Meva Ram Parmar

Saturday, May 9, 2020

گشتي عورت (ناول) ميوارام پرمار

ٻه اکر


هي ڪتاب سماجي بُرائي جيڪو تعويذ, ڌاڳو ڦيڻو ۽ ڀوپ پائي جهڙي ڪُڌي ڪم ۽ ان سان ڦھلجندڙ سماجي برائين ۽ انجي اثرات بابت انتهائي مختصر ناوليٽ آھي جيڪو حقيقي پنج ان ست ڪهاڻين کي هڪ چند ڪردارن ۾ سمائي بيان ڪيو ويو آھي, هن سماجي برائي کي سائنسي سوچ وارا بلڪل ئي نه مڃيندا اهو انهي ڪري جو انهن کي شايد اهو مرض لڳو ناهي ۽ جيڪر لڳو ته نيوٽن غلط جڳھ تي ويٺل ٽپ ڏئي رڙيون ڪري ڀڄي ويندو. هن بيماري خلاف سوچڻ, ويچارڻ ۽ غور ڪرڻ جي اشد ضُروت آھي  سرڪاري سطح تي وزارت ٺاهي ان جي هيٺ باقائد ادارا ٺھن ۽ ڳوٺ ڳوٺ ليول تي وڃي ان بيماري خلاف وڙھجي نه ته ڪروڙين خاندان تباھ ٿيندا.

ميوارام پرمار

گشتي عورت





ميوارام پرمار

















گشتي ڪنهن زماني ۾ ٻه نمبر يا ٻاهر پيري عورت کي سڏيو ويندو هو جنهن جي ڪم بابت هروڀرو وضاحت جي ضُرورت محسوس نٿي ٿئي تنهن ڪري اڳتي ڪم جي ڳالھ کي ڇڪيونس ٿا.
ڪنهن دور ۾ هڪڙو ڳوٺ هوندو هو جنهن ۾ مختڪف ذاتين ۽ مذھبن جا ماڻھو رهندا هئا جيڪو پاڻ ۾ پيار محبت سان گڏجي سڏجي رهندا ۽ هڪٻئي جا ڏُکيا سکيا ڏينهن گڏ ۽ هڪ ٻئي جي خُوشي غمي ۾ شريڪ ٿي ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هيا پر چوندا آھن نه "ڪنهن جي اچڻ سان ۽ ڪنهن جي وڃڻ سان فرق پوندا آھ" سو ان ڳوٺ جي هڪ نوجوان ڇوڪر جي ڪنهن ڳوٺ ۾ شادي ٿي اُها به ڇوڪر جي وڏي عمر ۾ تمام دير سان ٿي جنهن سبب ڇوڪر بلڪل جنسي طور جهُري چڪو هيو ۽ شادي جيئن ئي ٿي ته زال بلڪل ئي جوان, پُرڪشش, ڦُڙتيلي ۽ وات وڪيل ملي جنهن جي جهٽ نه جهلي سگهيو مُڙس ۽ جلد ئي اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ ڇوڪر پٽڻ لڳي وچ واري کي جنهن شادي ڪرائي هئي جڏهن ته ڇوڪري جو بابا زنده نه هيو ماءُ ئي وچ واري سان ملي شادي طئي ڪئي هئي, برحال زال مُڙس ۾ اختلاف وڏي حد تائين وڌي ويا ڇو جو مُڙس عورت جون جنسي خواھشون ئي پوريون نه ڪري سگهندو هيو تنهن ڪري ڇوڪري گهڻو وقت سهرن بجاء مائٽن ۾ پراڻي سنگت سان گهارڻ لڳي ۽ ڪڏھن ڪڏهن مُڙس ۾ غيرت جاڳندي هئي ته واپس گهر وٺي ايندو هيو ۽ ميڊيڪل ٽوٽڪا آزمائي زال کي خُوش ڪندو هو ته پاڻ واندو ٿيندي ئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهوش رهندو هو ۽ انهي ڪشمڪش ۾ زال انتهائي تنگ ۽ پريشان هئي ٻي پاسي وچ واري کي پٽڻ لڳي ۽ سندس ماءُ به ڇوڪري جي ماءُ هئي ڪٿي گهٽ هوندي چوڻي ضُرور ٻُڌي هوندي ته " گهڙي جهڙي ٺڪري ماءُ جهڙي ڏڪري" سو ماءُ وڏي ڪوشش ڪري وچين ٿوُڻي مطلب شادي ڪرائڻ واري کي غلط ڪمن مطلب تعويذ ۽ ڪاري علم ۾ ھيرائي مارائي ڇڏيو جنهن بابت ڪنهن کي ڪا سڌُ ئي نه پئي ۽ آھستي آهستي وقت گُذرندو ويو زال مُڙس سان گڏ پراڻي دوستن سان به دوستي نڀائيندي رهندي هئي ته مُڙس ۽ سهرن تي ڪُڙڪي پئي هوندي هئي ۽ تنگي ظاهر ڪندي ماءُ کي حُڪم ڪيائين ته هن منحوس مان مونکي اولاد نه ٿئي ڪڏھن سو حمل وارو عمل به ٿي ويو ۽ ماءُ ته وڏي کردماغ هئي تعويذ وٽي اهڙو اڇلايائين جو ٻار ڄمندي ئي گُذاري ويو ۽ وري ساڳيان سُور, صدما, تنگي ۽ پراڻو چڪر هلندو رهيو ۽ ٻيو ٻار به ناني مارائي ڇڏيو ۽ آخرڪار ٽين سال ۾ ڇوڪري يڪي جان