Meva Ram Parmar

Wednesday, April 17, 2019

ٽوٽي مُلازم

ٽوٽي مُلازم

ميوارام پرمار

جيڪر مون وٽ ڪار هجي
شھر ۾ هڪڙو يار هجي
ڌنڌي تي اصل ئي کار هجي
ڪارپت بلڪل بيڪار هجي
جيڪر مون وٽ ڪار هجي

سٽ ڏئي ڊوڙي شھر وڃان
مٽ مائٽ ۽ ڀوتار وٽ وڃان
نوڪري کان سدا لنوائيندو رهان
سڃو سدا آفيس ٻاهر هجي
جيڪر مون وٽ ڪار هجي

نوڪري ملي هئي ڀڳڙن مُٺ
هاڻ ته ٿي ويا اصل ئي ٺٺ
ڪم ڪرڻ ته اچي ئي نٿو
واھ جا ٿيا هن اسانجا ٺٺ
ڪانٽو ڦرندو گهڙي کان ٻاهر هجي
جيڪر مون وٽ ڪار هجي

هٿ ۾ موبائل ۽ وات ۾ پان
ڦران ائين جيئن ٻڪر سان
ڪم جي وقت وڃي ٻرو چڙھي
تاريخ تي فڪس کڻڻ پگهار وڃان
جي اي ٽي ايم وارو يار هجي
جيڪر مون وٽ ڪار هجي

حرام کائي اصل ڍئو ڪريان
مالڪ جو ذرو به نه ڀئو ڪريان
حرام جي اهميت سمجهي ڪير
آءُ ته کائي ٿو ڍئو ڪريان
جي آفيسر پنهنجو پڳ دار هجي
جيڪر مون وٽ ڪار هجي.

Monday, April 15, 2019

دراوڙ

دراوڙ

ميوارام پرمار

اسين درواڙ درد جا ڏاڍا
اسان پنهنجي سيني تي بار کنيا هن.
اسان پنهمجي سر تي سُور سٺا هن
اسان تي رهيا قابض جابر مڪار
اسان ڌرتي ڌڻين سٺا هن ڌڪار
ظلم جا سلسله ۽ ستم جا قافلا
اسان رهيا هون تاريخ ۾ هيڪلا
اسان تي اوڀر کان اولھ
ڪافلن ڪيو ڪاھ هيو ڪڏھن
اسان تي اتر ۽ ڏکڻ طرف کان
فرعون ۽ يزيدن جا پوئلڳن وار ڪيا
سٺا هن ستم ۽ سٺا هن ظُلم
هر ايندڙ ويندڙ جا
هر لشڪر ۽ جُلوس کي منهن ڏنو آھ
ڪڏھن به ڪنهن جي اگھ وڪيو آھ
نه تاج سجايا ڌرتي دلالي جا
نه تمغا ۽ تخلص رهيا هن اسان سان
اسان ازل ۽ آخر اُهي هي
اسانجي سنڌو ڌرتي ۽ اسين هي
اسان سنڌ جو پاڻي آ پيتو
اسان سنڌ جي نمڪ سان نڀايو
نڪين ارغون نڪين ترخونن
نڪين اوڀر وارن نڪين اولھ وارن
ڪنهن جي ثقافت اپنائي
نڪين نظريا مٽايا
سنڌ ڌرتي ڄڻيا هئا
اڄ به هون ساڳيان
پڇي ڏس پرپُٺ تون سنڌو سان
نڪو جهڪيا نڪو وڪياسين
اسان انسانيت ۽ ثقافت جا وارث
دنيا کي اسان ئي رهڻ ۽ جيئڻ سيکاريو
اسان پنهنجي سڃاڻپ ڌاري رکي آھ
اسان پنهنجي ثقافت سنڀاري رکي آھ.

