Meva Ram Parmar

Monday, March 9, 2020

عورت اڳواڻن کان وسري ويل اُم رُباب

عورت مارچ اڳواڻن کان وسري ويل اُم رُباب....!!!
تحرير: ميوارام پرمار

گذُريل ڏينهن تي عالمي عورتن جو ڏڻ پُوري دنيا ۾ ملهايو ويو جيڪو پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ پڻ ملهايو ويو پر گهڻي تڪراري ٿيڻ جي ڪري انتهائي دلچسپي جي حامل بڻجي ويو, عورتن پنهنجن حقن ۽ تن تي ٿيل ڌاڙن,ناانصافين ۽ زيادتين خلاف آواز اٿياريو ته انهن جي سلوگن جي خلاف پڻ ساڳين شدت جو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جيڪو پڻ جهوريت جو حصو آھي, گذريل هڪ سال کان متنازع بڻيل سلوگن جي ڪري اهو ڏڻ انتهائي اهيمت جو حامل بنجي ويو آھي پر صرف اهو ڏڻ ئي ملهائڻ جي حد تائين, مارچ جي ڪافي اڳواڻ ننڊن ننڊن عورتن, نياڻين, شاگردياڻين توڻي پورهيت عورتن تي ٿيندڙ ظُلم وقت چُپ ۽ لڪيل نظر اينديون آھن.

نمرتا, نائله سميت ڪيئي ننڊا وڏا اسڪول, ڪاليج,يونيورسٽي, هاسٽل کان اسپتالن تائين ڪيترا ئي ڪس ظاهر ٿين ٿا پر افسوس انهن اڳواڻن تي ته اهي اڳواڻ اهڙن وقتن تي لڪي ڇو ويندا آھن? آءُ هت هڪ سنڌ جي هاء پروفائل ڪيس ميهڙ ۾ ٿيندڙ قتل عام بابت چوڻ پيو چاهيان جتي سنڌ جي نياڻي اُم رباب جا بابا,ڏاڏا ۽ چاچا کي ڏينهن ڏٺي سعام ڳولين جو کاڄ بنايو وڃي ٿو ۽ هُو مردن جي هن معاشري ۾ اڪيلي سر نڪري ٿي, در در ڀٽڪي ٿي انصاف لاء سنڌ جي ٻن وقتن جي آئي جيز,سپريم ڪورٽ جي ٻن چيف جسٽس, مختلف پارٽين جي وڏن اڳواڻن, سماجي اڳواڻن,اديبن توڻي صحافين سان ملي ٿي ۽ هرڪو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندي رُکي آٿت ڏئي رواني ٿا ڪريو ڇڏين مجال آ ڪو هن اڪيلي نياڻي جو ساٿ ڏئي.

هتي هڪ وڏو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪلهوڪي ڏينهن تي عورتن جي حقن جي علمبردارن ۽ اڳواڻن تي ته اهي ڪالھ واري ڏينهن تي کڻي سهي, سياسي اسڪورنگ خاطر ي سهي هن نياڻين جو آواز ته بڻجن ها, نالو ته کڻن ها, انهن اڳواڻن جي ڪاڪردگي تي سواليه نشان ٿو اڀري ته اهي اُم رباب جيڪو پاڪستان ۾ واحد اڪيلي نياڻي آ جيڪو سردارن خلاف پنهنجن جي لاء انصاف لاء وڙھي پئي ته اتي انهن اڳواڻن جي عدم موجودگي سواليه نٿي بڻجي?


انهن اڳواڻن کي کپيس ته اهي اُم رباب سان گڏ سنڌ جي هر هڪ مظلوم نياڻي جو ڪيس وڙھن, انهن جي اڳواڻي, رهنمائي ۽ رهبري ڪن ته جيئن حقيقي ڪارڪردگي تي اطيمنان جو اظهار ڪري سگهي ۽ اعتبار ڪري سگهجي. 

ڀواني شنڪر لاوا جو هولي تي پنهنجي وڇڙي ويل بابا کي لکيل خط

پهرين هولي تي يونيورسٽي جي شاگرد جو پنهنجي وڇڙي ويل بابا ڏي خط.

