Meva Ram Parmar

Wednesday, September 16, 2020

ٻوڏ ۽ وڏيرڪو ظُلم

 ضعيف ظفر پاران رعب جي راڻي جي افعالن جا پار پتا


ميوارام پرمار


رات جا نون ٿيا هئا پوٽو منهنجو فيسبڪ پئي هلائي رهيو, ننڊڙي ڪمري ۾ گهر جو ڪجھ عورتون ٽي وي تي ڊرامو ڏسي رهيون هيون, نويلي لاڏي رڌڻي ۾ ماني پچائي واندي ٿي هئي ۽ ٻارن جي سار سنڀال ۾ لڳڻ واري هئي ۽ آءُ سندس پوڙھي محبوبا سان اڱڻ تي حال اوري رهيو هوس ته فيسبڪ هلائڻ واري پوٽي موسم جا حال اوريندي ٻُڌايو ته ڏاڏا هن سال موسمي تباهي شُروع ٿيڻ واري آھي ۽ اڄ رات کان ئي ٻوڏ واري صورتحال آھي مٿين شھر ۽ صوبي جي مٿانهين پٽن کي اڳ ئي برسات ٻوڙي چُڪي آھي.

هڪ گهڙي کن خاموش سان سوچڻ شُورع ڪيم سٽ ۾ گهر جي ڪچين ۽ ٽي سال پراڻين راڳيل ديوارن تي نظر پئي, رڌڻي جي ڪچي ڇت کي اڳ ئي اڏوهي کائي ڇڏيو هو ۽ ننڊڙي پُٽ جي زال اميد سان آھي, وڏو ڀاءُ انتهائي ضعيفي ۾ بستري تي عليل آھي گڏوگڏ ڀاڄائي تازو وفات ڪري وئي جنهن جي ڏک ئي اڃان دلين مان ناهي نڪتو مٿان ڪرونا جي وبا جي جهوري ۽ لنڱ ٽوڙي ڇڏيا آھن. اي منهنجا مولا...!! هن ضعيفي ۾ به ايڏو ظلم, ايڏو ويڌن ۽ پوڙهن هڏن تي ايڏو بار....... ٿڌو شوڪارو ڀري پوٽن کي سڏ ڪيم گهر ۾ پيل پراڻيم ڪٽن جا ٺھيل سڙيل پليا ۽ پراڻيون رليون ڪڍي ڇتن ۽ ڪمزور ديوارن تي رکي ۽ ڪنڊن تي ڪلراٺيون سرون رکيم ۽ هيٺ لهي سوچيندي لوچيندي ليٽي پيس ۽ اک لڳي وئي.

اچانڪ رات جو يارانهن بجي ڳاڄ جا ٺڪا ۽ کينوڻ جا تجلا اهڙا ته خطرناڪ چوڌاري شُروع ٿيا جو ڄڻ زمين اڄ ئي هن وقت ئي ٿي ڦاٽي پوي ۽ اسين سڀ اندر ڳڙڪايا ٿا وڃون بس ڏسندي ئي ڏسندي برسات اهڙي تي رعب ڄمائي جو جل ٿل هڪ ٿي ويو ۽ هر پاسي پاڻي ئي پاڻي هيو, ٻن ڪلاڪن جي مسلسل برسات ڪچن ڪمرن کي گهٽ منهنجي ڪچي ۽ ڪمزور دل کي ويتر ڌوڏي ڇڏيو.

