عمرڪوٽ کان هنگول سفرنامو.
ميوارام پرمار.
هوئن ته سنڌ ۽ پنجاب جا اڌ شھر ڏسڻ لاء ڪڏھن ڪڏھن دوستن سان وڃڻ ٿيندو رهيو آھ پر بلوچستان جا ساحلي شھر ڏسڻ ۽ هنگلاج ماتا مندر ڏسڻ ۽ زيارت لاء جڏھن دوست ڀيمراج پاران دعوت ڏني وئي ته وقت ۽ سفر جي تفصيل پڇي ڊن ڪيو ۽ ڇنڇر پنج آڪٽوبر تي صبح ڇھ بجي چناڻي هائوس کان ڊوم گاڏي ذريعي ونود ڪمار استاد ۽ ڪجھ شاگردن سان اهو سفر آغاز ڪري چُڪو هيو صُبح جي شُروعاتي ڪرڻن کي زمين تي آجيان ڪندي هي قافلو پنهنجي سفر جي منزل ڏانهن روان دوان هيو ميرپورخاص ۾ ساڍا ست بجي هڪ شاگرد کي پنهنجي گهر ڊراپ ڪرڻ کانپوء بلڪل صبح ٿي چُڪو هيو هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڪرت يا نوڪري لاء وڃڻ لاء تياريون وٺي رهيو هو اتي اسان ننڍ کي الوداع ڪري سفر لاء ذھني طور تي بلڪل تيار ۽ ايڪسائيٽيڊ ٿي چُڪا هياسين ۽ حيدرآباد جي مُحمدي چوڪ تان ڪجھ دوست عزيزن کي پڪ ڪرڻ کانپوء هڪ ٻي هنڌ پُونم پمپ تان فوٽوگرافر ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ واشديو کتري پڪ ڪري حيدرآباد کان ٺٽو ڏي سفر لاء گاڏي پنهنجي طرف موڙي هلڻ لڳي آھستي آھستي دوستن جو تعارف و ڪچهري ۽ مذھبي گيتن سان دنياوي گيتن جو وڄڻ سفر کي رنگين و رُوحاني رنگ ڏيندي دلي سُڪون و راحت بخشي رهيو هيو. صبح جو يارهين بجي ڌاري ڪينجهر ڍنڍ جيڪو رومانيت ۽ عشق جي داستان سان سرشار پئي هوندي هئي اتي اچي پهتاسين پر ائين ڄڻ محسوس پئي ٿيو اتي دفن ٿيل نوري ويچاري رڙيون ڪري هن ڍونگي دنيا خلاف احتجاج ڪري رهي هئي جنهن لاء ٻه چار پيار و محبت ۽ دعا گهرڻ لاء ايندڙ عاشقن و مسافرن کان ڏوڪڙ وصولي ڪنگال ڪري رهي هئي ۽ ڍنڍ جي پاڻي کي ڪمرشلائيزيشن جهڙي ڪُڌي ڪرت ۾ پيار جي پاڻي کي پليت ڪري رهي هئي. نوري جي خاموش احتجاج کي محسوس ڪندي چند گهڙيون انهي ڍنڍ کي ارپيونسين, ڪينجهر ڍنڍ جيڪو انتظامي بي ڌياني ۽ مقامي ماڻھن سميت اختيارين جي بيوسي جي ڪري لاوارثگي ۽ بيچارگي جو منظر ڏئي رهي هئي.
منجهد جو هڪ ٿي چُڪو هيو ۽ گاڏي اچي بريڪ ڪيو شنگھ ڀواني مندر مڪلي ۾ جتي مڪلي جي قبرستان ۾ ڪي ظاهري ڪي لڪيل لکين داستان مدفون و امر آھن اتي شنگھ ڀواني جهڙي پويتر آسٿان تي اچي ديدار ڪرڻ/ روُحاني فيض حاصل ڪرڻ جو قيمتي موقعو مليو مندر ۾ موجود تاريخي ۽ فطرتي حقيقتن تي مبني مورتيون ۽ انهن جو دنيا جي ٻين مندر جي مورتين سان لاڳاپي بابت ٻڌي انتهائي گهڻي مُسرت ۽ ڄاڻ ملي, چند گهڙيون گهاري سفر کي ڪراچي طرف روان رکندي موسم مان لطف پئي حاصل ڪيو ۽ نئين رُوٽ تي پهرين چڪر وڃڻ سبب ڏاڍو تجسس پئي ٿيو.
