بهادر عورت
تحرير: ميوارام پرمار
بهادري جي جڏھن ڳالھ اچي ٿي ته اسانجي ذھن ۾ وڏا وڏا تاريخي خُوني فاتح ۽ خنخوار جنگون وڙھندڙ سپاهي جرنيل ۽ جوڌا اچن ٿا, اهي بلوان, پهلوان ۽ اهي شاتر خطرناڪ ويڙھاڪ اچن ٿا, ڪٿي پڙھيو آ ڪنهن ڏاهي جو قول آھ طاقت هوندي به معاف ڪرڻ بهادري آھ پر اسانجي سوچ انجي برعڪس ۽ اسانجا رول ماڊل سدائين ويڙهاڪ رهيا آھن ته ڪيئن ٿا شانت رهي سگهون,ڪيئن ٿا شانتي کي اتساهي سگهون ڪيئن ٿا امن کي وڌائي سگهون ۽ ڪيئن ٿا پرامن زندگي گذاري سگهون.
مرد زده هن معاشري ۾ عورت ڪتابي ۽ لفاظي طور تي پاڪ پويتر ۽ سماجي طور تي ٻي نمبر تي تصور ڪئي وڃي ٿي پوء ڀلين هيڻي, ڪمزور ۽ نفسياتي طور ڏيکارڻ خاطر يا محسوس ڪرائڻ خاطر ليڊير فرسٽ, بس ۾ اڳين سيٽ يا جاء ڏيڻ واريون ڏيکارڻ لاء ڊراميبازيون ڪريون اهو حقيقت کي لڪائي نٿيون سگهن.
عورت مرد/ نر مادي هن ڪائنات جي بقاءُ ۽ واڌاري جي ضمانت ۽ ضرورت آھن جوڙي سلامت, سهي ۽ برابري جي بنياد تي نٿي هلي ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته زال مڙس گاڏي جا ٻه ڦيٿا آھن ته ٻڌايو ڪنهن به هڪ ڦيٿي ۾ ذري به هوا گهٽ وڌ ٿي ته ڇا اهو گاڏو/گاڏي هلي سگهندا? پنڪچر ۽ برسٽ ٿيڻ ته الڳ ڳالهيون آھن بلڪل به نه, ته منهنجا سڄڻو مظلوم چئي هيڻي چئي عورت کي امداد يا خيرات جي پئڪيج بجاء برابري جي ضرورت آھي جنهن سوا ڪيترو به زور لڳايون عورت تي حاوي ٿي ماري سگهو ٿا پر فطرتي برابري ماڻي نٿا سگهو اها فطرتي حقيقت آھ ڀلين ڪهڙا به ڏاها يا ڪتاب چون.
مذڪوره قول جيڪو بهادري بابت آھي ته ٻڌايو ان تي پورو ڪير ٿو لهي? مرد يا عورت? اچو ٿورو جائرو ئي وٺي ٿا ڇڏيون;
عورت=ڀيڻ: عورت جڏھن ڀيڻ آھي ته ڀاءُ جي سامهون مٿي تان رئو به نٿي لاهي سگهي,ائين هوا ۾ کلي يا مسڪرائي نٿي سگهي, ڪنهن سهيلي, ڪنهن دوست, مڱ يا يار دوست يا کلي ڳالهائي به نٿي سگهي بلڪه اهو تصور ئي نٿي ڪري سگهي پر انجي برعڪس ڀاءُ ڀيڻ جي آڏو مسڪرائي, ٽهڪ ڏئي, چاٻا به ڪري ٿو ته هروڀرو ڏند به ڪڍي ٿو ۽ يار دوست, سنگتياڻي, رکيل ۽ ڀاڙي واري سان به کلي مسڪرائي رومانٽڪ ٿي ڳالهائي به سگهي ٿو ۽دليري بهادري و سيڪريسي کي لڪائي رکڻ جي ضمانت ڀيڻ جي سوچ کي سلام ڪڏھن به اها ڀاءُ جي چڪر لڇڻ جي ڳالھ ماءُ يا پي سان نٿي ڪري, ڪڏھن به ڀاءُ کي اُف به نٿي چئي,ڪڏھن به ڪجھ به نٿي چئي ۽ جيڪر انهي جاء تي ڀاءُ هجي ته والدين کي ٻڌائڻ کان اڳ نياڻي کي دفن ڪريو ڇڏي, ڳارين, ڌڪارين, ڳالهين ۽ هر قسم جي عبرتناڪ نتيجي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ڇوڪري کي پر ڀيڻ ڀاء جي غلطي تي ڌيان ئي نٿي ڌري ۽ ڀاُ ڀيڻ جي غلطي تي ڇتو ٿيو ٿو پوي. (اها ڪا غلطي ناهي عشق,محبت يا سيڪس مرد عورت جي هڪجيتري ضرورت آھي انهي جو منڪر ٽين جنس وارو به نٿو ٿي سگهي).
عورت= مڱ/سنگتياڻي/اجنبي; انهي صورت ۾ ڇوڪري کي انهتائي شائستگي ۽ سوچي سمجهي قدم کڻڻو ٿو پوي ڇو جو هو هاڻ هڪ قيد ۾ ڦاسي چڪي آھي انهي ڪري به انکي هاڻ ڪنهن ٻي سان به کلي مسڪرائي ته ٺھيو ائين ئي ڏسڻو نه ئي ذڪر ڪرڻو ڪنهن ٻي مرد جو, انهي محبت/سيڪس يا رومانيت جي چڪر دوران جيڪر ڇوڪري ڪٿي شڪ جي نظر ۾ به ڏسجي ٿي ته هزار الزامن, مڱڻي ٽُٽُڻ, گالم گلوچ, جان جي ڌمڪي, جان وڃڻ جهڙن سماجي برائين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ۽ بچي به وڃي ته تنهن بعد هي زندگي زهر کان گهٽ ناهي هوندي.