پاڻي برسات جو آھستي آھستي نڪري ويو پر جهُڙالي موسم اُڀ ڏي ڏسي دل وري به ويهي رهي ۽ ڪراچي ڏي ويل مزدوري ڏي پُٽن کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر نمبر لڳاتار پئي بند ويو ۽ اُسر ٽاڻي وري هڪڀيرو تيز طوفائي هوا سان اهڙو جو هوا جو سٽڪو آيو جو هلڪي برسات کي نه طوفان جي شڪل ڏئي ڪمرا اندر ٻاهر هڪ ڪري رليون ٽپڙ سڀ پسائي سيراب ڪري وئي ۽ ڳوٺ جو پٽيل وڏيري جو چهيتو گهر گهر وائڪ ڏيندي اچي پهتو ٻڪري هئي هڪڙي جيڪا لُر ۾ سٽجڻ ڪري سفا سڪڙجي ويهي رهي کير جي نه هئڻ ڪري سليماني چانھ جا ڍُڪ پئي ڀريا جو پٽيل اچي پهتو روئيندي ۽ چار پاڙي جا ڇوڪرا نوجوان به گڏ هيا اهو پئي ٻُڌايو ته ڀوتار رات کان ئي ٻني کان روڊ پار ڪري چار لڳاتار ڊگڊگيون لڳائي پاڻي ڳوٺ طرف پيو ڪڍرائي, ياد رهي ڳوٺ منهنجو ڪلر تي مُشتمل آھي جيڪو ماک ۾ به سيراب ٿيو پوي هاڻ وڏيري کي منٿ ڪرڻ لاء ڳوٺ جي مختلف ذاتين جا پٽيل پڙھيل گهڙيل نوجوان ساڻ ڪري وياسين ڀوتار وٽ ڀوتار مڇرداني ۾ روڊ تي ويٺل هيو سگريٽ مٿان سگريٽ ٽوچن هئا چانھ هو ٿرماس به پاسي ۾ ڀريل هو, پويان اسانجي ڳوٺ جي عورت ۾ انتهائي گهڻي ڳڻتي,مايوسي ۽ بيچيني ڇانيل هئي هڪڙو برسات ٻيو ڀوتار جي ٻني جو ٽيڻو پاڻي ۽ اڳتي واٽر بند, اسين چار پوڙھا پٽيل ڀوتار جي پيرن ۾ اچي ڪرياسين, ڀوتار  سمجهي ويو ۽ حُڪم ڪيو پري ٿي ويو ڊسٽرب نه ڪيو ۽ ڪم ٻُڌايو.

ظفر: قبلا سائين اسين اوهانجي جي ابا ڏاڏن کان هن ڳوٺ ۾ ويٺل آھيون, اوهانجي جيئري جا جاني ۽ مئر جا ڪانڌي به اسين آھيون, هر تهوار توڻي ڏھاڙي تي اسانجي حاضري هوندي آھي ٻارن ٻچن سميت اسانجي وفا جي ساخ ڳوٺ ته ٺھيو آسپاس جا ماڻھون به ڏيندا, براء مهرباني ڪُجھ رحم ڪيو.


ڀوتار: هي ٻني منهنجي ڪونهي هي هارين جي روزي روٽي جو سوال آھي.


ظفر: سائين هارين جا گهر ئي نه بچندا ته ويهندا ڪٿي جو ماني بچائي کائيندا?


ڀوتار: کڻي ڪٿي وڃي ويهن.


ظفر: خاموش ۾ ڪنڌ هيٺ ۽ اکين مان ٻه لُڙڪ لڙي آيا.

ڀوتار: اوهان سڀ ائين ڪيو نڪري وڃو ڳوٺ مان ڪنهن مٿانهين هنڌ تي ويهي رهو.


ظفر: سائين اسان پنجاھ سالن کان به وڌي وقت کان هتي اوهانجي حاضري ۾ آھيون اسان ايتري خلق ڪٿي ۽ ڪيئن راتو رات کڻي ڪيڏانهن ته وڃون?


ڀوتار: سگريٽ پاڻي ۾ اڇلائيندي: پو ڇا مطلب آءُ پنهنجي ٻني کي ٻوڙھي هن واندي ڪُت خلق کي بچايان?


ظفر: اندر ۾ اندر ۾ روئي پيو ۽ سڏڪا هاريندي اٿڻ لڳو.

ڀوتار چانھ پيئڻ شُروع ڪئي ۽ ڊگڊگين جو شور ظفر سميت ڳوٺ جي ٻچي ٻچي جي دل و دماغن ۾ ويهي رهيو ڄڻ ميدان جنگ ۾ توپن جو آواز هجي جنهن جو رخ ڳوٺ جي ڪچن گهرن طرف هجي, اڃان سج پهريان ڪرڻا ئي مس ظاهر ٿيا هئا گهر ۾ روڄ راڙو شُروع ٿي ويو, پاڻي پاڻي پاڻي پاڻي پاڻي پاڻي پاڻي.............گهوڙا ايترو سارو پاڻي.!!


ساجن جي گهر جي ڀت ڪري ٻڪري هيٺ اچي اتي مري وئي, ساجن ڪراچي هيو ۽ عورتون ڇنهي منجھ هيون ڪمرو هو ئي هڪڙو جيڪو تباھي جو منظر پيش ڪري رهيو هو.