ڪراچي شھر ۾ تقريبن وڃڻ ٿيندو رهيو آھي وقت بوقت پر هن ڀيري ٺٽي کان ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ انوکو ۽ نئون تجربو پئي لڳو ۽ گرمي آجيان پئي ڪري هئي ڇو جو بارش ۾ شايد ڪجھ ئي لمحا رهيل هيا جيئن جيئن گاڏي اڳتي وڌندي رهي ڪراچي پنهنجو احساس ڏياري رهي هئي اچانڪ اقرا يونيورسٽي جي بورڊ جيڪو مين گيٽ تي لڳل هيو انتي نظر پئي ذھن ائين ئي سوچيندي لوچيندي جواب ڏنو هن يوني ۾ ته منهنجو ننڍڙو ڀاءُ رجنيش مالهي پڙھندو هيو گاڏي ته پنهنجي سفر طرف پئي سفر ڪندي وئي پر ذھن سوچن جي سمنڊ جي گهرائي ۾ ٻُڏي چڪو هيو ڪاش اڄ منهنجو ٻچڙو رجنيش زنده هجي ها ته اڄ اسانکي ويلڪم ڪري ها ۽ چانھ ماني لاء اسرار ڪري ها, اسان سان ملي ها اسان سان پنهنجائپ جا چار لمحا ونڊي ها هن مصروف ترين شھر ۾ ڪو پنهنجو ملي ها دل ڪيڏي نه خُوش ٿئي ها, هون به پرديس ۾ پنهنجا ڪٿي ٿا ڪنهن ملن پر اسانجا پنهنجا پرديس وڃن ۽ اسانکي اتي وڃي ملڻ ۽ انهن کي اهو محسوس ڪرائڻ ته انهن جا وڏڙا انهن جا پنهنجا به ڪير آھن ۽ هر حال ۾ هر هنڌ گڏ آھن اهو ڪٿي ٿو احساس ڏيارڻ لاء وقت اجازت ڏي, وقت تنهنجي بيرخي ۽ گهمنڊ تي مونکي شديد ڪاوڙ آ.
ائين ڪينٽ ۽ ڊفينس جي آسپاس جي ڪجھ منزلن تي نظر ٿي پوي ۽ 2009 جي جون جولاء جا گهاريل لمحا ٿا ياد اچن ۽ اچانڪ دوستن جي گوڙ شور تي ڪنن زور ڏنو ۽ دوستن پئي چيو ته هاڻ ڪلفٽن تي هلبو شو ڀولي جو ديدار ڪبو گرمي پنهنجي جوڀن جواني جا جلوا ڏيکاري رهي هئي جتي انساني اونڌي سوچ جيڪا ترقي جي معيار وڏيون بلڊنگون ۽ وڏا پل ۽ ويڪرا رستا هئڻ جو منظر پئي ڏيکاري رهي هئي اتي فطرت جي سونهن کان وانجهيل ڪراچي فطرتي لاوارثي جو ڏُک ونڊي رهي هئي.
