Meva Ram Parmar

Sunday, February 17, 2019

پئسن تي ٿو پلٽي کائي

پئسن تي ٿو پلٽي کائي,
کالي کيسي ملڪ دکائي,

بک ۾ رڙيون بتال ڪري,
جيئن ٺرائي جي زال ڪري,
مٿاڪُٽي ٿو مال لاء ڪري,
ويندي گاڏي ٿو ڪلٽي ڪرائي,

پئسن تي ٿو پلٽي کائي,
کالي کيسي ملڪ دکائي,

جي وقت تي ملي نه اولڻ پاڻي,
مٿي تي کڻي ٿو سڄي ڍاڻي,
اهڙي اٿلائي ٿو هُو ڊگهي واڻي,
تکي ته اهڙي ٿو ڪاتي ڪرائي,

پئسن تي ٿو پلٽي کائي,
کالي کيسي ملڪ دکائي,

مسٽر فراڊي

Saturday, February 2, 2019

او مسافر

او مسافر ڪاٿي ٿو وڃين
اچ مون واري گاڏي ۾
هتي جهاز ڪرن ٿا ديون ۾
هتي ريلون لهن ٿيون پٽڙين تان
هتي بس هلي نٿي سگهي رستي تي
ٻيو اچي به ڪٿي ٿي وقت تي
جي آئي لاري ته هوندي ڀريل
مرد ٽنگيل ۽ عورتون بيٺل
متان جي ٿي تون بيمار
لاھ نڪرندئي آروپار
اچ مون وٽ ويھ پوئين سيٽ
ڪاٽن وارن جي جيڪا آھي ريت
انهي ۾ ملندئي توکي پريت
پيو ڳائيندين هر هر منهنجا گيت
پيو هڻندين تون هر هنڌ نعارا
واھ سائين تنهنجا لشڪارا
ڇڏ مسافر ڇڏ ضد کڻي
کڻ ٻنهي هٿن سان جيڪو وڻي
وڃ کڻي پنهنجو گهر ٺاھي
پاڻ کي حقدار جي پرواھ ناهي
ڪير ڪري ڪٿي يا ڪري ڪٿي
جو مري جٿي يا جهري جٿي
اچ مسافر اچ توکي ڪرايان لئه
وقت ته آھي وڏي شي
وڃي ڪر خواهشون سڀ پوريون
ڀر پئسن سان وڃي ٻوريون
ٺاھ بنگلا گاڏيون ۽ ٻنيون
۽ وٺ نت نيون ونيون

مسٽر فراڊي

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...