Meva Ram Parmar

Thursday, May 14, 2020

سنڌ جو نامور شاعر حاجي ساند



ميوارام پرمار

شاعري جي ميدان ۾ سنڌ ۾ انوکي سڃاڻپ رکندڙ روحل واءُ جي سرواڻ, عمرڪوٽ سول سُوسائٽي جي مُتحرڪ اڳواڻ ۽ استاد تنظيم پ ٽ الف جي سينئر اڳواڻ حاجي ساند بابت جيڪر ڳالهائبو ۽ لکبو ته ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ مانڊاڻ مچائي سگهجي ٿي, حاجي جنهن جو ادبي نالو حاجي ساند اٿس ڳوٺ روحل واءِ عمرڪوٽ جيڪو هڪڙي لوئر ڪلاس پورهيت جو اولاد آهي, جنهن  پنهنجي پرائمري تعليم GPS غريب آباد, مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر  ون عمرڪوٽ, انٽرميڊئٽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۽ گريجويشن ڪاليج سائيڊ تان مڪمل ڪئي. سنڌ ادبي فورم-ساف جي فورم جي سرواڻي ڪندي عمرڪوٽ ضلعي توڻي سنڌ جي ڪافي ننڊن وڏن شھرن ۾ پروگرام منعقد ڪرايا, جنهن ۾ مُشاعرا,ادبي ويهڪون, ليجنڊز سان شامون, ثقافتي, ادبي, سماجي ويهڪون ۽ لوڪل, سياسي سماجي, ادبي, ثقافتي ۽ تعليمي مسئلن تي ويڪهون ۽ ٽاڪ شو پڻ منعقد ڪندو رهيو پئي آھي, رُوحل واءُ جي سونهن حاجي ساند سنڌ جي ننڊن وڏن شھرن جي مختلف تنظيمن پاران رچايل سياسي, سماجي, ثقافتي, علمي, ادبي سميت مختلف قسمن جي پروگرامن جي هزارين اسٽيجز تي جلوه افروز ٿي چُڪو آھي, سنڌ جي مسئلن کي پنهنجي فن شاعري و نثر سان اليڪٽرانڪ, پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا آڏو اٿيارڻ, پنهنجي ضلعي سميت پُوري سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سنڌين سان گڏ بيهڻ جهڙا سوين مثال ملندا, ها اھو ٿر جي پاڻي جو اشُو هجي, ٿر جي ڏُڪا سبب معصوم ٻارن, چوپايو مال ۽ جهنگلي جيوت جو هجي, اڇڙي ٿر کان سنڌ جي هڪ هڪ شھر و علائقي جو هجي, سنڌ جي پاڻي جو اشُو يا بين الصوبائي يا وفاق جو سنڌ سان هجي حاجي ساند پنهنجو موقف ڪليئر ۽ واضح رکيو پئي آھي, خيراتي ڪمن ۾ اڳڀرو رهڻ ۽ جاني و مالي مدد ڪرڻ ۾ پڻ حاجي پنهنجو مٽ پاڻ آھي, منان راهمون جو ڪيس هجي, قيمت سُوجاڻي جو ڪيس هجي, دليپ مالهي جو ڪيس هجي, سردار ميگهواڙ هجي يا ڪو به اهڙو ڪيس هجي حاجي سڏ ۾ گڏ رهيو آھي پر گهڻو ڪري حاجي ساند اڳواڻي ڪندو رهيو پئي آھي.

استاد تنظيم جي سينئر ترين اڳواڻ حاجي ساند عمرڪوٽ ضلعي جي استادن جو تعليمي شعبي هر هڪ ننڊي وڏي مسئلي کي ٽي اي او کان ڊي اي او ۽ ڊائريڪٽر کان سيڪريٽري جي آفيس, عمرڪوٽ کان ڪراچي پريس ڪلب ۽ سوشل ميڊيا کان آليڪٽرانگ ميڊيا تائين سرواڻي ڪندو رهيو پئي آھي, هر هڪ استاد ۽ هڪ هڪ اسڪول تي نظر رکڻ ۽ پنهنجي استاد هئڻ جي ناتي تعليمي سرگرميون جاري رکڻ شايد ڪو حاجي ساند کان سکي.
"پُوجارڻ" عنوان تي حاجي ساند جو شاعري جو مجموعو پبلش ٿي چُڪو آھي جنهن کي سموري سنڌ ۾ بيحد پسند ڪيو ويو ۽ اهڙي ئي موٽ ملي چُڪي آھي ۽ اڳيون شاعري جو ڪتاب پڻ جلد شايع ٿيڻ وارو آھي, سماجي, ادبي, علمي کيتر ۾ اڳڀرو هئڻ ۽ سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي سميت کوڙ سارا عملي ڪم ۽ فرض انجام ڏيڻ باوجود افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته الاهي جي ڇو حاجي ساند انهن اُٺ نظر ماڻھن جي نظرن کان اوجهل رهيو آھي, جتي ايوارڊز, شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس توڻي مڃتا ايوارڊ ڀُڳرن جي مُٺ, ياري دوستي ۽ پنهنجا نواز پاليسي تحت ملندا هجن اتي حاجي جهڙن فردن کي يقينن اهڙين فضُول شين جي نڪو ضُرور نه اهي ڪو وڏو انقلاب آڻي سگهن ٿيون, اڄ تائين حاجي ساند کي هڪ کي ايوارڊ ناهي ملي سگهيو اها ڏاڍي ڏُک جي ڳالھ آھ تنهن باوجود سلام آ حاجي ساند کي جيڪو پنهنجي هر قسم جي عملي توڻي قلمي پورهئي ۾ وسان ناهي گهٽايو ڪڏھن به خواهش ظاهر ڪئي نه ڪڏھن اهڙن شين جي تمان ڪندين ساهي پٽي يا سست ٿيو.
يقينن اهي شيون پنهنجي جاءُ تي آھن پر شايد ايوارڊ ورهائڻ وارا يا ته وڪڻين ٿا يا ته پنهنجا نواز پاليس تحت ورهائن ٿا يا انهن ۾ اها قابليت ئي ناهي ته اهي اهڙا پروگرام ڪرائن جنهن ۾ حاجي ساند جهڙا سنڌ جا نامور فگر رهجي وڃن.
حاجي ساند وڌيڪ پنهنجن لاء پيغام ۾ فرمائي ٿو ته
تعليم ئي اسان جي نسلن جي تابناڪ آئيندي جي ضامن آهي تنهن ڪري پنهجي ننڊن وڏن, نياڻين ڇوڪرن کي هرحال ۾ اسڪول موڪليو, علم سان ئي مثبت تبديلي ممڪن آھي.

8 comments:

  1. علم و ادب کی دنیا میں ایک اچھا شاعر ایک اہم ستون ہوتا ہے دور حاضر کو لے کر ایسے شخص کی ادبی کوشش کو سرہانہ بہت اہمیت رکھتا ہے حاجی ساند محنت اور ذوق کو لے کر میں انہیں سلام ایش کرتا ہو

    ReplyDelete
  2. وااه وااه . حاجي ساند هڪ متحرڪ ڪردار آھي

    ReplyDelete
  3. Haji is precious diamond. His poetry expresses great meanin.

    ReplyDelete
  4. حاجي ساند هڪ متحرڪ ڪردار آھي.

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...