ڀوليناٿ جي مندر جي اندر جي تاريخي مورتين جو ديدرا ڪندي دوستن سان سيلفين جا پڻ سٽڪا هئا گرمي سبب گهڻو وقت نه ڏئي سگهياسين, مندر ۾ عمرڪوٽ جا پانڌيئڙا پڻ اچي رهيا هئا, مندر ۾ زيارت ڪري سيسا کائي مندر جي پوئين پاسي جي پارڪ جنهن اندر وڃڻ جي ته اجازت نه هئي پر پاسي ۾ بيهي چند فوٽو ڪڍيندي اڳتي وڃڻ لاء گاڏي ۾ چڙھياسين, گرمي سبب ايسي جي به اُردو واري ايسي ڪي تيسي هوڳئي. برحال هلڻو به هيو گاڏي به هڪ هئي سو منهن جي پڪائي ڪندي ڏاڍو انگريزي واري انجواء ڪيوسين. نيٽي جيٽي پُل ٽاور جو ديدار ٿيو اتان ٽيلرن, ٽرڪن جي گاڏين جي هر وقت پيھ پئي لڳل هوندي آھي گاڏي کي ڍڳا گاڏي جي اسپيڊ ۾ اسين به ڳيلهي نڪرڻ ۾ ڪلاڪن کان پوء ڪامياب ٿياسين اهو روڊ جتي منهنجون ڪجھ سالن پراڻيون يادون وابسته آھن ان روڊ تي پيل ڪجھ تاريخي ۽ اهم جائين بابت به دوستن کي تعارف ڪرايو, ائين ڪندي گاڏي کي حب ڪانٽي جي ڀرسان سي اي جي فلنگ اسٽيشن تي بيهاري سي اين جي فل ڪرائي ۽ پاسي ۾ هڪ هوٽل تي ٿڪ ڀڃينسين حب شھر جيڪو تاريخي ۽ جاگرافيائي طور تي هڪ اهم شھر جيڪو ڪراچي/سنڌ/دنيا کي بلوچستان سان گنڍي ٿو هيڪو بلڪل ئي لاوارث ۽ پنهنجي حقن لاء احتجاج ڪري رهيو هو روڊ ڀڳ ٽُٽُ جو شڪار, گاڏن وٺ پڪڙ, شور زور جو ۽ رش روز جو معمول هيو. هوٽل تي چند گهڙيون ويهي سي اين جي بدبوء وارو پاڻي جيڪو هوٽل ته مليو سو ته پيتو پر سي اين جي واري چانھ پئي دونهان ڪڍيندي گاڏي ۾ چڙھاسين جڏھن شام پنهنجو انوکو ڏيک ڏئي رهي هئي, سج جبلن مان لڪ ڇپ راند ڪندي پنهنجي وڃڻ ۽ رات جي آمد جو نياپو ڏئي رهيو هو اسانجي دوست فقير شوا ڪڇي پڻ ڪال ڪئي ۽ چانھ ماني لاء اسرار ڪيو پر اسانجي قافلي کي ڪافي اڳتي وڃڻو هيو سو وقت جي قلت سبب فقير شوا کي شيوا جو موقعو ڏئي نه سگهياسين, ڪوسٽل هائي وي تي گاڏي ۽ رش جيڪا حيدرآباد ٽو لاهور جي سفر جي ياد ڏياري رهيا هئا ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي وٺپڪڙ اسانجي ڪراچي جي اهميت جو اڳواٽ ئي احساس هيو پر ان جي پختگي ۽ اهميت جي وڌيڪ خبر پڻ پئي رات جا پهريان پهر هيا گاڏي پنهنجي سفر جي سحر ۾ سمايل هئي گيت جو آواز ڪنن جي پردي تي سنگيت جو خوراڪ مهيا ڪري رهيو هيو, گاڏي هلندي رام ڪرشن چواڻي حب کان وندر پهتي جتي اسانجو دوست ميگھ راج بي ايم ڪاٽن فيڪٽري ۾ مئنيجر هيو پر اتي پهچڻ سان خبر پئي ته اتي اسانجي پاسي جي سوين مزدور به ڪم ڪن پيا, مزدور, مستري سميت ٻين اهم شعبن ۾ ڪم رهيا هئا. فئڪٽري جيڪو منهنجي زندگي جو پهريون تجربو هيو گهمندي ڦرندي ڏاڍو مزو آيو, ڪپھ مان ککڙا ٻاهر ڪڍڻ, ککڙن مان کڙ, تيل ۽ خراب تيل مان ٻيون شيو جهڙوڪ ڪارو صابڻ ۽ ککڙن جي خراب کڙ مان گتو ۽ ٻارڻ جهڙن اهم شين ۽ انهن جي پروسيجر بابت انتهائي وڏي ڄاڻ ملي. ڪارخاني ۾ دوستن وڏي آجيان ڪئي ۽ ڊنر پڻ پيش ڪيو. ميگهراج سميت سڀني دوستن جا انهن ميزباني لاء وڏا وڙ ۽ لک لائق.