ڇڏائيندي سندس مڙس مارائڻ لاء حُڪم ڪيو سو ماءُ ڌي کي چانھ جي پتي پڙھائي ڏني ۽ هُو جڏھن به مُڙس جي چانھ پيئڻ جي خواهش ٿيندي هئي ته اها پتي ملائي چانھ ٺاهي ڏيندي هئي ۽ ائين آھستي آهستي ٻن ٽن مهينن ۾ ماري وڌائين ۽ پاڻ واڳون وارا لُڙڪ هاريندي ڊرامائي صدمو ظاهر ڪندي وقت گُذارڻ لڳي ۽ انهي ٺڳي کي بس هڪ هفتو ئي مس گُذريو ٿي ته نئين ٺڳي من ۾ لڳي ته هتان نڪرجي ۽ مائٽن ۾ ويهجي ڇو جو سهرن ۾ ويهڻ جو هڪ جوان جمڻ جو وڌيڪ مناسب نٿي لڳو تنهن ڪري اتان نڪري آئي ماءُ سان مٺائي کاڌئين خُوشي مان ۽ وقت گهارڻ لڳي پراڻن يارن سان ۽ پنهنجين اڳ ۾ گهر ويٺل وانڍين ۽  ڪنوارين ڀينرن ۽ وانڍي ماءُ سان سندس هڪڙو ڀاءُ سو به هاڻ تعويذي پاڻي پي پي بيغرت ٿي چڪو هو ۽ شادي شده هئڻ ڪري انجي زال به سهراڻي ڌنڌي ۾ لڳي وئي ۽ گهر ۾ روز پيۡھ لڳل هوندي ۽ ماءُ ڳوٺ جي مائرن کي وڏي واتان چوندي هئي ته " نياڻي نه مڃي اصل ڄڀ نه لت سان ڪڍي ڇڏيا, نياڻيون اوهانکي ٿيون ابتيون ورنديون ڏين منهنجون نياڻين آءُ ڳالهايان تڏھن ڪنڌ ڪُچن ۾ هڻي وهنديون آھن  مجال ڪو ٽٽ ڏي" پاڙي جون عورتون سڀ هن کي پٽيلاڻي ۽ چڱي مڙسياڻي ڪري سڏينديون هيون هئي به باڊي ۾ سگهاري ۽ وات وڪيل ۽ سندو مُڙس به هن ڪنڌار مائي هڪ گولي جي عشق ۾ پهرين منڊو ۽ پوء انڌو ڪري کٽ تي ويهڻ لائق بنائي پنهنجي عشق جا داستان هلايا ۽ پوء ان مان جائز ناجائز ٻار ٿيا خبر نٿي پوي ته اهي نياڻي ۽ ڇوڪر ڪهڙو ان گولي ۽ ڪهڙو مرحوم مان آھي برحال مائي هئ وڏي شاتر ۽ خطرناڪ.
تازي بيواھ ٿيل ڇوڪري/عورت جو نالو نيري هو ۽ نيري جا يار تمام امير هئا ڇو جو هئي به ان ليول جي ۽ انهن اميرن سان گڏ محافظ به رات جو ايندا هئا حفاظت لاء سو انهي اچڻ وڃڻ جي چڪر ۾ پاڙي ۾ هڪڙي محافظ جي ڪنهن بي سُري عورت سان سيٽنگ ٿي وئي ۽ هُو محافظ ان ڀوتار جو محافظ هئڻ ناتي فري ۾ چڪر هلائڻ لڳو انهي عورت جو مُڙس وڏي عرض کان بيماري ۾ مبتلا هيو ۽ گورين تي گاڏو هلائيندو هيو سو ان پاڙيسري عورت کي به ٻه ٽي ان محافظ مان ٻار ٿي ويا ۽ اها عورت هاڻ ٻين عورتن بشمول سهرن ۽ پاڙيسرين کي ڌمڪائڻ لڳي ۽ بليڪميل ڪرڻ لڳي ۽ سهري ان کان ڪيترائي ڀيرا موبائل ڪڍيا ۽ سس به ۽ هر ڀيري نئون موبائل هوندو هوس,هڪڙي ڀيري هن امير جي محافظ ۽ سندس يار سان پئي ڪال تي ڳالهايو ته اچانڪ سس انجي سُس پُس ٻُڌي ورتي ۽ ورتي جهڙي ان مهل سهرو به ٻاهر اڱڻ ۾ موجود هيو پر هو مڪمل نشي ۾ جهڙي وٺندي ئي عورت موبائل ڇاتي جي وچ ۾ لڪائي ڇڏيو, ڇاتي جي جهڙي ٿي ته شلوار جي جيب ۾ لڪائي ڇڏيائين  جڏھن شلوار جي جهڙتي ٿي ته عورت بيحيائي جو هڙئي حدون پار ڪري شلوار کولي اڇلائي سهري, سس ۽ پاڙي جي عورتن ٻارن مردن سامهون اگهاڙي ٿي بيهي رهي ۽ دليري منجهان وڪالت ڪندي چوڻ لڳي ته منهنجو مُڙس نامرد آھي نامرد...................!!!!
آءُ پنهنجي يار محافظ سان ٿي ڳالهايان ڪير ٿو روڪي ٽوڪي ڪنهن ۾ همت آھي مونکي هو ٿو فون وٺي ڏي هو ٿو لوڊ وجهرائي ڏي آھي همت ٿُڏا کائڻ جي ته اچي سامهون? سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري هليا ويا ۽ هُو عورت ڪپڙا پائي ٻار وٺي وڃي ٿي شريف ٿي پنهنجن مائٽن ۽ سهرن جي شڪايت ٿي ڪري ۽ الزام ٿي هڻي سهرن تي ڪاري ڌنڌي ۾ وجهڻ جا.