Monday, April 1, 2019

ٽڪي جا استاد

هل ٽڪي جا استاد

استاد: ميوارام پرمار

سنڌ جا استاد
او ٽڪي جا استاد
توکي چپ ڪري ويهڻ نٿو اچي
توکي هروڀرو پڙهائڻو آھي
توکي سنڌ ۾ سُڄاڳي آڻڻي آھي
او ٽڪي جا استاد
او ڀُٽي جا دُشمن
توکي دنيا ليول جي اسڪول ڇو ڏيون
توکي دنيا ليول جي عزت ڇو ڏيون
اسان سامراج جا پٺُو هون
اسان سنڌ جي حقن تي ويٺل نانگ هون
توکي ٺُپ سُرت ناهي
توکي ذرو به عقل ناهي
اين ٽي ايس وارن کان پڇين ها
پڙھائڻ وارن کان پڇين هان
پڙھائڻ جي قيمت ڪيتري آ
شعور آڻڻ جي اهميت ڪهڙي آ
توکي ڇو سنڌ ۾ تعليم تباھ ٿي نظر اچي
جتي اسان کربين روپيا خرچ ڪري
جتي اسان پدمين روپيا خرچ ڪري
آمريڪا يورپ ۽ آسٽريليا کي نه
پوئتي ڇڏي ڏنو
ڌڪي ڪڍي ڇڏيو
پوء به توکي نظر نٿو اچي
پوء به توکي ڏسڻ نٿو اچي
او ٽڪي جا استاد
او زرداري جا دُشمن
تنهنجي اهميت فقط ايتري آھي
جو تون سوئيپر ۽ ڊرائيور جي پگهار تي
ماسي مالهي ۽ هاري کان جيترو ڪم ڪر
حق گهُرڻ جي ڀُل نه ڪرين
ڪشمير فلسطين جهڙو حشر ڀرپا
ڪري توکي ناني ڏاڏي ياد نه ڪرايون
او ٽڪي جا استاد
هل ٽڪي استاد
هاڻ اُٿو وڃو
منهن ڌو نڪرو
ڪنهن چيو ڏيڊ سئو ٻارن کي
اڪيلو پڙھائي پنهنجا ٻار سمجهي
ٻارن غريبن جي کي
ائين ئي ماريو ۽ ڀڄايو اسڪولن مان
جلدي ڊرمابازي بند ڪري
نڪرو اوهانجي عزت اوهانجا اسڪولي ٻار به
ڏسي چُڪا, کلي چُڪا هاههاهاهاهاهاههاهاهاهاها.
اهي ئي پئسا, اهي ئي مراعتون
باقي پئسا زرداري جي حصي ۾
هاڻ ته سمجهو
هاڻ نه نڪرو
او ٽڪي جا استاد
هل ٽڪي جا استاد

هزارين سالن بعد به افعال ساڳيان

مڃون ٿا پن هزار سال پراڻا آھيون
وري به چوان ٿو پڪ ڪرايو
جيڪي پنج هزار پراڻا پٿر مليا
سي اسانجي عزيزن مائٽن جا ئي آھن
يا انهن ماڻھن جو انهن ڀڙن جو
اسان سان ڪو واسطو به آھي
واسطو آھي ته به ڪهڙو
سرجهان مارشل متان مذاق ڪئي هجي
سامراجين وانگي ڌرتي دلالن به ٺٺول ڪئي هجي
هزارين سالن کان ڪُٽجندڙ
هزارين سالن جي ورثي جي مالڪ
درجين حملن جي ماريل قوم
انيڪ ثقافتن کي اپنائڻ واري
موچڙي تي مهانڊا مٽائڻ واري
ڇا واقعي پنج هزار سال پراڻي آھي
جيڪر ائين آھي به سهي ته
آء چوان ٿو هن قوم جو اڃان
پهريون ئي سال هلي پيو
اڃان انسانيت ئي ناهي سکي
سا به قوم چوي ٿي
پنج هزار سال پراڻا آءُ
موئن جي دڙي جا مالڪ آءُ.

ميوارام پرمار

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...