Meva Ram Parmar

Sunday, May 10, 2020

ناجائز ٻار جو نامعلوم ماءُُ ڏانهن خط: ميوارام پرمار

ناجائز ٻار جو نامعلوم ماءُ کي خط
تحرير: ميوارام پرمار

خط لکان پر ڪنهن سان? مس, پاڻي يا رت سان? ڪاري, ڳاڙھي,سائي يا نيري سان? ڏُک, خُوشي يا سواليه? الا جي ڇا ته لکڻو آ ڪنهن کي لکڻو آ ۽ ڪيئن لکڻو آ منهنجا ته جذبات ۽ احساسات ئي ناهن, ماءُ هوندي ڪير آ, ڪهڙي ۽ ڪم ڪهڙو هوندو انسان جي زندگي ۾ اهو مون ته پنهنجي زندگي ۾ تجرباتي طور تي محسوس ئي ناهي ڪيو بس آڙي پاڙي شھر, ڪتابن, ڪهاڻي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڏٺو ۽ پڙھيو آھي, اڄ جڏھن ماءُ جو عالمي ڏڻ آھي ۽ هن ڏينهن تي ماءُ جي عظمت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آھي ته آءُ سوچڻ تي مجبور انهي ڪري به ٿي ويو آھيان ته مون هر سال, هر هنڌ, هر پروگرام ۽ هر مقرر جي واتان وڏي لٻاڙ ۽ لفظن جي لتاڙ ڏٺي آ يا شايد منهنجو تجربو انهن کان مختلف ۽ زندگي الڳ آھي پر آھي ڇا حقيقت ان جي خبر نه پئجي سگهي آھ.

