Meva Ram Parmar

Thursday, November 29, 2018

فئشني مرڻا

فئشني مرڻا

تحرير: ميوارام پرمار

مرڻي تي اسانجي ڀوتار نه آيو,
مرڻ اڄايو ويو, مرڻ اڄايو ويو.

مُڙس قسطن تي به قسطون کڻي مس مس مئو, هفتن بستري تي هنگيو هنگيو ڌپ ڪريو ويو ڪنهن مکي اُڏائڻ جي جرئت نه ڪئي, مس مس ڪلام وڄائي روانو ٿيو اجهو پريوار پورو جذباتي, آڙو پاڙو روج راڙو ۽ سوشل ميڊيا تي تعذياتي ڪمينٽس جا ڪڙڪاٽ.
اجهو تڏو وڇايو, اڀرو سڀرو هرڪو آيو ويٺل آھي پورو منهن لاهيو پاڙو, سليماني چانھ بجاء ڪولڊ ڊرنڪ کان ٿاڌل پياريو ماڻھن ۾ ويٺو مُڙس مارڪون ٺاهيو, وسطيدار, عزيز ۽ سنگتي آيو,آيو نه آيو جي نه ڀوتار آيو ويو اسانجو مرڻ اڄايو.
ڊسپرين ٽڪي جي نه هجڻ ڪري مئل همراھ پويان هزارين لکن جا نمونا ڪرڻ, ايڪو ٻيڪو, ڀگت پنڊت گهرايو آڙي پاڙي جي ننڊ حرام ڪرايو,وسڪي ٺرو پياري ڀگت ويٺا گُنگنايو, ڀڳوان پرچائڻ بجاء مُرڳو ئي رسايو مارڪن واري جو ويو خرچ اجايو,آيو نه آيو جي ڀوتار نه آيو ويو مسڪين جو مرڻ اڄايو.

معاشرتي مُڙس

معاشرتي مُڙس
ميوارام پرمار

ڦاهي احتجاج جا فوٽو ڏيو
سماجي ڪم جو شوق جاڳيو آ
ڇوڪري ڀڄائڻ ۽ تذليل جا فوٽو ڏيو
سماجي اڳواڻ ٿيڻ چاهيان ٿو
سوشل ميڊيا تي رينگهٽ ڪري
مارڪون ٺاهڻ چاهيان ٿو
اهڙو ٻوهارو ڏئي پوسٽن جو
فگر پنهنجي ٺاهيان مان
فوٽو ٽي چار پريس ڪلبن جا گڏ ڪري
هٿ بگل ۽ ٻُوٿ مٿي ڪري
مُڙس سڏرائڻ چاهيان ٿو
ابتيون حرڪتون هٿ ڪريو
پروفائل ٺاهڻ چاهيان ٿو
ڀوتار کي وڃي پسند ٿيان
پاڻ وڻائڻ چاهيان ٿو
مُڙس سڏرائڻ چاهيان ٿو
سماجي اڳواڻ سڏرائڻ چاهيان ٿو.

