بارات
ميوارام پرمار
هڪ قافلو, ڄڃ يا گهوٽ سميت مٽن مائٽن جو گروپ جيڪو گهوٽ کي پرڻائڻ لاء مائٽن کان سهرن ڏانهن ويندو آھي, جنهن جو رايتي طور تي اڳئي انتهائي گهڻو بندوبست ڪيو ويندو هيو پر اڄ بس چند گاڏيون, هڪ ايڪو ۽ چار ڄاڃي/جاني ناچو سميت ٿيا روانا, ڄڃ وڃڻ پهريان هر اولياءُ ولي درويش تان ٿي ويندي يا رستي تي بيهي دعا گهرندي هئي سو اڄ به ريت آھي ۽ اڳئي رستي ڪا ورلو بارات ڪنهن کي سامهون ايندي هئي ته جاني کارڪون به ڏيندا هيا سو اڄ سيارو خصوصي طور تي باراتون سياسي جلسن کان وڌيڪ نظر اينديون آهن سو نه رهي ايندڙ ويندڙن کي سياسي اڳواڻن وانگي کارڪن جي اميد سو هٿ ئي مٿي ناهن ڪندا ۽ جاني ڪوُڙن سياستدانن وانگي ڪنڌ ئي هيٺ.
ڄڃ ڪنواري ڪنهن جي به چانھ به نه پيئندي آھي اها پراڻي روايت آھي ائين ڪرڻ سان بارات خاص طور تي گهوٽ تي ڪو روحاني/جن ڀُوت جو حملو نٿو ٿي سگهي, سو سڌو سهرن جي آسٿان/اوطاق تي. سهرن انتظاميه ۾ خوشي هوندي هئي سو هاڻ خوشي گهٽ ٽينشن وڌيڪ ته نڀاڳا ايندا الاهي ڪيترا ۽ منهن ڪير ڪيئن ڏيندو, سو اڳئي ته نج گيھ ۽ ان سان تيار ٿيل کاڌا پيش ڪيا ويندا هيا اڄ جيئي حرام پڪوان, ايندي ئي گهوٽ جي الڳ کٽ ۽ جاني بقايه اوطاق ۾ ۽ گهوٽ کي ٿوري ساهي بعد گهر وٺي ويندا هيا تورڻ وٽ ۽ بعد اوطاق ڏانهن ۽ لڳن/مقرر وقت تي چنهوري تي ڦيرا کارايا ويندا آھن سي اڳي ڪڏھن به ڏينهن ته ٺھيو رات سوير به نه هوندا هيا سي اڄ ڪنهن به وقت تي ٿي سگهن ٿا اها ڪتابن ترقي ڪئي الاهي مهاراجن حرامپائي ڪئي آھي سو گاگن جي گوڙ جي خامن کي خبر, برحال اتان ٿي گھوٽ واپس اچي موڙ لاهي سڌو وڏي چاچا يا ڏاڏا سميت سڀني وڏن کي پيرين پيئي هٿ ڏيندو ۽ مبارڪون وصول ڪندو تنهن بعد ماني جو پروگرام ڪيو ويندو ۽ کوڙو به ڏنو ويندو آھي جانين مان ڪنهن ويجهي عزيز کي جيڪو نياڻي کي ويجهو هجي. ماني ٽڪي کانپوء شام ڌاري بارات کي اڳي ٽي چار ڏينهن هفتا به ٽڪائيندا هيا مهمانن کي به ويهڻ ايندو هيو ۽ ميزبان ۾ به محبت هوندي هئي سو شام جي چانھ ويجهن عزيزن ۾ به پيش ڪئي ويندي آھي بدلي ۾ باراتي کارڪون يا خرچي ڏين, اڳئي جي ڀيٽ ۾ اڄ باراتي ٿر جي رڍ وانگي ڀُرٽ وجهي ٿا وڃن سو وسڪي پيئي سو ويندي ئي شامياني ۾ پڌرا ٿيو پون.
فوزيه سومرو جي گيت.
نيٺ پڌرو ٿي پيو
يار ڪُوڙو ٿي ويو.
سو نشاين کي ڪٿي ٿو ويهڻ اچي ٻيا وري هروڀرون اڄايو تڪڙ يا پئسي پرست ۽ سامهون ميزبانن ۾ به اها ميزباني نه رهي سو باراتي واڙي جي ٻڪرين جيان هڪ هڪ ٿي اڪ جي ڦُلڙين وانگي اُڏريو اچي آخر ۾ گهوٽ کي اڪيلو ڇڏين.
ٿيندو ائين اڳتي پوئتي وارا چڪر ٿيندا ختم بارات به رهندي گهوٽ اڻھوار تائين محدود ۽ ڦيرا ڪلاڪ وارا منٽن ۾ پورا گهوٽ ايندي ئي ڦيرا کائيندو ۽ آخري ڦيري ۾ سڌو ٺڪ گاڏي ۾ ۽ گاڏي اسٽارٽ ئي بيٺي هوندي سو ڪلاڪ اندر پرڻجي ٿيندو پٽ.
مهاراج وارا منتر ويندا
ميزبان جا پئسا بچندا
مهانن جو وقت بچندو
گهوٽ اڪيلو پيو نچندو
ليکا چوکا فونن تي
رهاڻيون ٿينديون روڊن تي.

ادا ميوا رام ڀلو لکيو اٿئي........ چون ٿا ته پھرين جون دعوتون اٺ اٺ ڏينهن ھلنديون ھيون ۽ ھاڻوڪي اٺ ڪلاڪ......... ڪجهه لفظن جون غلطيون آهن يا منهنجي سمجهه جو ڦيرو...... جاني.... ڄاڃي..... جانين..... ڄاڃين
ReplyDelete