تحرير: ميوارام پرمار

يونيورسٽي جي پڙھائي, ليڪچرارن ۽ سبجيڪٽس ڪم ڪار, ڪلاسز کان فليٽ تي تياري, آچر به ملي ٿو ته تيارين ۾ ٿو گُذري, مس مس پيپر شُروع ئي ٿيا هيا ته پڙھائي, تياري ۽ انهن جو پريشر اڃان به وڌي ويو هيو سڀني دوستن ساٿين ۽ گهر وارن سان به ڪٽجي چڪو هوم, ايتري ۾ اچانڪ واٽس ايپ تي خبر ملي ته ڪرونا وائرس سبب سورانهن مارچ تائين ڪلاسز بند رهندا, اهو پڙھي ڪجھ ساهي ملي ۽ هلڪي مسڪراهٽ تري آئي چهري تي ۽ هاڻ تياري ڪرڻ لڳس گهر ڏي ورڻ جي لاشعوري ۾ گهر وارن جي ياد پئي وري ۽ شعوري طور تي بيگ ۾ ڪپڙا, ضُروري ڪتاب ۽ ٻيون شيون ڀري رهيو هوس ۽ دوستن جي اچڻ جو انتظار پئي ڪري رهيو هوس ته گڏوگڏ واٽس ايپ ۽ روبرو دوستن سان ڪچهري به هلي رهي هئي ۽ جلدي فيلٽ ڇڏي گهر موٽڻ جي ڪجي ۽ ايتري ۾ لاشعوري ۾ تحرڪ ۾ پيل يادون گهر وارن جون........................!!!!!
بابا...!!!!! منهنجو بابا, منهنجو دوست, منهنجو پسنديده دوست ته رهيو ڪونهي هن دنيا ۾¿¿¿¿ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪري ابتا سبتا جواب پئي ڳولهيم, پر اطيمنان جوڳو جواب نه ملي سگهيو, دل جهڙو ٿر جي کيکڙي ۾ ويٺل مسافر جي ڀٽ تي لهڻ تي ائين محسوس پئي ٿي ڄڻ پيپر هيٺيان اڇڙي ٿر جي واري سرڪي سرڪي پير هٽائڻ تي مجبور پئي ڪري, دل ته هئي ڌڙڪن به پر ذھن ۾ احساسن جو ڳانڍاپو جنهن شخص سان هو سو انکان روحاني گنڍجي چڪو پر افسوس جسماني نه رهيو. بابا تون هليو وين, توکي آخري ڀيرو جڏھن مون واٽس ايپ وڊيو ڪال ڪري حال احوال پئي ورتا تڏھن بابا تنهنجي ناچاڪي جو احساس ٿيندي ئي منهنجي پريشاني ۽ اندر ۾ سوچن جو طوفان برپا ٿيل هيو نه ڄاڻي ڇا ڪيان ڇا نه ڪيان, پڙھائي ڇڏي ڏيان ڊوڙي اچي ڀاڪر پايان ڪهڙي خبر اها آخري ڀاڪر هجي.........!!!

احساسن, سوچن ۽ لوچن جو اهو سفر طويل کان طويل تر ٿيندو رهيو رات جيڪا ڪجھ ڪلاڪن جي هئي سا هاڻ پنهنجي مدت وڌائي رهي هئي, دوستن جي وچ ۾ هوندي به اجنبيت وارو ماحول هو, شور شرابو ۽ دوستن جي ڪچهرين ۾ هوندي به ڄڻ ڪنهن اونڌاھ جاء اندر بلڪل سناٽي ۾ ڌڪيل هجان, بابا تنهنجو چهرو هر هر پئي ياد آيو ۽ منهنجي طبعيت ۾ ناسازگي پئي وڌندي وئي هر هر تو  ياد اچين ته امان ۽ ننڊڙو ياد اچن ۽ آءُ سوچن جي سمندر جي طح ۾ پويان پاڻ ڳولهيان پر پنهنجو وجود نه پيو ڳولهي سگهان.

