Meva Ram Parmar

Saturday, April 18, 2020

فيض محموداڻي ڪير سڏائي

فيض محموداڻي ڪير سڏائي


ميوارام پرمار

عمرڪوٽ ضلعي ۾ جڏھن جرنلزم ۽ سوشل ايڪٽوزم جو ذڪر ڇڙندو ته فيض چوپاڻ جو نالو به ذھن جي پردي تي گردش ڪندو, سينئر صحافي, استاد, ورسٽائل شخصيت جي مالڪ گُل منير ولهاري جي صحافتي شاگرد فيض چوپاڻ عمرڪوٽ ضلعي جي منفرد تاريخ رکندڙ شھر ڍورونارو جي گود ۾ ڳوٺ فضل چوپاڻ ۾ اک کولي, علم سان چاھ ۽ محبت ته گڏوگڏ کيتي ٻاڙي ۽ مالوند هئڻ ڪري مال جي سار لهڻ جي باوجود هن علم دوست شُروعاتي تعليم سندس ڳوٺ ۽ هاء اسڪول ڍورونارو ۽ انٽر کان ايم اي تائين جو تعليم سفر بنا وقفي جي عمرڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ جاري و ساري رکيو پئي هو, علم سان چاھ بي انتهائي هوس پر والد صاحب جي طبيعت جي ناسازگي سبب اڳتي تعليم کي جاري رکي سگهڻ ممڪن نه رهيو فيض لاء.

سياسي سماجي سوچ فڪر جي مالڪ محترم محموداڻي سياست ۾ به پير پاتو ۽ ڊيبيو ڪئي سياست جي سنڌ ترقي پسند پارٽي کان ۽ ان جي ضلعي سطح جي سڀني عهدن تي وقت بوقت قائدانه سرگرميون ۽ ۽ فرائض سرانجام ڏيندو رهيو, تنهن وقت جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري بطور ڪائونسلر چونڊي آيو ته گڏوگڏ سماجي ڀلائي جي ميدان ۾ پڻ اڳڀرو ٿيڻ لڳو ۽ اتي جي لوڪل سماجي ڀلائي جي تنظيمين جهڙوڪ اولڊ بوائز ايسوسئشن, انور ايسوسيئشن, هاڪڙو سپورٽ پروگرام, نوجوان اتحاد, کاهوڙي سماج سٿ, ايل ايس او, وي ڊي او, عشر زڪوات ڪاميٽي ديھ تل جو وائيس چئرمين, ڍورنارو ڪاميٽي پاران ٺهندڙ مختلف ڪاميٽيز ۾ بطور سرگرم ميمبر,  علائقي جي سرگرم نوجوانن, مهان ڪردارن سان شامون ملهائڻ,  مختلف وقتن تي ثقافتي ميلن جو انعقاد ڪرائڻ, اکين جي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳرائڻ سميت ٻوڏ, زلزلو کان هر قسم جي قدرتي آفت وقت ڍورونارو جو اڳواڻ انتهائي سرگرم ۽ قائدانه اسڪلز کي استعمال ڪندي پنهنجي ٽيم کي پڻ سرگرم ۽ اڳڀري رکندو پئي آيو آھي, هر سال ثقافتي پروگرام  ۽ تازو ئي ڪلانڪر جي هنج ۾ ڪوٺايل ثقافتي رهاڻ فيض جي محنتن جو عڪس آھي.

