Meva Ram Parmar

Tuesday, April 14, 2020

فقير محب مڱريو

فقير محب مڱريو نام نهاد پڙھيل لکيل ڊگري يافته کان گهڻو اڳتي.

تحرير: ميوارام پرمار

تعليم جي ميدان ۾ ڀلي سنڌ اڳتي پوئتي هيٺ مٿي هجي کڻي ڪيترو به,ڪيترا به پرائمري, مڊل, هاء, هائر سيڪنڊري, ڪاليج, يونيورسٽيز, گرلز, بوائيز, سيمي, ڪو ايجوڪيشن کڻي ڪجھ ڪهڙا ڪيترا ادارا ڇو نه هجن, افسوس هن ڳالھ جو رهي ٿو ته اسانجو نصاب پيور پڪوان ۾ تريل پڪوڙن ويڙھڻ جي ڪم جو نه ناهي ته هاڻ اندازو لڳي ويو هوندو ته اسانجا نام نهاد يونيورسڙي يافته پڙھيل گهڙيل کريل ڇو ٿا ٿين اهو وڏو ۽ وسيع بحث هجڻ سان گڏوگڏ ٻن مذڪوره سٽن ۾ سمائجي ويو آھي.



اسان لکين نوجوان گريجوئيشن کان پي ايڇ ڊي تائين جا نوجوان ڏٺا جيڪي ٽڪي جي ڪ اسڪيل جي نوڪري لاء پنهنجو تن, من ضمير ايمان, ذات ڏات جڏھن ته عزتون به نيلام ڪندي نظر ايندا رهيا آھن فقط نوڪري لاء آرائش ۽ آرام لاء. هن صورتحال ۾ آڱرين تي گڻڻ جيترا باوقار, خوددار ۽ پڪا پختا انسان ملندا جيڪي پڙھائي جي نه هئڻ باوجود ڪنهن آڏو هٿ ٽنگڻ ۽ پنڻ بجاء پنهنجي وس ۽ وت آهر پيٽ گذر ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا جتي تعليم يافته لکين اهڙا به ڏٺا جيڪي منافق ۽ ذاتي فائدي لاء سندي پڙھائي, والدين ۽ معاشري جي اميدن تي پاڻي ڦيري معاشري جي نوجوانن لاء هڪ انتهائي ڪريل ۽ نااميدي جو مثال ڇڏي ٿا ڏين.
فقير محب مڱريو پنجين جماعت ۾ ئي مس هيو ته سندس بابا وفات ڪري ويو جنهن بعد وڏا ڀائر جيڪي ايترا به وڏا نه هيا تنهن سبب هن کي مجبوري ۾ پڙھائي ڇڏڻي پئجي وئي, نوجواني جي اسرڻ ۽ ٻالڪپڻ جي عمر ۾ جڏھن سايو, ڀروسو ۽ ڇپر ڇانو ڇنجي وڃي ان مهل ان ٻالڪ تي ڇا گذرندو هوندو پاڻ ڪهڙيون به ڪيتريون ئي کڻي ڳالهيون ڪيون پر احساس کيس هوندو جنهن کان اهو گذريو هجي, هن ڇوڪر پنهنجو ٻالڪپڻ بابا جي ياد ۾ ويهي, رلندي, گهر ج ڪم ڪار, ڀائرن ۽ امڙ جو ساٿ ڏيندي گذاريو. چوندا آھن ته جنهن کان گذريو هجي انهي کي احساس هوندو آ سو هن نوجوان جي ڪردار, ڪم ۽ پيشي سان صاف عيان آھي هي عمرڪوٽ ضلعي سڀني سياسي و سماجي اڳواڻن ۾ سڀني کان گهٽ پڙھيل ۽ سڀني کان وڌيڪ متحرڪ نوجوان اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي پهچ مطابق ينگ سڄاڳ فورم کي سنڌ ليول تي فعال ڪري رهيو پئي آھي جنهن تان علائقي, صوبي, ملڪ توڻي جو بين الاقوامي مسئلن تي پڻ ڀرپور آواز اٿياريو آھي, هن نوجوانن جي تنظيم جي اڳواڻ پنهنجي زندگي ۾ اهي سڀ آرائشون ۽ خواهشون ترڪ ڪري ڇڏيون جيڪي هر هڪ نوجوان فرد جون هونديون آھن, گهمڻ ڦرڻ, رلڻ, فلم مووي,راند روند وغيره جهڙين سمورين خواهشن کي دفن ڪري هن نوجوان فقط ئي فقط معاشري جي ڀلائي ۽ بهتري لاء ڪم ڪيو آھي, پريس ڪلب تي احتجاج هجي, ڌرڻو هجي يا ريلي هجي هي بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ نالي جي هٻڇ جي سڀني کان اڳ ۽ اڳڀري حاضري کي دستياب ڪيو آھي, سياسي, سماجي ۽ ثقافتي ميڙاڪي, محفلن ۽ پروگرامن جي ترتيب, انعقاد ۽ حاضري ۾ پڻ هي نوجوان پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آھي.

