Meva Ram Parmar

Tuesday, April 14, 2020

اسين ووٽر لُوسي جا

اسين ووٽر آھيون لُوسي جا

ميوارام پرمار

اسين ووٽر آھيون لُوسي جا
اسين ورڪر آھيون لُوسي جا

اليڪشن وقت ياد ڪري ٿو
هڪ هڪ در تي ڀڳو اچي ٿو
مُشڪل وقت ۾ لڪيو وڃي ٿو
ڇڏي نٿو هُو ڇٺي ورسي ڪا

اسين ووٽر آھيون لُوسي جا
اسين ورڪر آھيون لُوسي جا

چُونڊن ٽاڻي ڪري پُٽ ٿي وڃي
گاڏي بنگلي ۽ ويهاري سوفن تي
کٽڻ کانپوء سفا کوٽو کر ٿي
ٽٽون بند ڪري ٿي ڦونسي ڪا


اسين ووٽر آھيون لُوسي جا
اسين ورڪر آھيون لُوسي جا

وات وڪيل ۽ وڏو لٻاڙي آھ
مُڇ تيلي ۽ زبان ڪهاڙي آھ
گڏ ڪُتن جي ڪُت ڪُراڙي آھ
بس ڪم ٽاڻي ٿيندو کسي آھ

اسين ووٽر آھيون لُوسي جا
اسين ورڪر آھيون لُوسي جا

ڳالهيون ڪندو آ سفا وڏيون
هٿ پير لڳي نه,هڻي ٿو گڏيون
جيڪي به هن آھن ڦونڪون ڇڏيون
مليون آھن سڀ هن ورثي مان

اسين ووٽر آھيون لُوسي جا
اسين ورڪر آھيون لُوسي جا

اسڪيمون اسانجون کائي وڃي ٿو
يتيم, بيواهن جا حق ڦٻائي وڃي ٿو
سريو, سيمنٽ, سرون, بجري, سولر صابڻ
نلڪو نالي ڇڏي نه ڇڏي ٻوڪي ڪا

اسين ووٽر آھيون لُوسي جا
اسين ورڪر آھيون لُوسي جا

















1 comment:

  1. Bs haarn awam khe hik e kam krbo aa vote je tine hinan loosyan khe moonh tor jawb dijje

    ReplyDelete

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...