Tuesday, November 13, 2018

هل ڀل

هل ڀل

کيس چئجو هتان گذر نه ڪري
شھرن جا شھر دربدر نه ڪري

چئوس ڪڏھن ته مٿو به ڌوئي
شھرن جا شھر صفا گٽر نه ڪري

ائين به نڪرندي نه ڪر سنڀري
ماڳهين ڪو ڪتر ڪتر نه ڪري

تيل ڦليل ڪرصرف ٽڪ ٽاڻي تي
مجنون ويچارن تي ائين قهر نه ڪري

هلي ته واٽ تي ڍنگ سان هلي
چيل وٽي ائين اٽر مٽر نه ڪري

ڪڏھن ته گهر جهلي ويھ هو
هروڀرو ايڏا فالتو سفر نه ڪري

ڪم نه ٿي ته هٿ جهلي ويھ هو
واٽ ويندن جا وات ڪپر نه ڪري

مٿي تي رئو رکندي ڪري هر هر
بکايل گابن لاء وار ڇٻر نه ڪري

مسٽر فراڊي

او منهنجي سنڌ امان

او منهنجي سنڌ امان، تنهنجو مال آئون اڪيلو ڌمان،
شل تنهنجا ٻچا بک مرن، تن جي کل کائي رت مان پيان،
منهنجو تون وطن آھين، منهنجو جنم پر ڪفن تون ناهين،
تنهنجي مال مان آئون محلات ٺاهيان منهنجو آسرو آھين۔
ڪنڃر ڪوڙا ڪوچڙا ڪري گڏ ڪريان مال ميڙن جو سڏ،
رولان سنڌين کي، کايان سنڌ جو رهان ٻاهر سهڻين گڏ،
سارو مال مان کڻان، باقي سارو عوام هجي  ڪنگال،
ڀلين مرن بک بيماري بيروزگاري ۽ برائي ۾ ٿي بيحال،
تنهنجون ٻنيون، معدنيات، ڪوئلو گئس سون ڄاندي  ٽامو،
سڀ ميڙي ڀريان بئنڪون ٻيو ڪريان مزي ۾ سڀ ٻپون،
هر هنڌ هجن منهنجا بنگلا، باقي سنڌي ٿين سڀ ڪنگلا،
رهن اندر منهنجا نوڪر آئون اڏندو رهان جيئن اڏرن ٻگلا،
تون منهنجي امان تون ابو، تون چاچو چاچي تو ڏاڏو،
تنهنجي ڌن دولت مال ملڪيت سان هلي منهنجو گاڏو،
تنهنجا شھر واهڻ وسنديون ڳوٺ ڀٽون ويڙها لڳن ويران،
مال کائي آئون نڪران يوڪي، يو ايس، دبئي جاپان ايران،
سارو ڏيھ رهي اڻپڙهيل منهنجا ٻچا پڙھڻ وڃي پرڏيھ،
مان پايان ڪاٽن نيلم ليلن پينٽ شرٽ سنڌي پائن ليھ،
دلا، چور، ڪرپٽ، ٺڳ، لليچا، لالچي، جيب ڪترا سڀ،
ٿين منهنجا مريد، ڀرين حاضري شال ٿين سفل خواب سڀ،
سنڌو تون بنياد کان پٽجي وڃين يا رهين سدائين سڪل،
تنهنجو پاڻي ٿي پليت، زهريلو، گندو، وڻي ڪنهن شڪل،
مرن سڀ پاڻي پي تنهنجو ٿين سڀ بلڪل ئي بيمار صفا،
آئون پيان منرل واٽر، واپريان پيئڻ، ڌوئڻ وهنجڻ ازل کان،
بيماري جي تون هجين ڀري، ملي نه ڪو چڱو هت ڊاڪٽر،
شل نه ٿيان مان بيمار، مٿي سور لاء وڃان هتان کان ٻاهر،
 پڙھيا، اڻپڙھيا، ڏاها، چريا، سڀ ڪن صرف منهنجي واکاڻ،
احساس نانسانيت مري وڃي، ڄاڻي نه تنهنجي سرهاڻ،

مسٽر فراڊي

Friday, November 2, 2018

او ڊگري تنهنجو مان وڪيو

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

ڪهڙا ليڪچر ڪهڙيون ڪلاسون,
ڪهڙا قول ڪهڙيون هڌايتون,
ڪهڙا استاد ڪهڙيون ڳالهيون,
نوڪري نڀاڳي تي ايمان وڪيو آ,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

ڪاپي ڪري آ قلم ڪمايو,
پئسن تي آ گريڊ گهمايو,
مارڪشيٽن جو مان وڌايو,
تعليم اهڙي مان ڪجھ نه سکيو آ,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

آ ڊگري کانپوء ڊاڙ هنيا,
ننڊي وڏي کان لٻاڙ هنيا,
سچ واري کي تاڙ هنيا,
ڪوڙي تعليم مقام وڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

وئي پڙھائي جي عزت پامال آ,
هتي جهڪڻ واري جو ڪمال آ,
صرف ڌن دولت تي ڌمال آ,
هر جاهل هي ته ڪمان ڇڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

ويا بيمول آھن اهي ڪتاب ٿي,
وڪجي پئي عزت بيحجاب ٿي,
اول پهتا شراب, شباب ڪباب ٿي,
تبديل نه جمال انسان ڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

رهيا ڪتاب آھن  صرف نالي ماتر,
ڪري سياست صحافت هر ماستر,
ڪري ڇڏيو آ ٻيڙو غرق سراسر,
گڏجي سڀني سنڌ جو سامان وڪيو,

ٿي تعليم ساري تيل وئي آھ,
ڏات عزت جي ٿي ڀيل وئي آھ,
ٽڪري ٽڪ جي جيل وئي آھ,
هنر اندر جو آ نيلام ڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

مسٽر فراڊي

Thursday, November 1, 2018

ٽڪي جا ماڻھون

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

ڪردار تن جو فقط ڪيڙا ڪڍڻ آ
جاچڻ پرکڻ جيئن جون جو سرڻ آ
چپ رهڻ ڇو سمجهن  نه سياڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

هر وقت ٿا تڪيو ويٺا هجن سي
متان نه ڪم جا ماڻھون لڀن ڪي
رڳو جهلين ٿا ٽنگن ۾ راڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

ڄائي ڄمي فطنو فطرت تن جي
جهيڙو جهٽو ڪرائڻ عادت تن جي
رڳو ڄاڻين ڏيڻ طعنا مهڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

هتي هنن جي خوب هلي ٿي
ڇو جو سچ کان دنيا جلي ٿي
تنهن مان فائدو کڻن ٿا ڄاڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

واھ واھ تن جي گلي گهٽي ۾
منافقت ڪن ٿا جهٽ پٽي ۾
کٽين دليون ٿا سجهڻ اياڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

هوڪو هلي ٿو وڄي ٿي تاڙي
ڳالھ هڪ ۾ دل کي ساڙي
وڃن ٿا واھ واھ ڪندا هي ڪاڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

شاعر: مسٽر فراڊي

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...