نيري وڏي سيڪسي هئڻ سان گڏ خطرنا ذھن جي مالڪياڻي هئي هر مهيني نوان نوان يار ٺاهيندي فٽائيندي ۽ ڦاسائيندي هئي ۽ پئسو سڀ ماءُ کپائيندي هئي ۽ جيڪي نياڻيون پراڻايائين انهن کي اميرن کان به وڌيڪ ڏيج ڏنائين ۽ جيڪو به پاڙي ۾ مهمان ايندو هو انجي خاطرداري ۽ مهمانوازي ۾ نيري جي ماءُ پنهنجو مٽ پاڻ هئي مهمان جيڪو به ايندو هيو انکي چيڪ ڪري, نفسيات معلوم ڪري انکي جال ڦاسايو ويندو هو ۽ ويل کان ويل مهمان کي سندس پُٽ جي زال سان سيٽ ڪري پئسا ڦُريا ويندا هيا ۽ ائين گاڏي هلندو هو ڻ ٻين وانڍين ڇوڪرين جا الڳ الڳ يار دوست هيا, ياد رهي هي ڪنهن ڪوٺي جي ڳالھ نه پئي هلي هي هڪ عام گهر جي ڳالھ آھي.



نيري پنهنجو پهريون نامرد مُڙس مارڻ ۽ چاليھ يار ڦُرڻ بعد نيٺ شادي لاء راضي ٿي ۽ آخرڪار ماءُ اهڙو وانڍو مُڙس هٿ ڪيو جنهن سان شادي ڪرائي نيري جي, شادي نيري جي جنهن مُڙس سان ٿي چڪي هئي انجي اڳين زال مان ٻه پُٽ هئا جيڪي خانگي ڪمپني ۾ وڏي پگهار تي الڳ الڳ ڪم ڪندا هيا, نيري جو نئون مُڙس به هاڻ پوڙھو جهور ئي هو پر نيري جي عمر اڃان ٽيهارو کن هئي نيري کي به ڪجھ احساس ٿيو گهر ٻار جو, گهر وسائڻ ۽ پيڙھي وڌائڻ جو پر عادت جي مجبور هئي سو پوڙھي مُڙس بجاءُ ڳوٺ ۾ ايندي ئي سخاوت شُروع ڪئي ۽ جنهن کي ڪو به هٿ ته ٺھيو منهن ئي نه لڳائيندو هو نيري ان تي مهربان ٿي ۽ ڳوٺ ۾ ورڪ تيز ڪيائين لڳ ڀڳ پوري يونين ڪائونسل کٽي ايترا ووٽر تيار ڪيائين جيڪي اشاري تي سر ڏيڻ تي تيار هيا ڇو جو نيري بلڪل سنگت ۾ ڪم ڪيو نڪو پئسن عيوض ٻي پاسي پوڙھو مُڙس آھستي آھستي پٽيلي مان فارغ ٿيندي بيمار ٿي مري ويو انجي وچ ۾ نيري کي ست ڇوڪرا ڄاوا جيڪي ست ئي نڪما, ناڪاره, بيڪار ۽ ناهل هئا خبر ناهي ڪير ڪنهن تي ويو ڇو جو مُڙس ته هڪڙو هو پر يارن جو وڏي لسٽ هئي جيڪو ايم ايس ايڪسل ۾ به سرچ ڪندي به نالو نه لڀي سو ڊي اين اي ئي واحد والد ڳولهڻ جو رستو هيو.
نيري جي ماءُ به هاڻ جهُور ٿيڻ تي هئي ۽ ڪامريڊي مان هاڻ بلڪل ئي تعويذ جي ڪري خوف پيدا ڪري ويٺي هئي ڳوٺ ۾ ۽ پُٽ جي زال سميت سڀئي وانڍيون نياڻيون يارن دوستن سان ڀڄي ويون هيون ۽ نيري جي ماءُ ۽ پُٽ اڪيلا گهر ۾ رهيا پئي ۽ تعويذن وسيلي گهر هلائيندا ۽ جهان پاڻي ڪندا هئا.

فحاشي ۽ تعويذ جي جهان ۾ نيري ۽ سندس ماءُ جي وڏي هاڪ هئي ۽ ماڻھون ڊڄندا به هيا متان ماري يا کاري نه وجهي ۽ ويجها به ايندا هيا ته متان رهجي نه وڃون, ٻنهي ڪيفيتن ۾ ماڻھون ايندا ۽ ڊڄندا به رهندا هيا, نيري جي ماءُ جو نالو شيلي هو ۽ شيلي آخر ماءُ هئي سو ڪٿي گهٽ هوندي شيلي وٽ هڪڙو ڪيس کڻي فرد آيو ۽ چوڻ لڳو ته "ان شخص کي هڪڙي ويجهي عزيز کي ذليل و خوار ۽ ڪنگال فقير ڪرڻو آھ بس شيلي ان فرد جو انا ۽ دُشمني وارو مامرو حل ڪري" شيلي ڳالھ سمجهي وئي سو يڪدم ڳاڙھي رنگ نه پر رت واري بوتل لاٿائين اها بوتل "ڇوڪري جي پهرين ماهواري سان ڀريل هئي جنهن تي ڪاري علم جي پڙھائي سان خطرناڪ ڪاروجادو ٺھي سگهيو ٿي" اها بوتل کڻي ڪجھ پڙھائي ڪري, ڪاغذ ۾ ويڙھي فٽڪي ڏنائين جنهن فٽڪي جيڪي اثر ڏيکاريان جيڪو ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ سان رون ڪانڊارجيو پون ۽ حواس خطا پيو پون, ان فرد جو دُشمن بلڪه انجو سڳو سئوٽ جيڪو رت جون الٽيون, دست ۽ بدن سڄي ڳاڙھو ٿيو ۽ ڏينهن رات کٽون کڻي هڪڙي هٿ سان پيو اڇلائي ته ذر روئي ۽ ذر وڏا ٽھڪ پيو ڏئي ۽ ڀوت ڀوت جن جن جون رڙيون ڪريون راڄ اٿياريو ڇڏي, ملڪ جي سڀني حڪيمن, طبيبن, فقيرن مڙني وٽان ٿي اچڻ باوجود به ڪو کڙتيل نه نڪتو ۽ مُڙس جو ساڳيون حال بدستور رهيو ۽ ڪو فرق نه پيو اچي ڪيئي ڊاڪٽر پنڊت آيا ويا ڀوپا آيا کوپا آيا ويا ذرو به فرض نه پيو آخر نيري جي ماءُ شيلي جا هٿ لڳل هوس ڪهڙو فرق ۽ ڪيئن پوندو.
مُڙس جا مائٽ شيلي جو ٻڌي ان وٽ ويا ۽ شيلي ٺيڪ ڪيو ان مُڙس کي خبر ناهي ڪهڙو علاج ڪيئن ڪيو برحال مُڙس مري بچي ويو, اهڙا کوڙ سارا قصا ڪهاڻيون آھن شيلي جي شودپائي جا ۽ نيري نڀاڳي نه ماءُ جي ماءُ نڪتي جو پنهنجو ٻيو مُڙس به وڏي مڙسي سان ماري وڌائين ۽ ڌاڳي ڦيڻي سان مُڙس جي اڳين زال مان ڪمائيندڙ پٽُ قبضي ۾ ڪري ڇڏيائين.


نيري ڏسڻ واسڻ بلڪل شريف ۽ نهايت سلڇڻي هوندي ۽ شام جو روز اڳربتيون ڪندي هئي خبرناهي ڪنهن لاء پر لڳي پئي هوندي هئي الڳ ڪمري ۾ سو شرافت ۾ فحاشي جي عادت کي پوري ڪندي وئي ۽ ڀاڻيجا/مُڙس جي اڳين زال جا ٻئي ڪمائو پُٽ وس ۾ ڪري انهن جي ڪمائي تي نت نوان وڳا, جتيون, سند ٻارن لاء ساڳيون شيون وٺندي رهندي هئي ٻ سير سپاٽي سان گڏ سنگت پڻ سرچايو ويٺي هئي.
ڪمائو ڀاڻيجا اهڙا ته بيوس لاچار ۽ ذھني طور يرغمال ٿي ويا جو نيري سندس ماسي خلاف ڪو هڪ لفظ به برداشت نه ڪندا هئا ۽ انهن جي ذھن ۾ سندس ماساتن/پي جي پوئين زال جي اولاد يا نيري ماسي جي ڪردار ۽ سستي خلاف اُڦ به ڪندا ۽ نه ئي ڪا سوچ ذھن ۾ ايندي هئي آڙي پاڙي, يار دوست ۽ ناناڻا سمجهائيندا هيا اهي يار ٻئي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا هئا مطلب ڊني ٿي ويا ۽ انهن جي ڪمائي تي پورو گهر ۽ نوجوان ماسات حرام کائي کائي پئي سُڄيا ۽ ماسي عياشي ۾ پوري هئي ته پاڙي ۾ تعويذ ۽ ڪاري جي علم جي ماهر هجڻ ڪري آهستي آهستي سڀ ڊڄڻ به لڳا.


