Meva Ram Parmar

Tuesday, May 12, 2020

تون ڇا چوندين: ميوارام پرمار

تون ڇا چوندين

ميوارام پرمار

ٻيو ڪو حال ڪر
هي اڳ ۾ ٿا ڄاڻون
ڪافر غدار جي تلوار
ڪنڌ ۾ لٽڪي پئي
هي ڏهاڪن کان
ٻيو ٻڌا
تون ڇا چوندين
اهي لفظ اسان ٻڌي ٻڌي
پچي ويا هون
بس ٻيو ڪو حال ڪر
دليل هجن ته
ثبوت هجن ته
تاريخ ۽ حال جا
انگ اکر هجن ته
اهو ڏيکار
جذباتي نه ڳالھ ڪر
سڌي ڳالھ ڪر
منهنجو سوال آ
جو صدين کان آھي
صدين کان نه پر ازل کان آھي
جواب توکان نه ملندو خبر آ
اڄائي خبر آ
تو وٽ هوندي هرپل
اها به خبر آ
باقي ضد ڪيو جي
ٻيو ڇا چوندين
تنهنجا وڏا به ائين
چاٻا ڪندا هئا
تون غدار هين
تون ڪافر هين
هي پراڻا ٿو
تون به راڳ آلاپين
پڙھيو ٿو چاهي
دماغ ۾ ڇا ڀريو آ
کريل هوئين تون
کريل ئي رهيو هين
چريو هوئين تون
چريو رهين تون
ٻيو ڇا چوندين
اها خبر آ
ڪافر غدار جي تلوار
ازل کان اسانجي
ڪنڌ ۾ لٽڪي پئي
اسان سان اٽڪي پئي
تون صدين کالي آھين
هٿ پير هوندي به
سوالي رهيو هوئين
سوالي ئي آھين
تون ڇا چوندين
سڀ خبر آ

2 comments:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...