ڪُجھ وقت گهارڻ کانپوء اتان نڪري موبائلن کي چل ڇنيا ڇنيا جهڙي ٻارن واري راندي جي اهميت ڏي دلي ڏُک رسيو, ڪوسٽل هاء وي تي نڪو ٿري يا فور جي نه ون جي جهڙي جديد سهولت ميسير ناهي, پويان ڀلين پيا فيسبڪ واٽس ايپ يا نمبر لڳائين ٻيو ٿيو خير. برحال ڏيڊ ٻه سئو ڪلوميٽرن جو پنڌ اڃان به پيل هيو سو اکيون ننڍ مان جهيرا کائيندي جسم ٽوٽ جو نياپو پڻ ڏئي رهيو هو ائين سفر کي گيتن ۾ گُم ڪري جبلن کي چيريندي گاڏي اڳتي وڌندي رهي دوستن پاران اهو پڻ ڊپ ڏياري ويو ته اتي وڏي تعداد ۾ جابلو جانور پڻ آھن جهڙوڪ شينهن/ليوپرڊ ۽ ٻيا جانور, جيڪو علائقو بلوچستان حُڪومت پاران هنگول نيشنل پارڪ نالي سان منسوب ٿيل آھي.
ڪجھ وقت کانپوء هنگول نيشنل پارڪ ۾ موجود انتهائي پراڻو ۽ تاريخي ڪرشماتي مذھبي مندر جي آسپاس هزارين پانڌيئڙن جو هجوم نظر آيو, وڏي خُوشي جي ڳالھ اها ئي جو اتي به اسان عمرڪوٽ واسين جي اڪثريت هئي, پر افسوس جي ڳالھ هي هئي ته لکين روپين جي خرچ باوجود ٽرئفڪ پلان, بلڊنگ پلان, صفائي ۽ انتظامي معملن ۾ ڪا به معياري شي نظر نه آئي. ڪمرا صرف امير خاندان لاء هيا ۽ غريبن لاء روڊ ۽ ڪنڊ پاسا هيا سُمهي ٿڪ ڀڃڻ لاء. اساب گاڏي پارڪ ڪري تياري وٺي مندر جتي مذھبي رهاڻ رتل هئي اتي پهتاسين جتي اي اين اي لال مالهي جو خطاب پڻ جاري هو جنهن ۾ مندر, مذھب, زيارت جهڙن اهم اشُوز تي ترقياتي ڪمن بابت آڳاهي ۽ ڪجھ وعوده پڻ ڪيا ويا, منهنجي به لال مالهي سان ڪجھ اشوز تي ڪچهري ٿي بعد ۾ مذھبي رهاڻ ۾ شرڪت ڪئي جيڪا لکندي موکي ڦڪائي ٿي رهي آھي صرف مذھبي گيت جيڪي بالي ووڊ جي گيتن جي ڪٽ/ڪاپي تي يو يو هني سنگھ اسٽائل جا برگر امير ڇوڪر هروڀرو ڀڳت بڻجي ڳائي چئي رهيو هو ته هروڀرو هٿ مٿي ڪريو. نه ڪو تعارفي گيت, سيشن, ڏڻ, جاڳرڻ يا رات جي اهميت بابت ڪو ليڪچر هيو نه گيت نه ڪا وارتا. ڌم لڳل هي جنهن کي وارو ٿي مليو(وارو صرف امير ڀڳتن کي/جيڪي ڀڳت گهٽ اداڪا وڌيڪ ٿي لڳا) انهن وارو وڄائي رُوحاني فيض بجا جسماني ورزش پئي ڪرائي/ناچ پئي ڪرائي جيڪا ڪنهن به ايگ ۾ غلط ڪونهي. برحال وڏي پلاننگ جي ضرورت هئي وڏي ڪم جي ضرورت هئي انتي به مالڪ جي ڀلو ڪيو ڪم ڪبو. رات ڪجھ ڪلاڪن جي اڃان مس بچي هئي, سو چار بجي ڌاري وهنجي تيار سين دوستن کي ميڙون منٿون ڪيون تيار ٿيڻ اڳتي پوئتي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ نيٺ انهي مشڪري ۾ ٻه ڪلاڪ گُذري ويا. اسان ٽي ڄڻا تيار ٿي وياسين ٻيا دوستن وڌيڪ سُستي جو اظهار ڪري رهيا هئا, سو اسان ٽئي دوست ٻين کي تياري تي موڪلي انيل ڪنڊ طرف غيرخواهشي طور مڙئي چار قدم اڳتي وڌياسين ته اتي پنجابي پوڙھو مليو جنهن کان ڪجھ سکڻ لاء وڊيو رڪارڊ ڪرڻ لاء اسرار ڪيم پر نه مڃيو پر ايترو چئين پُٽ تون ڪامياب ٿيندين پر آءُ حيران هئس ته ڪامياب ڪنهن ۾ آءُ ته ڪو خواهش/خواب يا ڪو ارادو ڪري ته نه آيو هوس برحال اسان چند قدم ائين ئي اڳتي وڌياسين ته تجسس وڌندو ويو ائين تقريبن ٽي ڪلوميٽر جيترو ٽي کان چار سئو ميٽرن جو مٿي جابلو سفر طئي ڪندي ٿڪي هاري واپس موٽڻ جو سوچيو ته ڪنهن اجنبي پاران آٿت ملي ته وڌيڪ چارج ٿي اڳتي نڪتاسين.