ظفر جو وڏو ڀاءُ زال جي وڇوڙي ۽ ضعيفي ۾ بستر تي پيو هو جنهن وڏيري جي ڀاءُ جي موت تي پٽيلن سميت ڏُک ۾ وار, مڇون, ڀرون سڀ ڪُوڙائي ماتم ڪيو اهو به ايترو ڪيو جهڙو وڏيري جو ڀاءُ نه انهن جو پيءُ مو هجي, اهو به ويچاري بستري تي پيل هو جنهن کي ڪنهن به لڪاءُ بابت ڪجھ به خبر نه هئي, ننڊڙي پُٽ جي زال کي نون مهينو هلي رهيو هو انکي وڏي تڪليف ۽ پيڙاھُ ٿي رهي هئي, ڳوٺ ۾ گاڏين, ٽريڪٽرن ۽ رڪشن جو آواز ٿيو سڀ عورتون گوڏي جيتري پاڻي مان گهرن مان ذليل و رسوا ٿي نڪتيون پئي, ٻارن ۾ روڄ راڙو هو, ڌڻ ڪو انڌو ڪو منڊو ڪو لُر ۾ سٽجي سڪڙجي ويل رسي ۾ ڳيلهيل ڪو جوان مٿي ٿي کڻي, ڪو جوان رليون, ڪٽ منجھ راشن ۽ برتن کڻي پئي نڪتو.

آءُ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويهي ڀوتار سان وفاداري جا ڏڻ ياد ڪندي زارو زار روئيندو رهيس, لڙڪ پيئندو اگهندو سوچيندو ۽ وقت ضايع ڪندو رهيس. جوان پوٽا برتن سميت ضروري شيون ميڙڻ ۾ لڳل هئا ٻڪري هاڻ موڪلائڻ تي هئي, حامله نونهن کي ويتر سُور ٿي رهيا هئا, ٻارڙا روئي رهيا هئا ۽ زال وڏي ڀاءُ کي ٽالپوس ۾ لڳل هئي منهجي کيسي ۾ ڏھ روپيه به ڪونه هيا جو رڪشو ڪرائي ڪري ڪنهن وارياسي زمين تي ويهي رهو. بهرحال ٽپڙ ٻڌي وري واپس اچي ويٺاسين.

ٻي پاسي ڊگڊگين جو زور وڌي رهيو هو ته ڳوٺ به لڏي رهيو هو ۽ ڀوتار وڃي گهر سمهي رهيو نڪرڻ وارا نڪرندا ويا ۽ ڪجھ چڱامُڙس گڏ ڪري هڪ ڀيرو وري ڀوتار وٽ وياسين.

ڀوتار ايندي ئي ڏسي ڏند ڪنڪريا ڪندي اهڙي ڇڙٻ ڏني جو اڌ ولر واپس وري ويو, اسان رهيل چار ڄڻن وري به ميڙ منٿ ڪئي, لُوهلهاٽ ڪيا پر ڪو وسليو حيلو ڪم نه آيو نيٺ مايوس ٿي موٽياسين.

اڌ ڳوڌ کالي ٿي چڪو هو ته پاڻي گوڏن کان مٿي ٿي رهيو هو ۽ ڪمرن جي دروازن تائين پهچي چڪو هو, موسميات کاتو ۽ ڀوتار کاتو اڃان ٻوڏ جا اشارا ڏئي رهيو هو. دل سفا ويهي رهي ۽ گهر اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ضعيفي ۽ هن صورتحال سفا جيءُ کي جهوري ڇڏيو مٿان اڌ ڪلوميٽر جو پاڻي وارو رستو ڪيئن ته پار ڪجي بهرحال ٿڙڪندو ٿاٻڙڪندو اچي گهر پهتس ۽ سڀني کي حوصلو ڏئي نڪرڻ جو فيصلو ڪيو, ٻارن کي روڊ تي ڇڏي آيس, جوان پوٽا سامان ضُروري کڻي وڃي پهتا, وڏي پُٽ ۽ ننڊي پُٽ جي زال ٻئي هڪٻئي جي سهاري تي ۽ منهنجي زال ڀاءُ کي سهارو ڏئي اچي پاڻي ۾ ڦھڪو ڪيو ۽ وڏي رڙ ڪئي منهنجي مٿي تي پيل رلين جي ڀري سٽ ۾ اڇلائي انهن کي سهارو ڏنو ۽ پاڻي کان ٻاهر ڪڍيو ۽ آھستي آھستي وٺي روڊ تي پهتس, ٻڪري موڪلائي وئي جنهن جو ڏُک انتهائي گهڻُو انهي ڪري به ٿيو به ابن ڏاڏن جي پاليل نسل منجهان هئي ۽ ننڊڙو ڦر سو کڻي گهر کي تڪيندي اوڇينگارون ڏئي روئيندي پٽ تي ڪري پيس ۽ هُو رستي تي انتظار ڪري رهيا هئا, ڀوتار سان پهرين ۽ ٻي منٿ ياد ڪيم, ڀوتار سان ٻنين ۾ ڪيل ڪم ڪار, وفاداري, نوڪري, هارپو ۽ ڀوتار جا سوين راز عياشي جا دل ۾ رکيل وري اٿلي پيا ۽ گهر جو منظر ته ڪنن ۾ گونجندڙ ڊگڊگين جو خطرناڪ آواز ميدان جنگ جو منظر پئي پيش ڪري رهيو هو, هوش سنڀاليندي اٿيس ۽ اڳتي هلڻ جو پڪو پھ ڪيم پر پير ساٿ ئي نه پئي ڏئي رهيا هئا, دل تيز ڌڙڪي ۽ من ۾ ڦڙڪو وڌي رهيو هو ته ابن ڏاڏن جون يادون ورائي ورائي اچي رهيون هيون, ننڊن وڏن نياڻين ڇوڪرين جون ٻاراڻپ, جواني ۽ پوڙھائپ جون خوشين ۽ غمين جو يادون اٿلي پٿلي من کي ويتر ڪچو ڪري رهيو هيون.