ڪجھ سال گُذرڻ بعد وڃي ڪنهن سُٺي گهر ۾ ڪمائوُ پٽن جي شادي ٿي ۽ ٻئي ڀائر سامهون ٻن ڀينرن سان پرڻي ويا ۽ هڪڙي ئي گهر ۾ شادي ٿيڻ ڪري وڏو خرچ بچي ويو ۽ نيري وڏي خطرناڪ تي اڳئي هئي ته ڪٿي ٿي گهٽتائي ڪري زالن کي گهر پهچندي ئي پاڪ پاڻي ۽ روايت جي نالي تي اهڙي شئي پياري ڇڏي جون ڪلاڪ اندر باقائدڀ اثر ظاهر ٿيو ۽ نيون نويليون زالون سس جي پيرن ۾ اچي ڪريون ۽ سلام ڪرڻ لڳيون, سس نيري جي خاطرداري ۾ هر وقت لڳيون پيون هونديون هيون ۽ ماني ٽڪي ڪاٺي گاھ مال وغيره جو ڪمال اشاري کان اڳ مڪمل ملندو هيو نيري جي وڏي لئي ٿي وئي جو نهن جي روپ ۾ ٻه ٻه نوڪرياڻيون ملي ويون.


نيري کي هاڻ وڏو وقت/وقفو ملي ويو ساهي پٽڻ, گھمڻ ڦرڻ جو سو موقعي ملندي ئي وئي ماءُ شيلي وٽ ۽ شيلي وقت گهارڻ لاء نئين ڳوٺ ۾ نئون يار ٺاهي ويٺي هئي, شيلي ان ڪري اصل ڳوٺ ڇڏيو جو انجي ئي سندي ڌي پاڙيسري سان غيرمهذب طريقي سان پرڻو ڪري ڀڄي وئي هئي ۽ انهي غيرت شيلي جي سيني ۾ وڏا گهاءُ وجهي ڇڏيا هيا.
نيري ڇا ڏسي سندس ماءُ نئين شخص سان ستي پئي آھي ۽ نيري ڪجھ انتظار ڪيو ۽ شخص نلڪي تي هٿ ڌوئي واپس شيلي سان گڏ ويٺو رهيو ۽ نيري مٿي ٺڪ ڪيو ۽ اهي ٽئي هڪ ٻي جي تعارف ۽ ڪچهري ۾ لڳي ويا ۽ اچانڪ  پاڙي مان ڪو شخص آيو شيلي جي يار کي چوڻ لڳو ته هُن جي ڌي مري ٿي انجي لاء ڪو ڌاڳو ڦيڻو ڪري, شيلي جي مُڙس چيو ته هُو وڃي ڏھن منٽن بعد اچي ڌاڳو تيار هوندو ايتري ۾ هُو شخص به ويو هليو ۽ اهي ٽئي ڪچهري ۾ لڳي ويا ۽ شخص شراب پيئندي نيري طرف گهُري ڏسي رهيو هو ته ڏھ منٽ به منٽن ۾ گذري ويا ۽تهُ شخص به اتي پهتو ۽ چيائين سائين منهنجو ڌاڳو?
يار چوڻ لڳو: بابا اوهان ان جا داڻا ست ڀيرا ڇوڪري جي مٿي تي ڦيري چوواٽي تي اڇلائي ڇڏيو, ڀلو ٿيندو سڀڪجھ جلدي نياڻي کي ٻار ڄمندو.
شخص: بابا نياڻي اڃا ڪنواري آھي.
ٽئي لاجواب ٿي کلڻ لڳا ۽ شخص ٿيو روانو.



نيري خُوشحال ئي پر نڀاڳي جو مال ۾ نڪو شوق هو نڪو نصيب پر کير, مکڻ لسي ۾ وڏو چاھ هيو پر ڪري ته ڇا ڪري آخرڪار سڌ سُجهي نيري کي جو پاڙي ۾ هڪ گهر ۾ مينهن پاليل هئي ۽  نيري جي اک پهتي وڃي نيري تي ته نيري اهڙو جو وارو کنيو جو مالوند دنگ رهجي ويا, نيري ڌاڳو تيار ڪري اهڙي ريت ان مينهن جي کونٽي ۾ ٻڌو جو ٻيو ٿيو خير مالوند مينهن ڏوهي جيئن ئي ولاڻو ڪن ٿا مکڻ اچيو وڃي نيلي جي گهر ۽ انهن جي ماٽولي ۾ بچي وڃي لسي ۽ جڏھن کير کپي ته نيري کير به ائين ئي گهرايو ڇڏي.
اهڙي ريت نيري وڏي خُوش ۽ مالوند ڏاڍا حيران رهجي ويا  نيٺ تنگ ٿي لڏي ويا ۽ نيري نڀاڳي به وئي رهجي ڦڪي ٿي.


نيري جا ڇورا به آخر وقت وٺي وڏا ٿيا ۽ شادي لائق ٿيا ۽ نيري نالائق ۽ فحش هئي جو ڇا ڪري نيٺ شاديون ڪرايائين سڀني جون الڳ الڳ ۽ اهي نيون ڇوڪريون آيون سهرن نيلي جي اوٽي تي ۽ ڪجھ ئي وقت ۾ مُرغي فارم کليو نيلي جي پُٽن کي پُٽ ۽ ڌيئرون ڄايون ۽ ولر پيدا ٿي پيو گهر ۾ رزو اسڪول واري حاضري لڳندي هئي صبح شام ناشتي منجهند ۽ رات واري ماني تي ۽ وڏو ويڌن تڏھن جڏھن اهي سڀ هڪ ئي وقت ٻاهر ويندا هئا ته پيري پويا لڳائي سڀ ڀيڙا ڪبا هئا.
پر افسوس هن ڳالھ جو ته نيري جي ٻن ڪمائو ڀاڻيجن/مُڙس جي اڳين زال جي ڇوڪرن جو اڃا ڪو اولاد نه ڄائو ۽ انهم جون زالون نوڪرياڻيون ٿي سڄو ڏينهن سڄي رات پيون گهر جو ڪم ڪار ۽ ٻي پاسي ناڪاره ڇورن جو لُوسي عورتون ڪنهن وقت پيٽ ته ڪنهن ٻيو پاسو سڄايو ستيون پيون هونديون هيون.







