Meva Ram Parmar

Tuesday, April 14, 2020

موسمي مسيحا ۽ حقيقي حبيب

ڪرونا جي قهر سبب پيدا ٿيل  غربت مان غريبن کي بچائڻ وارا موسمي مسيحا ۽ حقيقي حبيب.

تحرير: ميوارام پرمار

قدرتي يا هٿرادو آفتن جا ڪيئي قسم آھن جنگن کان زلزلن کان علاوه ڪرونا هلندڙ هڪ عبرتناڪ مثال آھي, ڪرونا وائرس چائنا جي شھر کان جيئن ظاهر ٿئي ٿو ته آھستي آهستي دنيا جي سڀني ملڪن ۾ پکڙجي وڃي ٿو, هن اڻڏٺو ويندڙ دُشمن کان ڪيئن ته وڙھجي آخر حيران و پريشان ٿي رهجي وئي, سڀ ادارا, مذھبي توڻي سياسي تعليمي گهر سڀ بند شھرن جا شھر بند ملڪ ويراني جو ڏيک ڏيڻ ٿا لڳن جيڪو سلسلو اڄ به جاري آھ.

اسانجي پياري ملڪ پاڪستان ۾ به اها وبا تيزي سان پکڙجي پئي ۽ اڄ ڏھ کان وڌيڪ ڏينهن به ٿي چڪا آھن پورو ملڪ بند آھي سواء چند ريزڪي ۽ اسٽور جي سڀ بند آھي, هر ڪم ڪار, روزگار ۽ هٿ پير هڻي پيٽ پالڻ جا مزدورن وٽ سڀ هيلا وسيلا بند آھن تاهم سرڪاري ملازم, ڪاروباري حضرات, زميندار سميت سڻڀيون ڌريون پريشاني ۾ آھن پر بک ۾ ناهن.
سنڌ حڪومت پاران چين جي ڏيکا سيکي ۾ سنڌ جو وڏو وزير اڇانڪ انيل ڪپور جي آتما اچڻ ڪري پنهنجي آپي مان ٻاهر نڪري ٿو اداڪاري ڪري ۽ سٽ ۾ سموري سنڌ بنا سوچي سمجهي بند ڪري جيڪا انتهائي ڀلي ڳالھ ثابت جنهن سموري سنڌ واسين سميت پوري دنيا واکاڻ پڻ ڪئي پر آھستي آهستي جڏھن ڏينهن وڌندا ويا سائينجن واپس پنهنجي پاڻي ۾ ايندي ئي ميڊيا کان ئي بلڪل غائب ٿي ويا الاهي جي ڇو شايد انهن گُذريل ڏينهن ۾ درجنون اجلاسن ۾ مصروف هيا ڇو ته راشن به تقسيم ڪرڻو آھي سنڌ ۾ سو ۽ تجربو به روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي ورهاست جو وسيع تر هيو انهي ڪري ڏھ ڏينهن لڳا نه ته نئون هجي ها ته سال لڳي وڃن ها, برحال يارهين ڏينهن اعلان ٿي ويو جيڪو شايد چوٿون ڀيرو ٿيو آ.

انهي ڪرونا جي ڪشمڪش ۾ ڪيئي جوڌا جوان جُٽي ويا جُو ۾ جنگ جوٽڻ خاطر ۽ پنهنجي س ۽ وت آهر سموري سنڌ  ۾ بلڪل چڱي ريت سنڌين جي خدمت ڪئي جيڪا قابل تعريف آھي ۽ انهي دوران هڪ مشڪرن جي لوڌ جيڪا يوسي چئرمينز جي نظر آئي جيڪا چونڊجڻ بعد عوام ۾ پهريون ڀيرو صابڻ ورهائيندي وڏين ڪئمرائون ۽ سيلفي وارن سُٺن موبائلن سان جنهن باقائده اڌ ايڪسپائر چڪي تي جيڪو عوام کي ذليل و خوار ڪيو انجو شايد ئي تاريخ ۾ ڪو رڪارڊ ملي پر نئون بيغرتي جو مثال ضُرور ٺهي چڪو آھي, نوجوان ٽھي به پنهنجو پاڻ مڃرايو, انهن نوجوانن بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سوين نه پر هزارين مستحق خاندانن ۾ هفتي اندر هفتن ۽ مهينن جو راشن تقسيم ڪري سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو وچن ورجايو ۽ ڪجھ نام نهاد نوجوان اهڙا به نظر آيا جيڪي شھر بند هئڻ ڪري ايندڙ ويندڙ جون شلوارون ڦاڙي ماسڪ ٺاهي مسڪين جي زوري ڳيلهي جهلي ماسڪ پارائي هڪڙي فرد سان ويهن ٽيهن ڄڻن سيلفيون ڪڍي سوشل ميڊيا تي انسان دوست ۽ ايڌي ٿيڻ جي هروڀرو اداڪاري ڪئي, ڪٿي سُٺي ڪم جي تعريف به ڀلي ٿي ته ٽنگ ڇڪبه جاري رهي ۽ اڃان به ڪم هلي ٿو پيو ڪافي ننڊا وڏا فورم, نوجوانن جا ٽولا ۽ سياسي سماجي اڳواڻ پنهنجي وس آھر وڏي ڪوششن ۾ آھن ته جيترو ٿي سگهي عوام جي  خدمت ڪجي.

منهنجي ذاتي راء اها آھي ته جيترو ٿي سگهي مدد ڪجي پر هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ته ٻي هٿ کي به خبر نه پوي ۽ نه شرمندگي اوهانکان وٺڻ واري کي ٿئي, خدمت ڪرڻ انسان جي اندر ۾ احساس جي هئڻ جو ثبوت آھي هن ڪم ڪيترائي اداڪار ۽ ڊراميباز اچن ٿا جڏھن سوشل ميڊيا تي تذليل ٿئي ته  ۽ تنقيد ٿئي ته لڪيو ٿا وڃن ۽ حقيقي خدمتگار بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي خدمت ڪندا ٿا وتن.

ڪوشش ڪجي غريبن جي مدد ڪجي, هي هٿرادو هجي يا قدرتي برحال ڪرونا هڪ امتحان آھي اسانجي اندر جو ته اسان ۾ ڪيتري انسانيت, هڪٻئي سان همدردي ۽ سهپ جو ته اسان ڪيئن ٿا نڀايون سو محبت سان رهجي ۽ هڪٻئي جي مدد ڪجي بنا لوڀ لالچ ۽ بنا مارڪن جي ڇو جو اسان وٽ جيڪو ڪجھ آھي اهو مالڪ جي امانت آھي ۽ مالڪ منٽ ۾ هيرو کي ذيرو ۽ ذيرو کي هيرو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.
اهو پڻ ڏٺو ويو آھي ته ڪيترن ئي هنڌن تي اها مدد پڻ مستحقين بجاء ذاتي رشتيداري, سياسي ورڪ, ذاتپرستي ۽ ٻي مقصد لاء ڪئي وئي برحال نيتن بابت مالڪ ئي ڄاڻي ٿو ۽ اهو ئي حساب ڪتاب ڪرڻ وارو آھي, انهن حقيقي مسيحائن کي جهڪي سلام جيڪي هر وقت هر مستحق جو آواز ۽ هڏڏوکي بڻجن ٿا ۽ مددگار ثابت ٿين ٿا.


1 comment:

  1. Bs hinan hukmarnan khe ker samjhaye sir hik sabin chakki te 10 gad behe selfie wthan tha sharm b natho ache hinan khe...wah paki rulers wah. Etra be ehsas insan be dard marhoon hin dunoya m ahan poe kein waqt halndo

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...