فيض پنهنجو پنهنجو پاڻ خوشنصيب انهي ڪري به سمجهي ٿو ته هُن کي پنهنجي ڪيل محنتن ۽ جاکوڙ جو سندس دوست ۽ ٽيم قدر به ڪيو پئي آھي ته گڏوگڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ ڪم به ڪيو آھي, ڍورونارو جي شان ۽ ڍورونارو جي نوجوان اڳواڻ پنهنجن دوستن جو بي انهتا محنت ۽ ٽيم سان محبت ڪندڙ اڳواڻ آھي تازو جنم وٺندڙ با ڪرونا وقت به صحافتي ڪم سان گڏ سماجي ڀلائي جي شعبي ۾ پڻ سوين گهرن جي لاء راشن, ميڊيڪل اسٽاف لاء پي پي اي جو بندوبست, سماجي سڄاڳي ۽ وفاق پاران ملندڙ فنڊ جي ڍورونارو سينٽر تي آيل سوين مستحقين لاء ماني جو بندوبست ڪرڻ به سندس ئي ٽيم ڏي سهرو وڃي ٿو,  چوپاڻ صاحب پنهنجي وس ۽ وت آھر انتهائي گهڻو ايڪٽو رهيو آھي مسڪين جي آھ دانهن ايوانن تائين پهچائڻ کان ننڊا وڏا مسئله حل ڪرائڻ, رت جي بوتل کان آپريشن تائين مريضن جي جاني و مالي امداد ڪرڻ, شناختي ڪارڊ کان ووٽر لسٽ ۾ ووٽن جي اندراج تائين هر هڪ ننڊي ننڊي ڪم کان وڏي ۾ وڏي ڪم ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آھي ۽ اهڙا ئي فرد هوندا آھن جيڪي اونداھ آسمان ۾ سانجهي تاري وانگي جرڪي پنهنجو پاڻ هجڻ جو ڏس ڏيندا آھن ۽ آسمان جي خوبصورتي ۾ اضاف ڪندا آھن فيض عمرڪٽ ضلعي جو اهو ئي سانجهي تارو آھي ۽ عمرڪوٽ هن تي فخر ڪري ٿو.

ڪو شوخ ستارو هان ٽم ٽم ٽمڪي ويندسُ،
اي مَنَ تو مَن،َدَرَ تي، مان چمڪي ويندسُ.آدم

کين ننڍي ھوندي کان بھترين دوستن جي ٽيم ملي جنھن زندگي ۾ انسانيت ۽  پيار جو درس ڏنو سڀني دوستن ڀائرن وانگر پيار ڏنو ھر ڏکي وقت ۾ گھر جو ڀاتي سمجھي سنڀاليو, بھترين استادن سائين عبدالستار ڪنڀر  ۽ سائين محمد علي چوپاڻ رھيا, دستن ۾ سياسي ۽ سماجي استاد سائين گل منير ولھاري آھي جيڪو ھڪ وقت والدين, استاد, دوست  جو ڪردار نڀايو , سائين غلام حسين آريسر منھنجو انتھائي اعتماد جوڳو ساٿي آھي, سندس صلاحن جي زندگي ۾ مضبوط ارادن تي بيهڻ بابت ھمٿايو, باقي سموري دوستن جي ھڪ وڏي کيپ انسانيت جي خدمت ۾ ھنجو ساٿ ڏنو جنھن جي بدولت فيض جيڪو ڪجھ پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو انهن دوستن, استادن ۽ والدين جي  ڪري. محموداڻي جو  صحافتي استاد ميان گل منير ولھاري آھي ,جنھن هن کي صحافت جي اصولن کان واقف ڪيو, 1998 ۾ صحافت جي شروعات ڪندي سنڌي مختلف اخبارن روزاني الک,تعميرسنڌ,  روزاني سنڌ, عوامي آواز, پاڪ, خبرون اخبار, سنڌ ٽي وي نيوز, موجود ٽائيم ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز ۾ ڪم ڪري رھيو آھي, پنهنجي جاکوڙ ۽ صحافتي شعبي سان سچي من, لڳن ۽ بي انتها ايمانداري سبب  مختلف پروگرامن ۾ صحافتي ايوارڊز ۽ داد پڻ وصول ڪري چُڪو آھي, ڪافي پروگرامن ۾ تقريرون ڪرڻ ۽ شرڪت ڪرڻ جا موقعا مليا, سڀ کان پھرين انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي يقين تي يقين رکندڙ فيض دوستن ساٿصن ۽ اندس چاهيندڙن لاء اهو پيغام ڏي ٿو ته , ھڪ ٻئي جي ڪم اچو, ڏُکي وقت ۾ مسڪين, بيسهارا, لاچار ۽ مستحقين جي سار لهو ۽انهن جي و آهر مدد ڪريو, سچائي سان ڪم ڪيو,  پاڻ ۾ ايڪو ,اتحاد ۽ ٻڌي جهڙا عظيم نقطا کڻي پنهجن کي پنهنجون محنتون ارپي ٿو فيض ۽ سنڌ کي روشن صبح جي ڪرڻ بخشڻ لاء فيض انتهائي پُراميد آھي.

2 comments:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...