ائين ٿڪ مان اڳتي وڌياسين ۽ جبلن کي ٽوڙي مروڙي پٿرن مٿان پئي هلياسين جتي پيرين اگهاڙا پانڌيئڙا ڏٺاسين پنج سالن جي ٻار کان جوان نياڻيون, اڌڙوٽ مرد ماين کان پوڙھا پوڙھيون پيدل ۽ پيرين اڳهاڙا ڏسي اسان اڃان وڌيڪ چارج ٿي اڳتي هلڻ لاء تيار ٿياسين ۽ ائين ئي پيدل سفر جاري هيو. نيٺ ست کان ڏھ ڪلوميٽرن جو جابلو مٿانهون سفر طئي ڪري منزل تي پهتاسين جتي گرو نانڪ جي جاء آمد, شري ڀيلڻ جو باغ, هڪ ٻي مذھبي جاءُ پڻ موجود هئي پر اسانکي اڃان به اڳتي وڃڻو هيو سو هلياسين هڪ تعارفي وڊيو وڻ رڪارڊ ڪيوسين. انيل ڪنڊ ۽ شوال ڪنڊ پُڻ ڏٺيوسين جتي جٿن جا جٿا لٿل هيا, هڪڙا آيا ته ٻيا ويا پئي شروع رستي کان آخر تائين جئه ماتا دي جئه هنگلاج ماتا دي جئي سنتوشي ماتا دي جئه شجتي مان ۽ ئه جوڳ مايا ڪي جي نعرن جي گونج هئي ۽ جبلن پڻ انهن نعرن جو جواب پئي ڏنو. نيٺ جاءُ انيل ڪنڊ تي پهتاسين پويتر پاڻي جا ٻه هڪ ئي جاء تي الڳ الڳ رنگ جي پاڻي جا کُوھ ڏسي حيرانگي پڻ ٿي سي ڏٺاسين ۽ پويتر پاڻي مان ٻه بوتلون پنهنجي ۽ دوستن لاء ڀري روانا ٿياسين اه سفر جابلو انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ رسڪي آھي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي شرارت, رسڪ, تڪڙ يا غفلت ناهي ڪرڻي, ٿڪي آخر ٽن ڪلاڪن کان پوء گاڏي تي پهتاسين مندر لاء ناريل ۽ ماتا جي چنري کڻي مندر پهتاسين دوت اتي اڳواٽ ئي موجود هئا. سو اسان به اها مذھبي رويت پوري ڪئي , دعا به گهري, عبادت پڻ ڪئي ۽ هلندڙ مذھبي تقريب ۾ ويٺاسين دوست مطابق ها تقريب جنهن ۾ سنسڪرت ٻولي جا ڀڄن هيا شايد جيڪي ذرو به سمجھ نه آيا, ۽ مڪمل تقريب ئي سنسڪرت ٻولي جي منترن, گيتن تي مُشتمل هئي ان تي منهنجي ذاتي شڪايت آھ ۽ سڀني پاڌيئڙن جي اها ئي هوندي ڇو جو ماڻھون جنهن سمجهڻ, ٻُڌڻ فيض حاصل ڪرڻ پئي چاهيو انهن کي جيڪر سمجھ ۾ ڪا شي نه اچي ته ڪاوڙ ئي لڳدي نه ڪين مشڪري لڳندي. سو ان ڪم تي خاص توجه جي اشد ضُرورت آھي سنسڪرت بيتن, قوٽس, يا ورسز جا حوالا ڏئي اصل تصريب کي مقامي ٻولين ۾ ڪجي اردو/سني يا ماورواڙي ۾ جيئن مون جهڙو گهٽ سمجُھ وارو سمجهي فيض حاصل ڪري سو اتي ڪجھ ڪلاڪن جي تقريب هلي جيڪا سمجھ ته ذرو به ناهي پر لڳو ائين پئي ته شايد انهي ڻ سيشن/سيگمنيش وڌيڪ هئا انهي ڪري ڊيگھ ٿي. اسان ان تقريب ۾ ڪرشما پڻ پنهنجي اکين سان ڏٺاسين. تقريب ۾ ڪپيل ديو مٺي وارو به مليو.