ڪمائُو پٽن وانگي سندس زالن جي ذھنن ۾ ڪڏهن ڪو سوال نه پيو اڀري, ڪا سوچ نه پئي پيدا ٿئي ۽ آخر ٿئي به ڪٿان نيري اهڙا ڌاڳا ڦيڻا ڪيا آھن جو ٻيو ٿيو خير.
ٻئي پاسي ڪمائو پٽن کي سندس دوست ڀڙڪائڻ لڳا پر ٽڪو لهن هڪ ذرو به فرق نٿو پوي.
بس ڪمائو پٽن جو ڪموريون زالون پيون گهر جي رڌ پچاء جو ڪم ڪار ڪن ته ناڪاره عورتن جي ٻارن جي هنگ مٽ وارا ڪپڙا ڌوئم ۽ ھُو هڏحرام حرامخور مڙسن وانگي ستيون ستيون پيو سيٽيون هڻن رڳو لت آ ويامڻ تي.
ڪڏھن ڪڏھن ٻئي ڪاموريون عورتون پيون روئن رت جا ڳوڙھا پنهنجي اولاد جي نه هئڻ, ننڍين جي طعنن, ڀوتانن ۽ تهمتن کي ياد ڪري, پيون پنهجن مائٽن کي ياد ڪن ۽ وري رويو پون ويچاريون سڏڪا ڀري ڀري ڀري ڀري روئي رئي سمهيو رهن ابتي ٽاڻي ته وري مٿن سست عورتن جا طعنا سهڻا پون, بس انهن اڀاڳين جي حياتي ائين پئي گذري ۽ زال سان گڏ مُڙسن جا به هاڻ ٽپڙ پورا ٿيڻ تي ٻئي ويچارا ويچار جي ڳڻتين ۾ ڳرڻ لڳا ۽ جهُرڻ لڳا ته نيلي نوابڻ ٿي پئي هلي لٺ جي ڇيھ رکي ڪمائو پُٽن ۽ زالن کي ته ٻئي پاسي بيائي جاري آ ۽ سندس پٽن ۽ زالن کي پيار ڪندي.



نيري جي ڀيڻ نيلي جيڪا سڀني کان وڏي هئي سان بلڪل سڀني کان وڏي هئي پر فحش نه بلڪه ڪاري علم ۾ ۽ ڪارن ڪرتوتن ۾ جنهن پنهنجو اصلي مُڙس ڇڏي ٻئي دوست سا ياري نڀائي هئي ۽ نيلي واقعي ماچس جي تيلي هئي ۽ وڏي ڦُڙتيلي هئي جنهن نئين يار سان گڏ ايندي ئي ڌاڪو جمائي ڇڏيو, پنهنجي يار کي جنهن بيواھ سڳي چاچي پاليو هو انجي پُٽ تي ڪارو علم ڪري انجو اولاد بند ڪري ڇڏيو ۽ گهر ڀوتن سان ڀري ڇڏيو, پنهنجي يار جي سڳي ڀاءُ جو پُٽ به مارائي ڇڏيو ته يار جي سڳي ڀيڻوئي کي سفا چريو ڪرائي ٻڌرائي ڇڏيو جيڪو ويچارو پنهنجي دور جو وڏو پٽيل ڪامريڊ ۽ انجي ڳالھ کي باقائده مڃيو ۽ ٻڌو ويندو هيو سي سڀ ڪم نيلي ڪرايا اهو به پنهنجي مُڙس جي هٿان ۽ يار سندس شاگرد هيو ۽ يار وڌيڪ ڇتو ٿي پيو ڪافي ڀيرا ڀوپن کان پڪڙجندي پڪڙجندي وٺي ڀڳو ۽ وڃي سڳي چاچي کي ڏٺئين ته آرام سان مري پئي سو انجا ڀ احسان جنهن پنهنجي لخت جڳر ڌي بڌي ۾ ڏئي پراڻيو ۽ اسڪول, ٻني ٻارو ۽ شادي جو خرچ هٿن سان ڀرت ڀري پورو ڪري اهل ڪيو انجي زندگي ۾ زهر ڀرڻ لاء اچي يار تيار ٿيو ۽ ابتا سبتا ڦيڻا هڻي مرندڙ چاچي کي بستري تي ويتر ماري رهيو هو.


نيلي جو جيڪو اڪيلو ڀاءُ هيو نيل اهو به وڏو خفتي هيو انهن ڪمن ۾ جنهن وٽ پنهنجي مرحوم ڀيڻ ڀوتڻ طور قيد ٿيل هئي ۽ هو پنهنجا سمورا ڪم ان کان ڪرائيندو هو ۽ ھُو ڀوتڻ بڇيندو هو آڙي پاڙي وارن ۽ خاص ڪري عزيزن کي جيئن اهي شڪ نه ڪري سگهن پر ماڻھن کي پڪ هئي سو انجون جوان ست ڌيئرون ائين ئي وڏيون ٿينديون ويون مجال آ ڪو شادي لاء نياپو کڻي اچي ۽ ڪو تيار ٿئي ۽ ڇوڪريون يار دوست تڪڻ ۾  پي ڀوتن جي چڪر ۾.


نيري جي ڪمائو پٽن/ڀاڻيجن کي يارن وستن ورغلائي ڇتو ڪري ڇڏيو هو سي ڪنهن فقير وٽ اهڙو ڌاڳو ڪرائي آيا ٻ ٻڪر به قرباني جو گهر بيهاريو جيڪو اولاد ٿيڻ بعد قربان ڪبو ۽ نيري کي اچي وئي اصل ڦيري ۽ ان هيراڦيري اصل ڪري ڇڏيو نيري کي ڍيري ۽ هاڻ ڇا ته ڪري اولاد جيڪر ٿي پيو ته هن جا نااهل ڇورا ڇا ته کائيندا ڇانگن سميت ۽ رنون به رلي وينديون سو پريشاني ويتر وڌي وئي ۽ نيري سوچ ويچار ۾ يار ڇڏي ڏنا ۽ ڌاڳي ڦيڻي تي زور ڏيڻ لڳي پر ٻڪر کي ڏسي ته ڦيري اچيو وڃي, ٻڪر کي پڙھائي پاڻي پياري ته ٻڪر پيئڻ بجاء ان ۾ مُٽيو ڇڏي ۽ پيئي ئي نه, گاھ پڙھائي کارائي ته ٻڪر مٿن تيڪيو ڇڏي يا مُٽيو ڇڏي, انهن ڪشمڪش نيري کي اهڙي پريشان ڪئي جو نيري جي ننڊ ئي حرام ٿي وئي ۽ هوڏانهن وڏيون نونهون ٻئي پيٽ سان ٿي ويون ته آھستي آهستي ڪمائُو پٽن جي چال چلت ۾ به ڦيرو ڏسڻ ۾ آيو جنهن نيري کي نيرو آسمان ڪارو ڏيکاري ڇڏيو.
نيري اڳي جڏھن وڏن جي اولاد جو ذڪر ايندو هيو ته گڏ ويندي ۽ هر دوا ناڪاره بنائي ڇڏيندي هئي سو وڃڻ ئي بيڪار ٿي پوندو هيو پر هن ڀيري نيري پاڻ بيڪار ۽ بي يارو مددگار ٿي پئي.




