روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل محنتي ۽ سرگرم اُستاد و اڳواڻ ڀڳوانداس عُرف بي ڊي چاولا ۽ سندس ڌرم پتني جو اچانڪ وڇوڙي تي سندس اولاد لاء خط......... 😢😢😢😢😢😢😢😢.......!!!!
تحرير: ميوارام پرمار
پيارا ٻچڙو.....!!! اسان اچانڪ هن دردناڪ, خوفناڪ ۽ موتمار حادثي جي سبب موت جي راڪاس جي ور چڙھي ويا آھيون ۽ اوهان اسانجي جڳر جي ٽُڪڙن ۽ رت کان هميشه هميشه لاء پري حقيقي مالڪ سان وڃي ملياسين ۽ اوهانجي نظرن کان اوجهل بڻجي ويا آھيون, اوهان لاء اوهانجي امڙ جو وڇوڙو يقينن هانء ڏاريندڙ ۽ آسمان چيريندڙ رهيو هوندو, ماءُ جو پنهنجن ٻچڙن کان ائين هن عمر ۾ وڇڙڻ ڪهڙو نه قهر برپاء ڪندڙ هوندو جڏھن هن جي ٻچڙن جي عمر ارڙانهن, سورانهن, ڏھ, اٺ ۽ پنج سال ۽ ننڊڙي جي عمر ئي مس چوڏانهن مهينه هجي جنهن کي حادثي سبب ڄنگ ۾ به راڊ لڳي جي هُن کي اهو ٻڌائي به ڪونه ويس, هُن کي آخري ڀيرو پيار به نه ڪيو, پيار به نه ڪيو, آس و پيار مان ڏٺو به ڪونه چڱي ريت, آخري ڀيرو هو ڇا اهو مونکي به آحساس به نه ٿيو ته اچانڪ آءُ به ائين اوهانکان جُدا ٿي ويندس.
بابا بي ڊي: منهنجا ٻچڙو اوهان کي يقينن اهو اعتبار نه ٿي رهيو هوندو ته اسان هليا ويا آھيون اوهانکا انتهائي پري جتان کان موٽڻ ناممڪن آھي ڇو جو اوهانسان دلين جي اٿاھُ گهراين سان پيار و پاٻُوھ سڪ و اڪير چاھ ۽ دل جي هڪ هڪ ڌڙڪن جيترو چاھ هوندو هيو, آء ۽ اوهانجي امڙ ڏاڍا بيچين ۽ اُداس هئڻ سان گڏ ڏاڍا ڏُکارا ۽ بيوس آھيون اهو سوچيندي ته اوهان ڪيئن گُذاري رهيا هوندا اهي ڏينهڙا اسان بنا سچ پڇو سورگ جون هوائون ۽ سورگ جون آراشون به بيرخيون ۽ بيڊوليون پيون لڳن, هن سورگ جي ڪا به شي نٿي وڻي نه ئي هي سورگ ۽ نه ئي اها دنيا جنهن ۾ جڳر جا ٽُڪڙا به ائين پري پري هجن ۽ جنهن کان چاهيندي به ملي سگهجي نه ئي ڏسي پسي سگهجي, اوهانکي اهو اڃان ذھن و گُمان ۾ هوندو ته اڃان اسان اوهانجي ناناڻن ۾ آھيون ۽ موٽايا ئي ناهيون پر اها حقيقت ناهي ٻڄڙا........!
