Meva Ram Parmar

Wednesday, April 29, 2020

نفرت جو انجام

نفرت جو انجام

ميوارام پرمار

ڏس نفرت جو انجام ڇا ٿو ٿئي
جيڪو محبت کي به ٿي لوڙھي ڇڏي
ٿورو ماضي کي به جنجهوڙي ڏس
ٿورو حال به پنهنجا چوري ڏس
تنهنجي گهر ۾ به ٻه اکيائي هئي
۽ گهر به ٻه ٻه ٿانون هيا
غريبن لاء الڳ ۽ اميرن لاء الڳ
مهمانوازي به تنهنجي ۾ ٻيائي هئي
غريبن جي الڳ ته اميرن جي به الڳ
پر هُن کي به ٿورو ڏسي وٺ
جڪيو بلڪل غريب هيو
پر دل جو وڏو امير هيو
جيڪو پاڻ کائيندو پيئندو هيو
هر ڪنهن سان ساڳيون ونڊيندو هيو
امير هجي يا غريب هجي
اجنبي يا دل جي ڪو قريب هجي
هُو ڪنهن جي اوڀر کائي ويندو هو
پاڻي به اوڀر واپرائيندو هيو
ڏس ٿورو غور ويچار به ڪر
هُو غريب گندو به پاڻي پيئندو هيو
جيڪو بخار سواء ڪا بيماري ڏسندو هيو
تون اي سي ۾ ويهين, فرج جو پيئين
پوء به ڪروڙن جي بيماري جهيلين ٿو
مهنگا فروٽ, تاز کاڌا ۽ ڪم به ڪرين ٿو ڪونه
غريب کي ڏس بٺي,ٻني, ڪارخاني ۾
ڏس ڪينهن ٿو پيڙھجي گهاڻي ۾
مجال ڪو هُو بيمار ٿئي
متان ڪڏھن ٿڪو بيزار ٿئي
سو اڄ به محبت ورهائي پيو
جُوٺو اوڀر واهي واپرائي ۽ کائي پيو
تون منٽ منٽ تي منرل کولڻ وارا
ڏس ساھ کڻڻ لاء ماسڪ مٽائيندو هوئين
هاڻ ٿورو غور اڃا به ڪر
سوچ ۽ غرور متان ڪر
تنهنجو ماسڪ به ڪيڏو گندو آ
جنهن کي تيزابن سان ساڙيو پيو وڃي
هوڏانهن مزدور جي پليٽ کي ڏس
بس واري سان اُڳٺي صاف پيو ٿي
ڏس تنهنجي نفرت ڪٿي پهچايو توکي
۽ هُن کي پاڪ محنت ۽ صاف نيت
پاڪ صاف دامن ۽ ايمان رچايو جنهن.
هُو اڄ به ڪوڏر ڪهاڙي سان ڪم تي آ
تون حرام جي پئسي کي هٿ نٿو لڳائين سگهين
هُو ڀاڪر پائي پيو ملي پنهنجن سان
تون هر ڪنهن سان پيو هٻڪائين هتي
اڄ پيغام فطرت سمجهائي پيو
۽ اهو وڏي واتان ٻڌائي پيو
ڪڍ ڪينو, ساڙ, منافقي ۽ ٺڳي دل مان
ڪر نياء ۽ انصاف هر هڪ سان

3 comments:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...