ٻي پاسي شيلي جي شودپائي ۽ حرامپائي عروج تي هئي ۽ شيلي وٽ هڪڙو وحشي فرد پهتو ۽ چيائين ته هُن کي ڪنهن دُشمن جي ڀينگ ڪرڻي آھ سو شيلي جو ڪم ي اهو ئي بچيو هو سو ڪيئن گراهڪ ڇڏي ڏي تنهن ڪري انجو مسئلو غور سان ٻڌي حل ڪڍي روانو ڪيائين ۽ اڳتي ڇا ٿيو جو ام فرد جي ٽارگيٽ واري گهر ۾ اچانڪ هڪ نوجوان عورت آڌي رات هڪ لڳي هڪ منٽ تي ڪنهن پُراسرار بيماري ۾ وڪڙجي وئي جيڪو گهر ڊاڪٽر بجاء ڌاڳي ڦيڻي تي وڌيڪ اعتبار ڪندو هيو ۽ اهي مريض عورت کي وٺي پهچن انهي کان اڳ اها عورت موڪلائي چُڪي هئي ۽ اشنان ڏيڻ وقت ڇا ڏسن ته مرده عورت جي گلي ۽ ڇاتي مرد جي هٿن جا نشان واضح پيل آھن اها شئي گهر ڀاتين تي اهڙي پريشاني ۽ صدمي واري گُذري جو اهي هڪ پل لاء به ننڊ يا سڪون سان رهي نه سگهيا, ايتري ۾ ڪال آئي ۽ ڪال کڻي جيئن انهن سماچا پڇيا ته ورندي ملي ته ايندڙ اٺيتالھ ڪلاڪن ۾ ٻه ٻيا ماڻھون مرنده گهر ۾ جنهن ڪال باقائده بيهوش ئي ڪري ڇڏيو, سوچ ويچار, حيراني ۽ پريشاني مان ننڊ ۾ ستا ته رات جو ٺيڪ ساڳين وقت هڪ لڳي هڪ منٽ تي انهي گهر جي نياڻي مري وئي اهو مامرو ڏسي گهر وارا ويتر ڏُک, غم حيراني پريشاني ۽ شديد خوف ۾ وڪڙجي ويا ۽ ڇا ڇا ٿي رهيو آھي ڪير سوچ و گمان ۾ به نٿو رکي سگهي, برحال انکي دفنائي آيا ته واقعي ساڳين وقت ٽين رات جو ٺيڪ هڪ لڳي هڪ منٽ ٽين لاش, هڪ ٻي ڇوري گُذاري وئي, انهي صدمي گهر ۾ روج راڙو برپا ڪري ڇڏيو, پاڙي, ڳوٺ ۽ عزيز مائٽن کي حيران و پريشاني به خوفزده ڪري ڇڏيو ته وري ساڳين نمبر تي ڪال آئي ۽ ڪال ۾ آواز آيو ته اڳين ڀيري گهر جي مالڪياڻي ويندي پر مالڪياڻي ڪنهن اينگل ۾ طاقتور هئڻ ڪري بچي ته وئي پر وڏو نقصان کائي, وڏو عرصو بيمار رهڻ کانپوء برحال ساڳين نمبر تي ڪال ڪري جڏھن پڇا ڳاڇا ڪئي ته پتو پيو ته گهر جي ڪنهن ڪمري ۾ هڪڙي گارڊر ۾ ڪارا ڌاڳا پيا آھن انهن کي پاڻي ۾ لوڙھي ۽ ڪو پاڻي پڙھايل هيو سو ڪنهن مخصوص هنڌ تي هارڻو هيو پورا ست ڏينهن ساڳين آڌي رات واري وقت تي, سو ڏسو اوهان شيلي جون شودپايون ڪٿي پئي گهرن جا گهر ۽ عزيزن کي ٿورن ڏوڪڙن عيوض وڙهائي.

شيلي جو پُٽ نيل به وڏو خفتي هيو جيڪو ساڳين ڪم ڪار ۾ اڳتي هيو تنهن جي به وڏي هاڪ هئي هر ننڊو وڏو امير غريب ان جي حاضري ڀرڻ ايندو هيو سو هڪ ڏينهن انڌو اعتبار ڪندڙ هڪ سرمائيدار جو پُٽ اتي پهتو جنهن کي بخار سٽي سٽي سڄائي ڇڏيو هيو سو نيل نمونو ڏسي اچي ٿو پئسا ڦُري ۽ ڪافي ڏينهن هلائڻ کانپوء هٿ ڪڍيائين ۽ ڪيائين ڊاڪٽرن جي حوالي جيسين ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ اهو همراھ به ويو موڪلائي .


هن پاسي نيري جي اک نيري ٿيڻ واري هئي جو ڪمائُو پٽن جو اولاد ٿيڻ وارو هو ڪنهن ڪرامتي بابا جي ڪرامت بدولت سو نيري ويچاري پريشان هئي هاڻ نيري جو وس نه پئي هليو هاڻ چاهيو ته ڪو حل ڳولهجي بس ڪجھ وقت گُذريو انجي وچ ۾ هرڪو نيري کي وڏن پوٽن جي اچڻ جون سڀڪو اڳواٽ مبارڪون ڇا ڏين نيري جون اکيون ڇتي ڪُتي ۽ ٻُوٿ تي ٻارانهن ٿيو پون ڄڻ مبارڪون نه ڳاريون ۽ ڏنيون هجن برحال نيري کي ڪال آئي هُو ڀڳي ڀڳي ڀڳي ۽ ڪال کنئين ته آواز آيو مبارڪون هجن تون ڏاڏي ٿين وين بس اهو ئي ٻڌڻو هو نيري کي ڪال ڪٽي نيري ٻڪر کي مارڻ جي نيت سان اڳتي ڇا وڌي ٻڪر اهڙا ته سڱ هنيا جو نيري جو رت ڪُتا نه چٽين ۽ نيري هاڻ پريشان ٿي وئي ۽ اسپتال وارا گهر پهچن انهي کان اڳ رڦوچڪر ٿيڻ جي چڪر ۾ هئي سو نيٺ ڪنڌ ڪڍائي انهي ڀاڄوڪڙ عشق جي ماريل ڇوڪري جي اخباري بيان مطابق ٻن ڪپڙن ۾ ڀڳي اڌي شيلي ماءُ وٽ اچي پناھ ورتائين ۽ ڪامورا ويچارا اولاد ۽ زالون وٺي گهر آيا ۽ خُوشي خُوآي گهر رهڻ لڳا ۽ ھڏ حرام ڀائرن ۽ ڀاڄائين کي به سڌو ڪيائون پر ڪم تي لڳايون ۽ احترام سان هليا پر ڀيد جيڪو لڪيل هيو نيري جي نموناگيري جو سو فاش ٿي پيو.

