Meva Ram Parmar

Tuesday, April 14, 2020

محمد اسلم ٻُٽو جسماني معزور هوندي ذھني معزورن کي مات ڏني آھي

اسلم جي محنت نيٺ ڪم آئي
تحرير: ميوارام پرمار

محمد اسلم ٻُٽو کي ٻالڪپڻ کان سڃاڻيندو پيو اچان,ننڍڙي ڀاءُ جو ڪلاس فيلو هئڻ سبب ايتري اليڪ سليڪ نه رهي پڙھائي ڪم ڪار پوء ٽيچنگ شعبي ۾ اچڻ بعد شھر ۾ اسڪول ٽيوشن بعد هن ڇوڪر کان ملندي ڪافي ڏينهن گُذري ويندا هيا رستي تي گهر هئڻ باوجو به ملاقات ڪانه لکيل هوندي هئي, پي ايس ٽي پوسٽنگ ۽ جوائننگ آرڊر جي وچ واري سفر دوارن مليل واندڪائي ۾ دوست سان ڪرڪيٽ  کيڏڻ مهل چند گهڙيون ڪچهري جون ملنديون حال ماضي جا قصا ۽ مستقبل بابت اونو رهندو هيو. هن  ڇوڪر ۾ مون هڪ چڻنگ ڏٺي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي,اهو جوش جذبو ولولو ۽ تشنگي ڏٺي, هڪ جدوجهد کي رخ ڏيڻ ۽ راھ ڏسڻ ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ لاء کيس حوصلي ۽ داد جي ضرورت پئي محسوس ٿي, دوست کي دلداري ڏيندي مارڪيٽ ڏي روانو ڪيو.
پوليو سبب هڪ ٽنگ اڌ کري چُڪي هئي جسماني معذرو هئڻ باوجود ڪيئي ميل پنڌ ۽ سوين ميل ذھني سفر ڪرڻ جو حوصلو موجود, پڙھائي ۾ ايترو ڀڙ به نه هيو پوء به لڳاء پڙھائي سان هن کي بي اي پاس ڪرائي ڏنائين اڳتي به پڙھائي جاري رکڻ بابت سوچي پيو. پر مالي حالتون ساٿ نه پيون ڏين, اسلم کي حوصلي کي ضرورت هئي رهبري جي, ڊفرنٽلي ايبلڊ اسلم روز شھر ويندو پنهنجا نوان دوست ٺاهيندو, ڪچهريون ڪندو, اخبارون پڙھندو, هن ڪافي دوست ٺاهي ورتا هيا, هن جسماني معذورن جي تنظيم به غيرفعال ڳولهي هٿ ڪئي هئي, سڀني دوستن سان رابطو ڪرڻ ڪچهريون ڪرڻ سندس مشغُولو پئي رهيو, آخرڪار هن بيروزگاري ۽ مالي حالتن کي مدنظر رکي دوستن جون گڏجاڻيون به ڪوٺايون, هن سماج ۾ هون به تعليم يافته بيروزگارن جو وڏو تعداد آھي اتي جسماني معذورن کي ڪير ٿو پڇي. هن دوستن ساڻ گڏجي تنظيم کي فعال ڪندي پنهنجن حقن لاء احتجاج ڪرايا, ڌرڻا به هنيا ۽ روڊ به بلاڪ ڪيا چڱا خاشا پڙھيل لکيل ڪامريڊ ڪي ڏينهن جو ته ڪي رات جو ڀوتارن جي بُوٽن ۾ پيل هجن اتي هن دوست اڌڙٽ کان به گهٽ عمر واري ٻالڪ جي حوصلي کي سلام جو ڌمڪين دڙڪن ۽ ڀڀڪين کان نه ڊنو, ڪيئي دوست رفو چڪر, ڊڄي ويا ڀڄي ويا پر هن ڇوڪر هار نه مڃي.

جي جهنگ ڪندو تنگ تہ ساڙي اچبو
هوندو جي بيابان تہ لتاڙي اچبو
اي منزل مقصود توسان واعدو آ
آيو جي اڳيان اۡڀ تہ بہ ڦاڙي اچبو

پنهنجي حقن جي حاصلات لاء جنگ جوٽي رکي شايد ئي ڪو سنڌ ۾ اهڙو ضلعو هجي اتي هن ٿوري تعداد ۾ معذورن جو انگ گڏ وڙھي رهيو هجي هن دوست همٿ و حوصلي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي, بلند حوصلي جي مالڪ هن ٻالڪ کي ڄڻ اڳتي ۽ اڳتي وڃڻ جي سُتي ڏنل هجي دوستن جا حوصله پست ۽ پاڻ سست به ٿيا پر هن ليڊرشپ ڏيکاريندي حوصلو ڏيندي آٿت ڏيندي يقين ڏياريو ته

تون چوین زندگی لڙڪ آ زھر آ،
مان چوان زندگی پرھ جو پھر آ.
تون چوین زندگی درد جو قافلو،
مان چوان زندگی حوصلو حوصلو

استاد بخاری
انشاالله ڪاميابي اسانجو نصيب آھ ۽ اسان جيت جي تمام ويجهو آھيون,سرڪاري آفيسن مان روز ڪاغذ وٺي دوکا ڏئي روانا ڪرڻ ۽ ماٺ ڪرائڻ جا هي هربا ڏسي دل شڪسته به ٿيا هر ڀيري پر هن ڀيري شايد انهن کي اميد نظر آئي آخرڪاري پنجويھ کان به وڌيڪ مستحقين کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون هي سڄو ڪريڊٽ اسلم ڏي وڃي ٿو جنهن هڪ نيريٽو تي بيهڻ سيکاريو ۽ اڳواڻي ڪندي حقن لاء وڙھيو,  پاڻ کي بي اي جي به ڊگري تي پٽيوالي ملي پر هڪ استاد جي اسڪول ۾ شاگردن جي رش سبب پاڻ پٽيوالي سان گڏوگڏ ٻارن کي پڙھائڻ جو ڪم ادا به ڪري پيو. جڏھن ٽي اي او صاحب وڃن ۽ سندس حال احوال اورين ته حيران ٿيو وڃن هڪ پٽيوالو سندس ڪم سان گڏ پڙھائي به پيو پر افسوس اتي به هڪ ٿڦڪي ئي داد ملي ٿي نڪين پروموشن نڪين انصاف پر هي ٻالڪ اڄ به اڃان به پُر اميد آھي ته انشاالله هر ميدان تي وڙھبو ۽ حق لاء جدوجهد ڪبي.
يقينن هن جا شاگرد به باڪردار, خوددار, ايماندار ۽ حق سچ تي هلڻ ۽ حق لاء وڙھڻ جهڙا باڪردار ئي پيدا ٿيندا.
مالڪ هن ڇوڪر کي زندگي جون خوشيون عطا ڪري ۽ اڃان به وڌيڪ جوش و جذبو ڏي ته جيئن هي پنهنجي تنظيم جي دوستن لاء آواز بلند ڪري. آمين

1 comment:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...