پئي
سيني تاڻي شاپر وانگر
مردانگي کي للڪارين پئي
نامرد نه ڪوئي وڃي ويل ڪري
حسن سڄو ئي ڀيل ڪري
پاڻي جو ريلو ريلو ريل ڪري
ڪنهن جو ڪرين پئي انتظار اڃان
نڪرين نٿي تون ٻاهر اڃان
جواني پئي جهوٽا هڻي
ڇا سمجهين پئي پاڻ ٻار اڃان
ڪو رانديڪن سان نه کيل ڪري
ڀڃي ڀورا ڪري يا سيل ڪري
وڃ ٽر لڪ ڪنڊ پاسي ۾
متان ماحول سارو ميل ڪري
بدن پيو ٿو بڪواس ڪري
جواني جوڀن جو واس ڪري
سردي جيئن وڌي ٿي پئي
سڏ نه ڪر ائين خاص ڪري
وري نه اچ هت تيل ڦليل يا کيل ڪري
هي جوڀن سارو نه ڪو ڀيل ڪري
وڃ هتان نه شل نه ڪو ويل ڪري


