تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندڙ نوجوان استاد ۽ قانون جي شاگرد ڪمل سنگھ اوڏ
ميوارام پرمار
ڪمل سنگھ ڪرشن لال اوڏ راجپوت ڳوٺ اميدالال اوڏ مانڌل جو رهواسي آھي ۔ جنھنجي بچپن جا ڏينھن ھڪ ٻھراڙي جي زندگي ۾ گذريا۔ جئين ته سندس باباسائين تعليم کاتي ۾ڪلرڪ ھئا۔ گھر ۾گڏيل خاندان( joint family)۾ رھنداھيا جنهن ۾ اهي ڇھ ڀاء ، ٽي ڀيڻون ،امان، بابا،ڏاڏو،ڏاڏي۽ چاچو ۽ ھن وڏي فيملي ۾ ڪمائڻ وارو صرف سندس بابا ئي ھو۔ آمدني گھٽ ھئڻ جي ڪري ڪمل صاحب شھر ۾ يا شھر کان ٻاھر ڪنھن سٺي اداري ۾ تعليم پرائي نه سگھيو ڇاڪاڻ ته گھر جا اخراجات ايترا ھئا جو وڏي مشڪل سان گذارو ٿيندو هيو ۽ جڏھن سائينجن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته انھن ڏينھن ۾ وقت جي حڪومت جي ڪرپٽ ڪامورن سندس والد کي ڊيوٽي تان فارغ ڪري ڇڏيو۔پوء ته سائينجن جون سموريون خواھشون اڌوريون رھجي ويون ڇو ته پرائمري جي تعليم سٺن استادن جي زيرنگراني بھتر ڪاڪردگي سان پاس ڪئي ۽ سيڪنڊري جي تعليم به اھڙي نموني ھميشه اول نمبر حاصل ڪري پاس ڪئي, پر يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس ۾ والد جا مالي حالات بھتر نه ھجڻ جي ڪري متاثر رھي ڇاڪاڻ ته انھن ڏينھن ۾ ڪاليج جا ڪلاس ريگيولر بھتر انداز ۾ نه ھلندا ھئا ۽ استادن کان ٽيوشن وٺڻ تمام ضروري ھوندي ھئي.
خير.....!! ڏکين حالتن ۾ به ڪمل سنگھ پنھنجي تعليم کي جاري رکيو۔ انٽر ۾ پڙھائي جي دوران هن بردبار نوجوان عمرڪوٽ شھر جي پرائيويٽ اسڪول برائيٽ فيوچر پبلڪ اسڪول ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو۔ ائين ڪائنات پبلڪ اسڪول عمرڪوٽ ۽ آرمي پبلڪ اسڪول ڇور ۾ پيغمبري پيشي سان وابسطه رھيو ۽ اهو تعليمي شعبي سان گانڍاپي جو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري و ساري آھي, انھي سموري عرصي دوران کيس تمام ڏکين حالاتن جو مقابلو ڪرڻو پيو، پنھنجي تعليم کي به جاري رکيو ۽ پنھنجن ننڍن ڀائرن کي به يونيورسٽي تائين تعليم پرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھائڻ دوران سائين نالو ۽ شھرت گڏوگڏ حاصل ڪيا پر پنھنجو يونيورسٽي وڃي تعليم پرائڻ جو خواب ھميشه اڌورو رھجي ويو.
ڪمل سنگھ پرائمري تعليم پنھنجي ئي اباڻي ڳوٺ لکمير اوڏ ۾ حاصل ڪئي۔ سيڪينڊري تعليم گورنمينٽ ھاء اسڪول نمبر 2 عمرڪوٽ ۾ حاصل ڪئي۔ بيچلر ۽ ماسٽر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ حاصل ڪئي۔ ان سان گڏوگڏ قانون جي ڊگري LLB به حاصل ڪئي. جئين ته سائين بابت مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي ته سائين جا تعليم حاصل ڪرڻ وارا ڏينھن تمام ڏکين حالاتن ۾ گذريا ڇاڪاڻ ته گھر ۾ وڏو ھئڻ جي ڪري گھر جي سڀني خرچن جو وزن سائينجن جي ڪلهن تي اچي ويو تنھنڪري انھن سڀني خرچن جو مقابلو ڪرڻ صرف پرائيويٽ اسڪول ئي تنھنجو سھارو ھو. جنھن مان تمام گھٽ پگھار ھوندي ھئي ۽ اسڪول وقت کانپوء ماني کائي رات جو ڏھ بجي تائين پرائيويٽ ٽيوشن ڏيندو ھو۔ انھي مان ئي پنھنجي وڏي فيملي جي خرچن جو پورائو ڪندو ھو, انھن ڏينھن جي دوران ڪڏھن ڪڏھن سڀئي گھر جا ڀاتي بغير ماني کائڻ جي سمھي رھندا ھئا.