نيٺ دل تي پٿر رکي نڪرڻ جو ارادو ڪيو روئيندي اوڇينگارون ڏيندي آخري نظر سڏ پنڌ تي گهر کي جو ڏٺم الاهي ڇا ته ڏٺم سٽ ۾ پاڻي ۾ ڪري پيس جيڪو منظر روڊ تي بيٺل ڳوٺاڻا ڏسي رهيا ھئا ٽي چار منٽ ۾ پاڻي ۾ رهڻ ڪري آءُ بيهوش ٿي پيس پوء پنهنجو پاڻ کي شھر جي ڀرپاسي وارياسي پٽن تي ڏٺم ٽُٽُل ڦاٽل مڻتي جي ٺھيل جهُوپڙي ۾ جيئن اک کلي ته گهر وارن منهنجي هوش ۾ اچڻ جون هڪٻئي کي ۽ ننڊي پُٽ کي پُٽ ڄمڻ جو مونکي مبارڪون ڏئي رهيا هئا يقينن اهو منظر پراڻن ڏکن کي وسارڻ لاء هڪ وڏو سهارو هو پر اباڻا گهر ته اباڻا آھن ڪٿي ٿا وسرن.

ڏسندي ئي ڏسندي ڳوٺ جا ماڻھون نڪري ويا ڪو ڪيڏانهن ڪو ڪيڏانهن ويو پر اسان اڪيلا غربت مان نڪري اتي پهتاسين, جتي ڪجھ نوجوانن پاران ڀت جي ٿيلهيون پئي ڏنيون ويون انهن مان ڪجھ ڇوڪرن ڦوٽو ڪڍيا ته ڪي ويچارا سڦا سياڻا ڀت ڏيڻ لاء صرف مردن کي سڏي رهيا ته ڪي هروڀر عورتن کي ترجيح ڏئي رهيا هئا ۽ گڏ فوٽو به ڪڍي رهيا هئا, مون زال کان پڇيو ته اتي ڪيئن پهتاسين?

زال: منهنجو سونو ٽڪو ڀوتار کي وڪڻي ڏنو انهي مان ڪرايو ۽ نونهن جو علاج ڪرايو ۽ ماني ٽڪي جا پئسا رکيا آھن.


منهنجي پيرن هيٺ زمين نڪري وئي ڇو جو اهو ٽڪو ٽڪي جو نه هو اهو ڏاڏي کان امان ۽ پوء زال تائين پهتو هيو, شديد ڏک منجهان ڳالھ کي لڪائي ورتي ۽ وري ڀوتار جي ياد آئي هُن جو جابراڻو مڪرو چهرو اکين آڏو تري آيو جنهن نه ڄاڻي ڪيترين نياڻين سان جبرن زناءُ ڪيو ۽ هارياڻين جون عزتون لٽيون ۽ ايترو راز رکندي به ڀوتار کي رحم نه آيو, روئي ڏنم.

پوٽو; بابا روئڻ جي ڪهڙي ڳالھ آ انهي ۾ ڀلائ آ هاڻ پاڻ سهي جڳھ تي پهچي ويا آھيون ۽ اڳتي زمين وٺي هتي گهر ٺاهينداسين.

ها پُٽ, پر گهر ٺاهڻ مسئلور ناهي پر اهي يادون ڪيئن ٿا پاڻ گنڍي سگهون?

پوٽو لاجواب.

زال: بس ابا جيڪو مالڪ جي مرضي.

ظفر جي دل کي اڃان ڪرار نه هيو ۽ روئيندو رهيو حال ۽ ماضي تي.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...