منهنجا ٻچڙو........!! هي دنيا و جهان اسان هميشه لاء ڇڏي حقيقي دنيا ڏي لڏي ويا آھيون ائين اوهانکي ڇڏي وڃڻ تي اسين ڏاڍا افسوس و حيرت ۾ آھيون, خط لکڻ جو مقصد ته ٻچڙا راج توکي هاڻ پنهنجي ماءُ ۽ پي جو سايو ٿي پنهنجن ننڊڙن ٻارن سان پيش اچڻو آھي ۽ بابا جو چهيتو ٿي توکي ائين ئي بابا وانگر بُردبار ۽ محنتي ٿي پنهنجن ننڊڙن ڀائرن جيڪي هاڻ تنهنجا اهي ٻچڙا آھن توکي ماءُ ۽ پي جو احساس ڏيارڻو آھي اسانجو لاڏ و پيار ڏيڻو آھي ڪڏھن به ذري به ڪاوڙ يا ڏانٽ ناهي ڏيڻي, ڪوشش ڪري صبح سوير اٿيارجان, صبح جو اٿي تيار ٿي ناشتو.............!!! اسانجا ٻچڙو هاڻ ناشتو به اوهان پاڻ پنهنجن معصوم هٿڙن سان تيار ڪجو ۽ پُٽ خيال سان باھ سان ويجهو بلڪل به نه ۽ گيھ ۾ ترڻ وقت بلڪل به پاسو ڪجو ۽ ننڊڙن کي ناشتو تيار ڪري ڏجان انهن کي ماءُ جو احساس نه گهٽ ٿيڻ ڏجان ۽ بابا وانگي انهن تي اها شفقت جي نظر رکجان روز خرچي ڏجان ۽ اسڪول وقت تي موڪلڻ ۽ واپس اچڻ جو پابند بنائجان ۽ روز ڪم ڪار چيڪ ڪجان ۽ وري چون ٿا پُٽ ڪاوڙ بلڪل به نه ڪجان ڇو جو توکي اسان پنهنجي وس آھر هر اها خُوشي پيار و پنهنجائپ ۽ والدين جي محبت و شفقت ڏئي سگهياسين پر ٻچڙا پنهجن ننڊڙن کي اهو پيار نه ارپي سگهياسين.
پيارا ٻچڙا دڪان وقت تي کولجان ٻوهارو ڏئي اڳربتي ڪري گراهڪن سان بابا وانگي پيش اچجان ۽ اهڙي ئي ريت پيش اچجان ۽ فقيرن سان بلڪل به بيرخي نه رکجان ۽ پيار سان پيش اچجان انهن کي خُوش ڪري روانو ڪجان, ننڊڙا جڏھن مايوس يا اداس ٿين ته پيار ڪجان آٿت ڏجان ۽ اداسي جا بادل وري ورڻ جي ئي نه ڪن ايترو پيار ڪجان. توکي ماءُ ۽ پي جي جاءُ مليل آھي توکي انهن ٻڄڙن جي پارت آ تنهنجو ڏاڏا به اٿس اوهان سان پر پُٽ ضعيف هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهي اوهان لاء سو ڪوشش ڪجان هر ڪم ڪار وانگي بابا ۽ امان جي جڏھن ياد اچي ته ڏاڏا جي خدمت ڪري وٺجان اسانکي به خُوشي ٿيندي ۽ پيار به ڪجان ننڊڙن سان ۽ انهن آڏو پاڻ ڪڏھن به اداس يا مايوس نه ٿجان ذري به اسان سان شڪايت هجي اڪيلائي ۾ اسان سان ڳالهائجان جڏھن سڀ سمهيو رهن ائين نه ٿئي تنهنجي سڏڪڻ جو آواز ننڊڙا ٻُڌي وٺن راج متان اهي نه روئي پون ۽ جيڪر اهي روئي پيا ته اسان به روئي پونداسين پُٽڙا........!!!
تنهنجي هر هڪ شڪايت اکين تي ۽ اسين تنهنجي هر ڳالھ ٻڌنداسين پُٽڙا ٻچڙا بس دل وڏي ڪجان نه ڪڏھن اداس ٿجان ۽ ائين محسوس ڪجان اسان توسان ۽ ننڊڙن سان سدائين گڏ ئي آھيو بس وڇڙيا به آھيون ته جسماني پر رُوحاني هينئر به گڏ ئي آھيون, اهو احساس اندر ۾ جاڳائي رکجان.
اهو به ذھن نشين ڪري وٺ پُٽ ھاڻ توکي بابا ٿي سوچڻو آھي هاڻ سڀ شوق, راند روند ۽ گهمڻ ڦرڻ اسانجي صدقي قربان ڪر ۽ پنهنجن ننڊڙن جي باري ۾ اسان سان قول ڪر ته واقعي ائين ڪندين ته اهو قول به پاڙجان بس ٻچڙا لفظ ساٿ نه پيا ڏين ته ٿي ته اسان اوهانکان ڌار آھيون پر الاهي ڇو..... بس پُٽ ڪڏھن ڪڏھن اسانجي آخري آرامگاھ طرف ضُرور رُخ ڪجان تولاء نيڻ سدا آسائتا هوندا........!!!
سدا مُرڪندو رهين گُلڙا انهن ننڊڙين ڪلين جي وچ ۾....
ننڊڙن سان پيار, ڏاڏا کي سلام ۽ چاچا وارن کي سلام .....!!!!