آخر ڪار وري دعا گهُري ٻه بجي زوري ڳيلهي دوستن کي گاڏي ۾ هنيو ۽ اڳتي نڪرڻ لاء گاڏي چالو ٿي, ائين موبال کنيو ۽ اڃان به موبامل چل نيا پنيا لڳو پيو هيو, ڪتاب کوليم دوستن جي گوڙ ۽ ٽائپ جي شور وچان واپس رکڻو پيو.
بلوچستان جي ساحلي پٽي جي مين روڊ ڪوسٽل هاء وي کي انڊس هاء وي جهڙيون سهولتون درڪار آۡهن. اسانجي ٽيم هنگول ندي, چتر مک, لياري مندر ڳوٺ لياري پڻ ڏٺاسين ۽ سنڌي سمنڊ جي ساحلي پٽي جي بيچ ڪنڊ ملير جيڪا يورپين يا دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي بيچ کان گهٽ ناهي اها پڻ گهمي ڏٺيسين. پوء اڳتي نڪري بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا جي شھر اُٿل پهتاسين جيڪو تعلقي هوندي ضلعي جو هيڊڪوارٽر آھي ۽ مين روڊ تي واقعي آھي اتي ايم ايس فئڪٽري پهتاسين جتي ڏانو مل مئنيجر ۽ اڪائونٽنٽ گهنشا داس آجيان ڪئي, ڪافي ٻيا به ٿي جي مختلف ڳوٺن جا موجود هئا حقيقت اها هئي جو اتي موجود دوستن پنهنجي علائقي جي دوستن کي ڏسي بي انتها خوش ٿيا ۽ عيد جو سماء پئي لڳو. دوستن پاران ميزباني جو انوکو مثال لذيذه طعامن سان خاطداري جنهن لاء سدائين مشڪور و ممون رهنداسين اها فئڪٽري پڻ پهرين گهميل فئڪٽري جهڙي ئي هئي سو اها گهمڻ جو دل نه چاهي دوت ڏاو مل جي آفيس پڻ سگهميسين ۽ وڌيڪ دوستن سان مختلف موضوعن تي معنائري ڪچهري پڻ ٿي ۽ رات ساڍا اٺ بجي الوداع ڪيو سين دوستن کي ۽ اسان وارو جٿو به هاڻ بلڪل چارج خت ٿيڻ سبب ٿڪل هيو سو سڀئي دوست سمهي رهيا ۽ گاڏي رات جي پيٽ مان هلندي رهي ڪنهن وقت ڪير جاڳيو ڪير سُتو ڪير ڪٿي ڪير ڪنهن ڪلهي تي ستو ائين گاڏي وڃي هڪ بجي ڪراچي پهتي ۽ سي اين جي ڀرائي اڳتي وڌاسين ۽ صبح ڇھ بجي واپس عمرڪوٽ پهتاسين.
ميلي ۾ سائين بنسي پڻ مليو جيڪو ختلف وقتن ري مختلف جائين تي پڻ مليو ۽ ڪافي شاگرد, عزيز مٽ مائٽ ۽ دوست پڻ مليا.