منهنجي امڙ........!!!!! تون ڪير آھين? ڪٿي آھين? ڪيئن آھين ڇا پئي ڪرين? ڪيئن پيو وقت گُذري? بابا, ڀائر ۽ ڀينرون ڪيئن آھن? يقينن سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا. جيئري به آھين الاهي مري وين ڪا سڌ ناهي مونکي آءُ يقينن مري ويو آھيان هن جيئري لاش کي هن قبرستان نماء سماج ۾ وحشي بگهڙ وانگي ڳيلهيان پيو ٿو. "اسانکي زندگي جي گرامر نٿي اچي, ڀوڳيون پيا, لوڙھيون پيا مڙئي جُڳاڙ ڪري پيا جيئون" هن سوچ بابت زندگي گُذري رهي آھي امڙ تنهنجي زندگي ۽ تو بابت اڄ دل ڏاڍي ڌڙڪي رهي آھي سوچيم پڇا ڪري وٺان, خط لکان پر امڙ خط اڳتي موڪليان ڪنهن کي? ڪوريئر ڪريان ته پتو ناهي, واٽس ايپ ڪريان ته نمبر ناهي, ميل ڪريان ته به پتو ناهي, هٿو هٿ ڏيان ته به ساڳيون حشر آھ.
امڙ تون واقعي شادي به ڪئي اڃن يا نه? مونکي هتي سڀ ناجائز ناجائز ڪري سڏيندا آھن مونکي بُرو به ناهي لڳندو ڇو جو اها هڪ حقيقت ۽ قدرت پاران موکي سزا لکليل هئي سا ملي آ انجو باقي ڇا تي ڪاوڙجڻ? تون امڙ ڇا آھين? پڙھيل يا اڻپڙھيل? ڪم ڪار ڪرين يا گهر ۾ رهين? بابا ڪير آھي, آھي يا گُذاري ويو? اڇا بابا ڪير هو توکي ياد آھي يا نه? ڪيئن ملي هوئين بابا سان? تون ڪوٺي تي رهندي آھين يا دوستي جو نتيجو آءُ آھيان? اڳئي منهنجا ساڳئي پيءُ ۽ ساڳين ماءُ جا ڪيترا ڀيڻ ڀائر آھن انهن جا نالا رکيا آھن يا نه? اهي ڪٿي آھن? ملي سگهندا اهي يا مري ويا يا ڪُتا کائي ويا يا سڙي مئا موسم جي شوخي ۽ شدت ۾.
تو مونکي ڪيترو پيار ڏنو هيو الاهي جي نه مونکي پتو پيو آھي ته مونکي ڪنهن گند جي دٻي مان ڪڍيو ويو هيو پر اڇلايو ڪنهن ۽ ڇو? تنهنجي خُوشي هئي يا تنهنجي دُشمنن پر ڇو? مونکي ڇو هن سماج ۾ اڇلايو ويو انهي کان بهتر نه هو ته ماريو وڃان ها? آخر ڇو پيدا ڪيو ۽ پيدا به ڪيو ته اڇلايو به ڇو, برحال اڇلائڻو ئي هيو ته زنده ڇو ڇڏيو? منهنجا همعصر ناجائز ته وڏيرن جا مُٽ آھن انهن جا ته وڏا ٺٺ آھن انهن جا پيءُ وڏيرا سرمائيدار ۽ پئسا وارا آھن ۽ جڏھن ته مائرون هاري, ڪڙمي ۽ غريب عورتون يا پينو فقيرياڻيون هيون جن کي اهي يا شادي, اغوا يا رکيل ڪري رکندا هيا پر انهن جو اولاد سکيو ستابو رهي پيو پر مونکان اهو ٻه اکيائي هن سماج ۽ امان تنهنجي ڇو? تون ڪهڙي اوچي خاندان سان هوئين يا پنهنجي عزت بچائڻ پئي چاهي يا ٻار پالڻ سان ايتري نفرت ڇو هئي آخر مسئلو ڇا هو? آءُ هتي  شناختي ڪارڊ, ڊوميسائل, سرٽيفڪيٽس ۾ ولديت ۾ ڇا ته لکان? منهنجو پي ڪير ڪٿان ڇا ڪندو شُجرو ڇاهي ا ته لکان ڇا ته ٻڌايان ڇا ته سڏايان? ڇا آھي امان تون ڪير آھن ڪٿي آھين.
ٻُڌو آھي ته جنت ماءُ جي محبت ۽ شفقت سان ئي جنت حاصل ڪري سگهجي ٿي پر امڙ آءُ جنت کان ته ويس جيڪو ڏٺي به ناهي انجي تمنا ڪهڙي ڪريان آءُ مرڳو دوزخ جهڙي دني ۾ نامعلوم, بنا نالي, بنا شُجري, ولديت ۽ بنا ڪنهن شي جي اڇلايو ويس هاڻ امڙ ٻڌا ته سهي آخر منهنجو ڏوھ ڪهڙو? منهنجي ڏُکن دردن جو درمان ڪير ڪندو? ازالو ڪير ڪندو?  ۽ وڃان ته ڪيڏانهن وڃان?