ڏينهن اڀرڻ بعد اچانڪ ڪال اچي ٿي ۽ اسرار ڪجي ٿو ته آءُ جلد گهر موٽڻ جي ڪريان اتي منهنجي پيرن هيٺيان زمين ئي کسڪيو ٿي وڃي,  هڪ پاسي بابا جي وڇوڙي جي خبر هئي ته لاشُعوري ۾ سڀاڻي جو پيپر پيو گردش ڪري, بس جو چار ڪلاڪن جو سفر زندگي جي اڻکُٽندڙ سفر کان به ڊگهو, اجنبيت وارو ماحول, ڄڻ بس ۾ ڊرائيور ئي نه هيو,  دري ۾ آسپاس ڏٺم بيرنگي بليڪ ائنڊ وائٽ دنيا, سنسان گهٽائون, خوفناڪ آواز ۽ سفر جيئن جون تئين ڊگهو ٿيندو پئي ويو,  اکيون کلن بند ٿين سوچون هڪڙيون ٺھن ٻيون ڊھن خبر ئي نه پي پئي ته منهنجو ذھن شايد ٻيو ڪو ڪنٽرول ڪري رهيو هو.

جيئن گهر پهتس ته روڄ راڙهو, امڙ, ڀائيل ۽ چاچا سئوٽ وارا سڀ اداسي, پريشاني ۽ منهنجي منهن تي تڪيندي گهڙي کن ڪيڏانهن ته گهڙي کن ڪيڏانهن ڏسن, منهنجو پويان يونيورسٽي جا پيپر شُروع پيا ٿين جنهن ۾ چند ئي ڪلاڪ رهيل هئا ۽ ٻي پاسي بابا جي ارٿي-جسد خاڪي,  بابا جو مڙھ هيو ٻئي پاسي امڙ ۽ ڀاء روئي رهيا هئا منهنجو جسم به سُن ٿيل هيو مونکي ڪا خبر ئي نه هئي ته ڇا پيو ٿئي بس بابا جي وڇوڙي وڍ اهڙو اندر ۾ گهاءُ ڪري ڇڏيو جو ڪو ٻيو احساس ئي نه پئي جاڳيو, ننڊڙي ڀاءُ ۽ امڙ سان ڀاڪر پائي گلي ملي رُنس, رڙيون ڪيم, ڊاڍيون ڪيم دل جو بار سوچيم هلڪو ٿيندو پر بابا جهڙي ھستي ڪٿي دنيا ۾ جنهن جي وڃڻ جو بار هلڪو ٿي سگهي.

اچانڪ وڏو سئوٽ ڪُلهي تي هٿ رکي ٿو ۽ هلڪائي محسوس ڪندي موٽ ۾ ڏسان ٿو ته چوي ٿو ڀاءُ تنهنجا يونيورسٽي جا پيپر آھن تون رات جو هاڻ ئي نڪرڻ جي ڪر....................!!!!!! منهنجي زندگي جو مقصد بابا جو سهاو بڻجڻ هيو ته هاڻ پيپر ڪهڙا, ڪهڙي يونيورسٽي ۽ ڇا جي پڙھائي, اهي احساس زندگي جي ٻه واٽي تي اچي بيهاريون ٿا ڇڏين هڪ پاسي بابا جو مڙھ ۽ ٻي پاسي سئوٽ ۽ چاچا وارن جو شديد اسرار پيپر ڏيڻ جو, فيصلو ڪرڻ انتهائي مُشڪيل ترين هيو, نه چاهيندي نڪرڻو پيو, هڪ پل لاء وري بابا جي مڙھ کي چپڪي زور زور سان روئڻ لڳس ۽ بابا سان لاشُعوري ۾ ڳالهيون ته شعوري روئڻ ۾ پئي گهاريم اهو پل ته وري سئوٽ سڏي ٿو ۽ يونيورسٽي...............!!!!

