Meva Ram Parmar

Friday, June 28, 2019

سنڌُو نواز

نيئن سنڌ جو آواز آ ھُو
سنڌ ڄائي سنڌُو نواز آ ھُو

سنڌين جو درد دل ۾
لهي ٿي حال هر هڪ پل ۾
ننگر ڪاڇو يا هجي ٺل ۾
بڻجي ٿي يڪ آواز هُو

نيئن سنڌ جو آواز آ ھُو
سنڌ ڄائي سنڌُو نواز آ ھُو

هاري ناري شاگرد مزدور
نوجوانن جي آھي ليڊر
اڳواڻي ۾ بيمثل آ رهبر
خدمت جا ڄاڻي راز ھُو

نيئن سنڌ جو آواز آ ھُو
سنڌ ڄائي سنڌُو نواز آ ھُو

ڪراچي کان ڪشمور تائين
لاڙ اتر جا ماڻھون چاهين
نياڻي کي چاھ سان ڀائين
فاتح رهي آ هر معاذ ھُو

نيئن سنڌ جو آواز آ ھُو
سنڌ ڄائي سنڌُو نواز آ ھُو

ميوارام پرمار

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...