يتيم خاني جي انچارج ٻڌايو پئي ته شھر جي مُک سرڪاري اسپتال جي پوئين گيٽ جي ڊسٽبن ۾ لڌو ويس, اُھي کڻي پاڻ سان ويا, کير پياريائون, ماني ٽڪي,ڪپڙو گندي سڀ ڪندا رهيا ۽ آءُ اتي جي سڀني ڇوڪرن ڇوڪرين سان ملي جُلي کلي مسڪرائي وڏو به ويس پر يتيم خاني ۾ سڀ شيون هڪجهڙيون هيون پر هڪ ڳالھ انتهائي منفرد ۽ ڏکوئيندڙ لڳي مونکي سا هئي اتي ايندڙ مهمانن ۽ انهن جي ٻارن جي ۽ جڏھن اهي مهمان پنهنجي ٻارن کي پُٽ ڌي ڪري ۽ اولاد بابا امي ڪري سڏيندا هيا تڏھن منهنجي پيرن هيڌيان زمين کسڪي ويندي هئي, وقت بيهي رهندو هو ۽ سمان اکي آڏو غائب ٿي ويندو هيو, دل جي ڌڙڪن زلزلي جو روپ ڌاري سوچن لوچن ۾ سائڪلون پيدا ٿي ويندو هيو ۽ آءُ سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو هيوس ته بابا ۽ امان به هوندا آھن ٻارن جا? ۽ تڏھن ماء پي جي محبت, پيار, شفقت,  پنهنجائپ جهڙن عظيم احساسن ۽ جذبن باب سوچڻ لڳس ۽ وڌيڪ ٻُڏتر جو شڪار ٿيس.
پهرين ته زندگي جي ان روپ کان اڻڄاڻائي ۾ ڏُکيو سکيو گُذري رهيو هيو پر هاڻ جڏھن ان بابت پتو ۽ روز روز بابا اماء والدين ۽ ٻارن جا عالمي ڏڻ ملهائجڻ لڳا آھن منهنجي اندر ۾ ماتم شُروع ٿي ويا آھن بنا سڃاڻپ ۽ بنا ڪنهن شي جي آءُ ڪير ۽ ڇا سڏرايان? اهو سوال هان ڏاري ٿو ڇڏي بس امڙ تنهنجي عظمت کي سلام آ
تعليمي ادارن, پوليس, نادرا, يار دوست, ڊاڪٽر سميت هر شعبي وارا هر وقت نالو ٿا پڇن ۽ وڌيڪ پڇن ٿا ته ڄڻ وات ۾ ٿ وجهي سيني مان دل چورائي مونکي جيئري ماريو ٿا ڇڏين ۽ آءُ وڏو بيغرت به ٿي ويو آھيان شايد اها عادت ناناڻن يا ڏاڏاڻن مان ورثي ۾ ملي آھي جيڪو اهي پنهنجي رت کي, پنهنجي جڳري ٽُڪڙي ۽ پنهنجي پيڙھي و سڃاڻپ کي ائين گند جي دٻي ۾ اڇلائي ويا آھن آءُ ڳالھ مٽائي ڪم جي ڳالھ ڪريان,ٽوڪ کل ڀوڳ مزاق يا ڳالھ جو جلدي سان موضوع مٽائي ڇڏيان پر امڙ هر وقت ۽ هڪڙي سان روز روز ڪيترو ته ڪُوڙ ۽ منهن جي پڪائي ڪندس ڪجھ ته جوب ڏيو.
هي رت مان لکيل خط هوا ۾ اڏائي ٿو ڇڏيا جيڪر واقعي لخت جڳر سان رت, احساس, پيار ۽ سڪ جو رشتو ھي ته خط هٿن ۾ پهچندو نه ته امڙ توکي پنهنجي غلطي معاف آ ۽ آءُ ڀوڳي ڀوڳي اڌ حياتي وڃائي ويٺو آھيان آوايه ڪُتي وانگر ڀٽڪا پيو ۽ اچي ويندس ڪنهن گاڏي هيٺيان يا مري ويندس مفت ۾.
پر جيڪر منهني شادي ٿي وئي,  مونکي سچي محبت, سچو ساٿي ۽ سک لکيل آھي ته آءُ اوهانجي سوچ جو سايو به اولاد تي پوڻ هرگز نه ڏيندس ۽ قبر جي منهنجي پڇا نه ڪجو. گهٽ ۾ ۾ گهٽ اولاد کي اهڙي تربيت ڏيندس جو اهڙي غلطي ڀلجي به نه ڪندا.

3 comments:

  1. تمام بهترين لکڻي۔۔
    ڪاش اهو پڙهي اسان جي نوجوان نسل اهڙو وحشياڻي قدم کڻڻ کان پاسو ڪن، پر پيارا اڄڪلهه جسماني عشق ۾ ڏتڙيل نوجوان نارين ۽ مردن جا ناجائز نتيجا، ڪنهن ڪنهن موڙ تي اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا آهن۔۔

    ReplyDelete
  2. محبت جائز آھي باقي ان مان پيدا ٿيل ٻار ناجائز اولاد ان جي سزا گھڻو ڪري ٻار کي يا وري ماء کي ملندي آھي باقي پيء آزاد آھي اھو ڀلي اھڙيون حرڪتون ڪندو رھي اھو آھي ھن سماج جو دستور

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...