Meva Ram Parmar

Monday, April 1, 2019

هزارين سالن بعد به افعال ساڳيان

مڃون ٿا پن هزار سال پراڻا آھيون
وري به چوان ٿو پڪ ڪرايو
جيڪي پنج هزار پراڻا پٿر مليا
سي اسانجي عزيزن مائٽن جا ئي آھن
يا انهن ماڻھن جو انهن ڀڙن جو
اسان سان ڪو واسطو به آھي
واسطو آھي ته به ڪهڙو
سرجهان مارشل متان مذاق ڪئي هجي
سامراجين وانگي ڌرتي دلالن به ٺٺول ڪئي هجي
هزارين سالن کان ڪُٽجندڙ
هزارين سالن جي ورثي جي مالڪ
درجين حملن جي ماريل قوم
انيڪ ثقافتن کي اپنائڻ واري
موچڙي تي مهانڊا مٽائڻ واري
ڇا واقعي پنج هزار سال پراڻي آھي
جيڪر ائين آھي به سهي ته
آء چوان ٿو هن قوم جو اڃان
پهريون ئي سال هلي پيو
اڃان انسانيت ئي ناهي سکي
سا به قوم چوي ٿي
پنج هزار سال پراڻا آءُ
موئن جي دڙي جا مالڪ آءُ.

ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...