سائينجن جا بھترين دوست، استاد ۽ ساٿي جو جواب سائينجن ھڪ ئي لفظ سان ڏي ٿو ته انھي سموري سائين جي دردن سان ڀريل زندگي ۾ ڪمل صاحب جو بھترين دوست ، استاد ۽ ساٿي سندس بابا سائين ئي ھو جيڪو سندس لاء انسان جي روپ ۾ ڀگوان مثل ھو جنھنجو ھميشه ساٿ ۽ ھمٿ افزائي رھي, پر پوء به تعليمي عرصي دوران سائين کيمچند اوڏ (چاچو)، سائين کيمچند بجير ۽ سائين محمد ھارون ڪنڀر بھترين ۽ آئيڊل استاد رھيا.
بھترين دوستن جو به ڪافي وسيع حلقو آھي پر انھن مان چند سٺا ساٿي جن سان گڏ ھميشه گھر جي ڀاتين وانگر وقت گذريو ۔ ڏکين ڏينھن به جن جو ھميشه ساٿ رھيو ۽ گڏ ويھي ھڪٻئي سان ڏک سور سلھيندا ھيا تن مان سريش ڪمار ميگھواڙ ، الله بخش منڱريو ، راجا دسرت ڏيپار، نور محمد نھڙي ۽ محمد اسماعيل ڪنڀر سرفھرست آھن۔
سائينجن جي تعليمي شعبي ۾ ڪيل خدمتن ۽ تعليمي تقريبات جي پروگرام يا ايوارڊ جي حوالي سان سائينجن ڪا به وڏي ھام نٿو ھڻي پر ڪمل صاحب مختصر اھو ضرور چوي ٿو ته اڄڪلھ چمچاگيري جو دور آھي سو ڪمل صاحب پنهنجو پاڻ کي انھي پاسي اصل ئي الڳ رکي ٿو, ڪڏھن به ڪنھن پروگرام وغيره ۾ پنھنجي پاڻ کي ثابت ڪرڻ جو اصل موقعو به ڪونه مليو ھميشه نظرانداز ڪيا ويو۔ پر ھتي صاحب اھو ضرور چوي ٿو ته پنھنجي علائقي ۾ پروگرام رکرايا وڃن جن ۾ خطي جي پرائيويٽ توڙي گورنمينٽ جي سٺن استادن کي ھمٿايو وڃي ۽ حوصلا افزائي ڪئي وڃي۔ ڇاڪاڻ ته بھترين استاد اسان جي قوم توڙي ملڪ جو سرمايو آھن۔
سائينجن پنھنجي دوستن، قوم يا سماج لاء اھو فرمائي ٿو ته پاڻ به اعلي تعليم حاصل ڪيو ۽ پنھنجي اولاد کي به سٺن ادارن ۾ اعلائ تعليم ڏياريو ڇو ته تعليم ئي واحد ذريعو آھي جنھن سان اسان سڀني مشڪلاتن کان پار پئجي سگھون ٿا۔ تعليم اھو واحد وسيلو آھي جنھن جي ذريعي اسان ايندڙنسلن لاء سٺو ٻج پوکي سگھون ٿا۔اسان جي معاشري ۾ ڪرپشن ڏينھون ڏينھن ناسور جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي تنھن جي خاتمي لاءاسان کي سٺي تعليم ۽ شعور جي ضرورت آھي۔ اھو شعور اسان استاد ئي شاگردن کي ڏيئي پنھنجو ملڪ توڙي معاشرو ڪرپشن کان پاڪ ٺاھي سگھون ٿا۔
آخر ۾ پنھنجي دوستن، ملڪ ۽ قوم لاء اھو پيغام آھي ته پنھنجي ٻارڙن کي سٺي تعليم سان نوازيو اڄڪلھ مقابلي جو دور آھي جنھن ۾ ھر پڙھيل لکيل نوجوان کي competative exam ۾ ويھڻ لاء ضرور محنت ڪرڻ گھرجي۔ انکانسواء ٻيون به ڪيتريون ئي fields آھن جنھن لاء محنت تمام ضروري آھي ڇو ته محنت الله سائين ڪنھن جي به محنت رائيگان ڪونه ڪندو آھي۔
انکانسواء اسان سڀئي پسمانده طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻھو آھيون اسان کي پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاء واحد field ھڪ ئي آھي آھي جنھن جي ذريعي اسان انصاف جي اميد ڪري سگھون ٿا۔ اھا قانون جي ڊگري LLB آھي۔ اھا ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوء اسان باقائده عملي طرح انھي field ۾ ڪم ڪري پنھنجي حقن لاء وڙھي سگھون ٿا۔پنھنجو ، پنھنجي ديس واسين،قوم ۽ ملڪ جي حفاظت ۽ دفاع ڪري سگھون ٿا.

Sir Kamal, has been my colleague in Kainaat Public School some 18 year ago. Since then I have periodic communication with him. No doubt he has been intelligent, hard working professional and great human. May almighty keep continued the blessings for him and his family. Lachman Das Malhi Thailand
ReplyDeletethnx sir whatsoever im today due to company of friends like you.
ReplyDelete