Meva Ram Parmar

Friday, December 13, 2019

آصفه مينٽل ڪاليج

آصفه ڪوس گهر.
ميوارام پرمار

هي آصفه مينٽل ڪاليج جي
سيمسٽر جي خبر لڳي آ
جنهن ۾ خبر پئي آ ته نمرتا فيل
۽ دوست پاس ٿي ويا آھن
مٽن مائٽن کي انجي موت
جي لڳي آ ڪاليج کي رزلٽ جي
آءُ چوان ٿو نمرتا پاس ٿي وئي
۽ هي ڪوس گهر فيل ٿي ويو
آھي جيڪو نياڻي جي قاتل
کي پڪڙي ناهي سگهيو
۽ وڏي واڪا اعلان پيو ڪري
ته اچو نياڻيون اچو
اچو هن ڪوس گهر ۾
جتي نمرتا جهڙي سوشل سوچ رکندڙ
مري به وڃي ٿي ته ڪو پتو نٿو هلي
ڪنهنجو وار به واڪو نٿو ٿئي
اوهين به اچو ۽ اچي ڪوس گهر
۾ موت جو کاڄ بڻجو
۽ فيسبڪين کي پائيتال ڪرڻ لاء
۽ پوليس, عدليه, انتظاميه کي
ڪُوڙ, ڏٽا ۽ بهانا ڪرڻ لاء
بهانو هٿ ڪري ڏئي وڃو
يقين مڃو هي ڪوس گهر
نمرتا کي به پاس ڪرائي ويو
اوهانکي به پاس ڪرائي ويندو
جنهن جي نالي تي ڪاليج آ
انجي ماء انصاف لاء پئي
تڙپي ۽ روح لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾
پيو ڦڙڦڙي ۽ اوهين سنڌ جون نياڻيو 
اوهانکي جي موت کنيو آ ته اچو
هي ڪاليج ۽ بگهڙ وات گهگهن ۾
گهيڙ ڪريو پيا هلن
۽ وڏي واڪا پيا چون
نمرتا فيل آ ۽ ڪاليج پاس آ.

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...