#سياسي_سماجي_آدمخورن_جو_ٽوپي_ڊرامو
تحرير: ميوارام پرمار
ڪنهن به قتل وقت جي صُورتحال
شھر ۾ قتل ٿي, سماجي اڳواڻن جي تعزيتي, مذمتي ۽ مزاحمتي پوسٽن جي وٺ وٺان ٿي ۽ قيادتن سان عيادتن جي عادتن جو وقت شُروع ٿيو.
سياسي اڳواڻ/چونڊيل نمائندي کان اڳ چمچو ٺڪ ڪندو ۽ گاڏي مان لهندي سڌو ابُتي ٽاڻي مقتول جي گهر ٿو وڃي ۽ ڌرڻي لاء اتساهي ٿو,قاتل کي پڪڙائڻ, عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاء مُرليون فٽ ڪري ٿو.
مائٽ راضي ٿيندي حامي ڀرين ٿا چند ڇڙواڳ ڇوڪرا اڳواڻي ڪندي چوڪ تي ظاهر ٿين ٿا ۽ شھر ۾ ڪرفيو, هڙتال ۽ شيطان جي آمد جو سما ٿو لڳي, شھر جي مُک چوڪ تي ٽانڊو لڳايو ٿو وڃي ۽ ٽن ڪلاڪن کانپوء ڊراميباز اڳواڻن جي آمد ٿئي ٿي ۽ سڀئي ڇڙاڳ بشمول واندا گڏ ٿين ٿا ۽ اڳواڻ ڌرڻي ۾ هوندي ڪال تي بزي ٿا رهن ۽ ساڳين وقت پوليس رسي ٿي ۽ ٻئي دُوبدو ٿين ٿا مڙئص سُس پُس ڪندي ميڊيا آڏو ٻٽاڪ هڻي نڪريو ٿا وڃن ۽ پوليس اڳيان هيروگيري ۽ فني کاني ڪندي هليا ٿا وڃن ۽ فونن تي هڪ پاسي ڇڙواڳ ڇوڪرن کي اتساهن ته ٻي پاسي پوليس کي ڦُونهارو ڏيڻ تي ۽ ٽين پاسي سياسي ڀوتارن جي حاضري جاري رکندي جي سائيي حاضر سائني جاري رهي ٿي.
پوليس ڀوتار کي ڪال تي: سائين قاتل واندو ٿيو هجي ته فوٽو لاء ڏيو ته شھر کولرايون ميڊيا وارا سر کائي ويا آھن, ڀوتار وسڪي جو گلاس هيٺ رکي کڙتالي اڳواڻ کي سڏي ٿو ۽ گڏ وڃي پوليس وٽ پيش ٿيڻ لاء قاتل کي به چوي ٿو.
مقتول جي وارث: ڀوتار جي اوطاق تي پريشاني واري حالت ۾, انتظار ۾ تيل ٿيو ويٺا آھن, نوڪرن جي پيھ لڳي پئي آھ ۽ صاحب راتوڪي نشي مان هوش ۾ ناهي آيو جو ٻاهر نڪري ماڻھن کي منهن ڏئي, ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار بعد ڀوتار پيٽ اڳيان ڪندي ظاهر ٿئي ٿو ۽ حال احوال وٺندي ئي پوليس جو بند ٿيل نمبر لڳائي ڪمپني وارن کي گاريون ڏئي مُڇ کي وٽ ڏئي وارثن کي روانو ڪري ٿو ۽ چري هڦش ۾ خُوش ۽ جلد قاتل پڪڙي ڇڏيندا مون ڪال ڪري چيو آ.
ٿاڻي پچهڇڻ کان اڳ قاتل ۽ اڳواڻ جو ريٽ سيٽ ٿي وڃي ٿو ۽ چرش جو سگريٽ شئر ڪندي گاڏي ڌڪيندي ٿاڻي پهڇن ٿا ۽ پهچندي ئي اڳيان ساڳين خاطرداري جاري رهي ٿي, ۽ قاتل کي جيل ۾ وجهي پوليس پريس رليز جاري ڪري ٿي.
هوڏانهن شھر کليو, فيسبڪ تي خُوشي جي لهر ۽ ڀوتار جي اوطاق مٺائي جي دڪان ۾ ڪنورٽ ۽ کڙپيل اڳواڻ اڳين مهيني آن تي وڏي گاڏي ڪڍرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏي ٿو.
آھستي آهستي قتل پي جو به هجي پر وڃي وسري ٿو, ڦٽ سُڪي ٿا وڃن, نالا ذھن مان نڪريو ٿا وڃن ۽ ماڻھو ڌنڌي لڳيو ٿا وڃن ۽ انهي ڪشمڪش ۾ ايف آئي آر تان اصل قاتلن جا نالا به ڊھيو ٿا وڃن ۽ باقي رهن نالا فرضي جيڪي عدالتن ۾ ثبوتن جي نه هئڻ ڪري آزاد ٿيو ٿا وڃن.
هي آھي سڄو ٽوپي ڊرامو

100% right sir. Its a best example of our society.
ReplyDelete