هڪ انتهائي حيرت ۽ تعجب جي ڳالھ آهي ته سياسي و سماجي ڪارج ۾ ينگ سڄاڳ فورم جا هڙئي وڏين وڏين ڊگري يافته نوجوان پڻ هن اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ گڏ هلن, سکن ۽ هڌايتن جي پيروي ڪن ٿا.

جتي محب جهڙا نوجوان انتهائي گهٽ سورس آف انڪم, گهٽ پڙھائي ۽ گهٽ ٽيڪينڪل ڪمن جي ڄاڻ و مهارت باوجود انتهائي سرگرم پئي رهيا آھن اتي نام نهاد سماجي اڳواڻ اين جي اوز يا اڳواڻن جي ڪلهن تي چڙھي روز روز ڪراچي, لاهور, اسلام آباد ۽ بين الاقومي ٽوئر ڪن ٿا ۽ ننڊين ننڊين تنظيمن کان وڏن وڏن فورمن کان سرٽيفڪٽس ۽ شيلڊون وصول ڪن ٿا پر افسوس آھ جو انهن نام نهاد اڳواڻن کي ذري برابر به حيف ناهي ايندو جيڪو بنا ڪنهن ڪم جي فقط لٻاڙ تي اهڙا ايوارڊ ۽ مراعتون ملن ٿيون ۽ اهي نڪ جي پڪائي ڪندي وصول ڪندي فوٽو سوشل ميڊيا تي رکي عجيب خوشفهمي ۾ پاڻ پڏائيندا آھن.

آءُ اهڙن تنظيم کي عرض ڪندس تي فقير محب جهڙن انوکن ڪردارن, اصلي اڳواڻن جي سار لڌي وڃي, انهن کي سرٽيفڪيٽس, شيلڊون, مراعتون ۽ ايڪسپوئر ڏنا وڃن جيڪي فقط حقيقي معني ۾ عوام جي خدمت ڪن ٿا, اهڙن ئي نوجوانن جي حوصله افزائي ٿيڻ کپي جيڪي هن معاشري جي پيڙهيل طبقي جي مسئلن, مُشڪلاتن ۽ ڏُکن جي پيڙاھ سمجهن ۽ درد دل ۾ سانڍيو وتن ٿا جيڪي هر وقت بنا ڪنهن ذاتي مفاد, بنا لوڀ لالچ ۽ بنا ڪنهن متڀيد جي خدمت ڪندا وتن ٿا.
لال سلام حقيقي هيرو
فقير محب مڱريو

7 comments:

  1. پيارا اوهان کي خبر آهي منهنجي اڌ زندگي
    غريبت ۾ گذري آهي
    بچپن ۾ هميشه هن ڳاله جو احساس رهندو هو ته ڪير نه ڪير هن ڏکئي وقت ۾ اسانجي مدد ضرور ڪندو پر افسوس هو وقت ٻيو هو اڄ وقت ٻيو آهي
    سوچيندو آهيان ته ڪڏهن اسانکي مدد جي ضرورت هوي هاڻ شاهد ڪنهن ٻئي کي ضرورت آ سو بس صرف پنهنجي حصي جو ڪم جاري رکهو اچو
    اوهانجان وڏا وڙ جيڪو وقتن وقتن حوصلو ڏيندا آهيون 🙏🏻🙏🏻🙏🏻🙏🏻🙏🏻🙏🏻

    ReplyDelete
  2. Faqeer mohib is hardworker guy. May success kiss his feet

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...