هاڻ نيري, سندس ماءُ شيلي ۽ شيلي جو نئون يار جوشيلو سڀئي گڏجي رهڻ لڳا ۽ انهي ڪاري ڌنڌي ۾ ڌُوم مچائڻ لڳا, هڪ ڏينهن انهن وٽ اهڙو حاسد, ساڙُو ۽ لالچي ماڻھو آيو جيڪو مفت ۾ پرائي دولت تي ڇتو ٿيو پئي هليو ۽ چريو ٿي ويٺو هو پرائي مال تي سو پنهنجي ويٺو سموري آکاڻي ٻڌائڻ ۽ انهن ٽنهي پئي آکاڻي غور سان ٻڌي ۽ سمورو مسئلو هڪ پل ۾ حل ڪرڻ جو چيو ته مُڙس هوا ۾ ڦانگرجي ويو ۽  جلدي حل ڪرڻ جو چيو برحال مسئلو هوندو ئي حل ٿيڻ لاء آھي پر طريقا کوڙ آھن هن فرد اهو ابتو طريقو ڳولهيو ۽ وٺي علاج نڪتو اڏي کان ۽ سڌو پنهنجي گهر پهتو ۽ سڄي وارتا ڪيائين سندس زال سان ۽ زال سمجهي وئي ۽ اڳتي عمل ڪرڻ لاء ڇتي ٿي پئي ۽ وئي سڌي سڌريل پڙھيل لکيل گهر ۾ ۽ نلڪي ۾ پڙھايل پاڻي جا چار ڦُڙا, ٽانڪي ۾ چار, مينهن جي اُلٺي ۾ چار ۽ چار ڦُڙا دروازي تي ائين ڪري نڪري آئي انهن سان ڪچهري ڪري.
بس باقي ڪم انهي پاڻي کي ڏيکارڻو هيو سو واقعي ڪري ڏيکارين ۽ پيو روج راڙو ۽ گهر ۾ قهرام مچي ويو, جن ڀوتن جو اڏو لڳي ويو مايون ٿيو اجهو مرن, ذر ماين جا ذر مڙسن جا پاڇا پيا ڪڏهن هن پاسي ته ڪڏھن هن پاسي سفر ڪن هوا ۾ اڏرن,  گهر جي ڪا ڪنڊ ناهي ڇڏي جتي پاڇا نه لڀن گهر جون سڀئي عورتون پريشان مُڙس سڀ وڏين وڏين يونيورسٽين ۽ وڏن وڏن بين الااقوامي ادارن ۾ ڪم ڪن سو پيا سائنسي علاج ڏسن, الڳ الڳ منطق گنڍين, پيا نيوٽن جون ڳالهيون کولين پر گهر جي ماين جو ساھ ٿو وڃي, عورتون ڀوپو ڀوپو ڪن ته مرد پيا سائنس جهاڙين, هتي جن ڀوت به پريشان ته هي پاڻ ۾ ٺهي وٺن ته آءُ اڳتي وار ڪريان برحال دلير جا پُٽ اهي به اچن گهر نه پيا فونن تي چون ڪجھ ڪونهي سڀ ڪوڙ آ ڪوڙ ۽ چاچو پوڙھو جيڪو پيو هوندو آ چارئي پهر کٽ تي انهي کي ڪجھ نه سجهي ته مسئلو حل ڪري.

ڪٿي آهن جن ڀوت? ڪهڙا تعويذ? سڀ ڪوڙ ۽ ٺڳي آ بس ڪجھ ڪونهي,ويٺي ستي اوهين مايون کائي هاڻ چريون ٿي ويون آھيو, لڳي ٿو هاڻ اوهانکي ٻني ڪرائڻي پوندي ۽ ٽي وي وڪڻڻي پوندي سڀ هڏحرام ٿي ويون آھيو, هاڻ سمجهي ويا آھيون هوڏانهن ويچاريون عورتن ويتر پريشان, سائنس کردماغ ڪري ڇڏيو آ انهن کي ته مڙس ٿو ڪاوڙجي اڙي چيو نه ڪجھ به ڪونهي بس وهم آ وهم, ڏينهن جو ڏسو ڊراما ۽ رات جو اچين ڦيريون هي نفسياتي بيماري آ مينٽل ڊس آرڊر باقي ڪجھ به ڪونهي ۽ مايون مرڳيون ٿيون مرن بس ساھ ٿو نڪري.
وڏو وڏو ڀاتي لاجڪ سان سمجهائيندي امان جيڪر ماڻھون واقعي جن ڀوت ٻ تعويذ گڏ کڻي هلن پيا ته ٻڌا اسان وٽ رکيو ئي ڇاهي سواء هڪ ٻن لکن جي? ڇا سوچي اهي وار ڪندا? ڇو ته ڪندا? هيڏانهن ملڪ جا سياستدان, سرمائيدار, ادڪار, رانديگر ۽ سوين ڪاروباري ماڻھون ڪروڙين ارب پتي ويا مري هي تعويذيا آيا آھن سڃن وٽ عيد ڪرڻ امان تون به ٻڌا تون وڏي آھين.
امان ويچاري پراڻي زماني جي عورت: پُٽ هي دولت جي ڳالھ ناهي هوندي هي هوندي آحرص ۽ دُشمني جي ڳالھ بس وير وٺڻو هوندو آ وڏا ماڻھون انهن ٽڪي جي ماڻھن جي پهچ ته ٺھيو انهن جي سوچ کان به پري آھن سو نٿا پهچي سگهن اوهان اچو هلون ٿا ڪٿي, برحال ڳالھ ٿي گولمول احترام ۾ ڳالھ اڻسمجهي ڪري ختم ڪئي پُٽ آيو ۽ جڏھن لڪاء ڏٺو تڏھن نيوٽن وارو صوف هٿ نه اچي گريوٽي کان ڳالھ ئي چڙھيل هئي مُڙس وات جيئن آيو تڏھن کان گهيڙ جيسين ڪو خفتي نٿي آيو مسئلو نٿي حل ٿيو.