عورت= همعصر/گڏ ڪم ڪندڙ/پڙھندڙ/نوڪري ڪندڙ: عورت جڏھن هن روپ ۾ آھي ته به مرد کي برداشت ناهي, برداشت ته آھي پر پرائي پنهنجي هرگز نه, پهرين ته هُو هُن جي جسم/فگر کان شُروع ٿي ارھ, کان جسم جي حصي حصي تي نظر ڦيرائيندو, ذھبي سيڪس کان احتلام تائين پهچندو, سيٽنگ نه ٿيڻ کان مُشت زني تائين پهچندو, سفر اڃا ٽيون رخ به اختيار ڪري ٿو ادي, ڀيڻ امان کان به وڏا منافقاڻا ۽ ماڊرن لفظ ايجاد/ڪنورٽ ٿي چڪا آھن بيحائي ۾ (فحاشي جيتري ادي/ادا لفظن ۾ ٿي آھي اوتري يار جهڙن لفظن ۾ ناهي ٿي ڇو جو مذڪوره لفظ فحش کي سماجي پردو فراهم ڪن ٿا) انجو استعمال ٿئي ٿو, انهي رشتي فعال ڪري,نمبر/ائڊريس وٺي فون/پارڪ ۾ وڌيڪ رڪشابنڌن جهڙن رشتن کي ناپاڪ ڪيو ويندو آھي اها باهمي هم آھنگي وسيلي ئي ممڪن آھي ته ڪڏھن ڪڏھن مجبوري/زبردستي يا بليڪمينگ جو وڏو هٿ هوندو آھ ۽ سيڪس ته فطري حقيقت بس سر شُروع ٿيو اهو مڪمل گيت ٿي پوندو پوء اهو پائلو ڪولو جي ناول جي پورا يارانهن منٽ وٺندو, سُٺي ڳالھ آھي ته اسانجي آسپاس اسانجي موبائل ۾ جيترا مردن جا نمبر/ڪم ڪرڻ وارا مرد آھن اوتر ئي عورتن جا نمبر ۽ اوتريون ئي عورتون هجڻ کپن اها ئي صنفي برابري آھي پر مردن پاران ڏنل صنفي برابري به هڪ قسم جي خيرات ۽ بيلڪمينگ جو ٽُول آھي جنهن تحت باقي رهيل مذڪوره طريقن سان ڪري سگهجي ٿو.
عورت=رقاصه يا جسم فروش; عورت جو جسم مرد لاء ۽ مرد جو جسم عورت لاء سيڪس کان سواء ڪجھ به ناهي,رقاصه نچي ٿي يا جسم وڪڻڻ واري جسم وڪڻي ٿي هُو ٻنهي حالتن ۾ ڪنهن به قسم جي سماجي برائي نٿي ڦھلائي هُو پنهنجي پيٽ پالڻ لاء اهو پيشو اپنائيندي سماج جي هُن شعبي جي ضُروت جو پورائو ڪري ٿي ۽ مرد کي ذھني ۽ جسماني سيڪس فراهم ڪري ٿي ته هن ۾ برائي ڪهڙي? برائي آھي ته مرد اهو ڪم ڇو ٿو ڪري? مرد عورت سان ملي ته مرد معتبر ئي رهي ۽ عورت رنڊي ڇو ٿي ٿيو پوي? ۽ مرد مرد سان ملي يا ڪنهن جانور سان تڏھن اوهين ڇا ٿا چئو ڪير هيٺ مٿي يا ڪير گهٽ وڌ ۽ معتبر ۽ ڪم تر? اهي سماجي ماپا اسان انسان مطلب مردن .پنهنجي خواهشن مطابق ٺاهيا ۽ معاشري تي مڙهيا آهن
عورت=سماجي, سياسي, ڪاروبار يا عام فيلڊ ۾; عورت کڻي ڪهڙي به شعبي ۾ اچي فرد زده هن معاشري ۾ هضم ٿيڻ جوڳي آھي ئي ڪونه بس جيڪر برداشت ٿئي ٿي ته اهو ذھني سيڪيس جي تسڪين جي ٿڌي ٿيڻ جي حالت آ مرد جي باقي ٻيو ڪجھ به نه, مظلوميت کي عورت سان ڳنڍبو ته مرد پاران غيرمشروط حمايت حاصل هوندي ايتري جو عورت پاڻ حيران, پريشان ۽ بليڪميل به ٿي پوندي خبر ئي نه پوندي مرد ايترو ته شاتر ۽ خفتي آهي, هر قسم هي حمايت, سپورٽ ۽ پٻڀرائي پنهنجي عورت کي گهٽ ۽ پرائي عورت کي وڌيڪ ملندي آھي ڪنهن عورت واتان ٻڌو هو ته "پنهنجي عورت لڪائو ۽ پرائي کي وائو" اها حقيقت ئي آھي.

Indeed! Well written, perfectly reflected women's role in so-called unbiased society.
ReplyDelete