ڪيڏو نه هانءُ ڏاريندڙ لمحو هوندو,ڪيڏو نه المناڪ ۽ ذھن کي سوچڻ جا ڪيئي اڻسڌا رستا ڏسيندڙ وقت هوندو, آءُ نڪرڻ جي ڪريان ٿو پر روح بابا جي مڙھ جي آسپاس هجي ٿو ڪنهن مھل امان ته ڪنهن مهل ڀا ياد اچن ٿا خبر نٿي پوي ته ڪهڙي مهل بس ۾ چڙھان ٿو بس هلي به ٿي يا بيٺي آهي ڪا خبر ئي نٿي پوي.

ڪيئن وقت گُذريو, ڪيئن يوني پهتس, ڪيئن دوستن سان مليس ڪا خبر نه پئي,اڄ جڏھن واپس گهر اچڻ ٿيو آھ ۽ ڏسان پيو هر پاسي هر دوست مصروف آھ هولي جي تيارين ۾ ته ڪي نوان وڳا سبرائين پيا ته ڪي جُوتا پيا خريد ڪن, ڪي دوستن جا گروپ چوڪن تي هولي تيارين ۾ مشغُول آھن ته ڪي ناچ گانن ۾ ڪي ڪٿي پيا گهمن ته ڪي ڪٿي. ڪي دوست ماءُ پئي سان گڏ پيا گهارين ته ڪي تنهائي ۾ تياريون پيا ڪن. ان ڏس ۾ منهنجو گهر اجڙي ويل آخري وانگر ۽ اندر آءُ بابا جي آس پيو رکيو هلان,

 ڪيئن ڪيان مان تياري عيد جي,
نظر مُتلاشي بابا جي ديد جي.

هولي تي موڪلون مليون آھن ته هولي ملهائجي, رنگن سان کيڏجي,بهار کي ڀليڪار چئجي ته منهنجا بابا آءُ منهنجي زندگي جا رنگ وڃائي, بهار کي الوداع ڪري ويٺو آھيان ته ڪهڙي سچ جي فتح جو جشن ڪيان, روايتن کان هٽي ڪري آءُ بابا توکي به ياد ڪريان ته هولي منهنجي زندگي جا رنگ ڀرجڻ کان پهرين اجڙي ويا آھن,  الاهي جي ڪهڙو سچ هيو جو آءُ سچي رشتي کي پرائي ۽ نڀائي نه سگهيس, هولي هلي پئي هر پاسي رنگن جا بهار اتي منهنجي اندر جا هڙئي رنگ هوا ۾ اُڏري اسپيس کان به مٿي هليا ويا آھن بس مونکي ڪاراڻ ئي ڪاراڻ نظر پئي اچي ۽ بس چار ستارا آھن هر ڪو پنهنجي مستي ۾ مڳن آ هڪٻئي سان ڪچهري پيو ڪري مونسان ڪو حال اورڻ لاء تيار ئي ناهي هن اونداھ ڌرتي تي مان اڪيلو نيل آرم اسٽرانگ وانگر هوريان هوريان پيو قدم کڻيا ڄڻ هڪ سال جو ٻارڙو پهريان قدم کڻي هلڻ سکي پيو جنهن کي پنهنجي پيرن تي به اعتبار ناهي هوندو,  آءُ بابا ڪچهري ۾ آھيان يا گهر ۾ خبر ئي نٿي پوي ته ڪٿي ۽ ڪيئن آھيان.

بس بابا تنهنجو اسان سان ايترو ئي سفر جُڙيل هيو تون شل ڪنهن ٻي ٻيڙهي جو مسافر هئين سو اسانکي اڌ ۾ ڇڏيو هليو وين پر بابل اهو سفر ايترو ته پيار, پاٻُوھ, پنهنجائپ ۽ احساس سان ڀرپور هيو جو تنهنجي وڇوڙي تي دل ڳواهي ئي نٿي ڏي ته تون اسان ۾ ناهين رهيو.
سچ پڇين بابا تون مونسان روحاني مخاطب آھن ضُرور منهنجا احساس سمجهين سگهين پيو امڙ ۽ ڀاءُ ۽ سڀ چاچا سئوٽ ڏاڍو ياد ٿا ڪن.............!!!!!!

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...