جيئن مسئلو حل ٿيو ته سائنس به سيٽي هڻي نڪري وئي ۽ مُڙس اسٽڊي ۾ لڳي ويو جنهن ۾ هُن کي ڪوڙن ۽ سچن ڀوپن, سچ ڪُوڙ تعويذ جي ريت پرک پئي تڏهن نفسيات ۽ ڀوت کي الڳ ڪري ڄاتائين


هوڏانهن نيري جي جيڪا عادت هئي هن ويهڻ نٿي سو آخر فحاشي کان بچڻ لاء شادي جو خيال آيو ۽ پرسڪون زندگي گُذارڻ جو خيال انهي ڪري به آيو ته ڪارن ڪرتوتن سبب سندس ماءُ شيلي ۽ يار سخت عليل ۽ ذليل ٿي رهيا هئا انهن جا بڇيل جن ڀوت نانگ بلائون سڀ واپس اچي رهيا هئا ۽ خوراڪ گهري رهيا ۽ پڇاڙڪا ڏينهن ڏسي نيري حيران ۽ پشيمان ٿي نيٺ نڪري وئي ڪنهن سخت محنت ڪش هاري سان شادي ڪيائين ۽ خبر آ اهڙي عورت کي ڪٿي ٿو سڪون ملي پوء ٿيو ائين جو, هڪڙي ڪار ئي پئي رستي تي ۽ واٽر جي موري تي هڪڙي عورت اڳ ۾ بيٺل ڪار وارن سنا روئي ڳالهائي رهي هئي ۽ ايتري ۾ هن ڪار وارا دوست هيٺ لٿا ۽ احوال معلوم يا ته عورت رڻايو ته هُن جو مُڙس هن واٽر ۾ هڪ ٻٻر جي ٽار ۾ رسو ٻڌي ڦاهي پيو کائي ۽ موري تي ويٺل پنج مُڙس تماشو ڏسي ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هيا سو ڳالھ ٻڌندي ئي انهن ڇڙٻ ڏئي ڦاهي واري کي روڪي روڊ تي آندو ٻي ڪار وئي هلي ۽ اتي جو لوڪل وڏيرو موٽر سائڪل تي ظاهر ٿيو جنهن انهي وقت طلاق ڪرائي ۽ زال پنهنجي رستي ۽ مُڙس پنهنجي رستي روانا ٿيا ۽ ڪار ۾ پهتل لڪاء پيا ڏسن, ڇا ڏسن ته مُڙس ته ويندي ڏسجي پيو پر مخالف سمت ۾ عورت غائب آ سو پيڇو ڪيو ته ڇا ڏسن اهو لوڪل وڏيرل عشق جا داستان ڇيڙيندو عورت  کي کڻي پيو وڃي اها ئي نيري هئي جنهن کي دوست ڇڏيائي آيا ۽ حال پڇيائون ته چيائين هو هاري نيري جو مُڙس هو جنهن شھ جي ڀرسان نئين ڪالوني ۾ نئين اڏي تي سڄي رات نيري جي جسم فروشي ڪئي ۽ پاڻ شراب پيئندو رهيو ۽ آرام ڪرڻ جي اسرار تي مُڙس رسي ۾ هٿ وڌا آھن.

ٻئي پاسي آخري ڀيرو ڪال آئي شيلي جي نيري کي ته ڌي آءُ مرڻ تي آهيان منهنجي جسم جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڪيان, لٽون ۽ پرون پئي وهي ۽ رت و جسم مان بدبو پئي اچي برائي مهرباني هن ڪم کي ڇڏي ڏي ۽ بڇاڙي منهنجي مان سبق سک ۽ سڀني کي خبر پئجي وئي آ ڪير به لاش پورڻ لاء نه ايندو ڪتا به مُشڪل سان کائن ۽ڪال تي آواز بند ٿي ويو.

نيري وري  ڪال ڪري نيل سان ڳالهايو, ماءُ جي فعلن جي نتيجي ۽ ماءُ جو ان نتيجي تي پڇتائڻ واري رويي بابت به هُن تفصيلي ڳالهايو ۽ نيري ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئيندي ٿي وئي ته وقفي وقفي سان ڳالهايو به پئي ۽ ڀاءُ کان سماچار به پئي ورتا ڀاءُ جو چوڻ هو ته ھُو روز ڪيس ٿو حل ڪري جنهن ۾ ڪيتريون ئي طلاقون, ناجائز شاديون, گهرن ۾ قهرام, ڀوت, جن سميت ڪهڙيون ئي بلائون موڪلي پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آھي جنهن جي طويل فهرست آھي جنهن کي لکڻ لاء ڪتاب کپن ۽ ڳالهائڻ لاء جنم کپي نئون.
هڪ وڌيڪ ڳالھ ٻڌائيندي چوي ٿو ته هُن ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون ڦاسائي ڏنيون وحشين کي, انتهائي شريف, نفيس, عزتدار, پرديدار,محنتي ۽ شريف گهرن جون نياڻيون جيڪي چند ڏوڪڙن عيوض تعويذ وٽي ڏنا ۽ عزتون اڇلايون جيڪو براه راست دلالپائي ڪرڻ واري کان به ڪيترا ئي ڀيرا وڌيڪ بُرو ڪم آھي.
ڀيڻ ساهي پٽيندي وراڻيو: ادا تنهنجا امان کان به برا حال ٿيندا امان کي ته ڪيڙا پيا توکي ڇا ته ٿيندو آءُ ته سوچي به نٿي سگهان.

ڀاءُ کي به پڇتا ٿيو پر جواني جي جوش ۾ انڌو ۽ ڪمائي وارو ڌنڌو ڏسي ڪٿي ٿو ضمير جاڳي جنهن نج نسورو حرام ۽ هڏحرام ٿي کاڌو هجي.


5 comments:

  1. وجود زن سے ہے کائنات میں رنگ 👍👍

    سماج میں پھیلتی برائی کی نشاندھی کے پیش نظر ایک اچھی تحریر

    ReplyDelete
  2. سائين!
    گشتي عورت بيشڪ هڪ سٺي لکڻي آ جيڪا گهڻو ڪري پنهنجي قوم جي عڪاسي ڪري ٿي، بهترين لفظن جي چونڊ، محاورن جي مهڪ سان ڀرپور، عام انسانن جي زندگي سان وابسته هڪ تلخ حقيقت. پر ڍاٽڪي ۾ هڪڙي چوڻي آ، `جِٿ ٻري، اُٿ تپي، بيجڻ ٿڌي ري ٿڌي.`
    مبارڪون پيارا.

    ReplyDelete
  3. زبردست ناول پيارا

    ReplyDelete
  4. novel tmam behtreen aa aen hik talakh haqeeqat khe show krayo ahy. asan je society m kjh jgahan te ihia story fit the wende ahy.

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...