Meva Ram Parmar

Tuesday, October 23, 2018

مُٽانس تنهنجي ووٽن تي

مُٽانس تُنهنجي ووٽن تي,
اسين کٽيا هون نوٽن تي,

ڪهڙو ضمير ۽ ڇا جو تقدس,
ووٽ ٽڪي جو ناهي مقدس,
آئون سدائين ائين پيو چوندس,
هليا هون آسري لوٽن جي,

مُٽانس تُنهنجي ووٽن تي,
اسين کٽيا هون نوٽن تي,

ناهي مهنگو آھي ٽڪي جو,
تڏھن نوڪري اسڪيم وڪي ٿو,
اصلي ووٽ نه ڪڏھن جهڪي ٿو,
تڏھن رهون ٿا جهوٽن تي,

مُٽانس تُنهنجي ووٽن تي,
اسين کٽيا هون نوٽن تي,

مهيني مهيني پئسا ڏيون ٿا,
تڏھن ته اهڙا مهڻا ڏيون ٿا,
سچ نه ته ٻيو ڇا چئون ٿا,
مال کارايون ٿا موٽن کي,

مُٽانس تُنهنجي ووٽن تي,
اسين کٽيا هون نوٽن تي,

اليڪشن وري جي ويجهو آئي,
وينداسين بلڪل پلٽي کائي,
لڪي وينداسين وٺندا ساهي,
متان نڪري اچي سنگت روڊن تي,

مُٽانس تُنهنجي ووٽن تي,
اسين کٽيا هون نوٽن تي,

چمچي جو به ريٽ وڌي ٿو

چمچي جو به ريٽ وڌي ٿو
جيئن ڀوتار جو گريڊ وڌي ٿو

جهاڙو پوڇي کان بدني تائين
وڏو لڳي ٿو تنهن کي ٽائم
هر وقت ڪرڻو پوي ٿو سائين
حرام کائي جيئن پيٽ وڌي ٿو

چمچي جو به ريٽ وڌي ٿو
جيئن ڀوتار جو گريڊ وڌي ٿو

ڀوتار گڏھ کان ويڳو ڪري خريد
چمچي جي ٿيو پوي ٿي عيد
ٺيڪن اسڪيمن جي مٽي پليط
ڪميشن مان ائين ليٽ ڪڍي ٿو

چمچي جو به ريٽ وڌي ٿو
جيئن ڀوتار جو گريڊ وڌي ٿو

جهڙو ڀوتار تهڙو چمچو
ڪٿي ٽُڪر ڪٿي خرچو
ڪٿي ڪڙوو ڪٿي مٺو لهجو
لاسي گڏُھ جيان آڦرجي ٿو

چمچي جو به ريٽ وڌي ٿو
جيئن ڀوتار جو گريڊ وڌي ٿو

ڀوتار جي ٽٽ جي ڪري وڏي واکاڻ
مخالفن جي ٿي انڌو ڪُلکاڻ
ٽچ موبائل به رکي ٿو ساڻ
ڪئمرا تيار ۽ اسڪرين شوٽ ڪڍي ٿو

چمچي جو به ريٽ وڌي ٿو
جيئن ڀوتار جو گريڊ وڌي ٿو

ميوارام پرمار

Sunday, October 14, 2018

شارٽڪٽي شھزادن جون ڪمال جون ڪاريگريون

شارٽڪٽي شھزادن جون  ڪمال جون ڪاريگريون.

تحرير: ميوارام پرمار

انسانذات وٽ جيڪا به فن, علم, شعور, تعليم و تربيت اها هڪ قسم جي امانت آھي تنهن کي درست سمت ۾ استعمال ڪرڻ تائين, جيڪو ڪافي ماڻھون باعزت, باضميري ۽ ايماندارانه نموني سان ادا به ڪري رهيا آھن,
شيڪسپيئر چوي ٿو:
"آءُ ڏکي ۾ ڏکيو ڪم سست کان سست ماڻھون کي ڏيندس ڇو جو هو ان ڪم کي حل يا پورو ڪرڻ لاء آسان کان آسان طريقو ڳولهيندو"
ٿي سگهي ٿو ائين به هجي پر اسان وٽ اڪثر گنگا جمنا ته ٺھيو گٽر نالا به ابتا اٿليو سيراب ڪريو فصلن جا فصل اپت ڏئي مارڪيٽ کي مر سان مالا مال ٿا ڪريو ڇڏين, پڙھيل لکيل, وائٽ ڪالر, دانا, عقلمند, ڏاها, سياڻا, تهذيبي طور تي شاهوڪار ۽ شائستگي ۽ نماڻائي جا سئمبل کوٽي سڪي وارو ڪم ٿا ڏين, شيڪسپئر جي ڪهاوت جي بلڪل ابتو طريقو استعمال ٿا ڪن, جن کي پنهنجي پاڻ تي به يقين ناهي هوندو اهو پرائي چلھ تي ماني ۽ پرائي ڪلهي تي فائر ڪندي نٿا گُسن, ٽيڪنالاجي جي گلوبل ڳوٿري واري هن سڪڙجي ويل هن تيز ترين هن دور اهڙن ڪرپشن جي ڪاوشن ۽ بيحيائي جي بزنس سان بيبنياد بلڊنگون ۽ ناڪام نالا ٺاهڻ لاء انتهائي مجبور ڪري ڇڏيو آھي اهو سوچڻ جي لاء ڪيئن گداگيري جي دور ۾ گندو به ٿجي ۽ ڪپڙن تي به داغ نه لڳي ته گڏوگڏ منزل و نالو ٺھي وڃي, فن ۽ علم ڊگرين سميت ڪٻاڙخانن جي ڪُوڙن ۾ اڇلائي راتو رات رات انڌيري ۾ چوڏس جي چمچڪاٽ ڪرائي, ڏندن جي وچ۾ لوھ جهلي تارن جو تعداد وڌائي ڀلا ڀلي جو ڇيڙو ناهي ڇا ڇا ڪري اڳتي اچي انهن ڊگري يافته پڙهيل لکيل ماڻھن جي ٻوٿ تي چماٽ ٽڙڪائي اهو محسوس ڪرائي ته ڪهڙي اوقات تنهنجي ڊگري جي, ڪٿي آھين تون, تنهنجو فن, پر اهي ضرور اهو  چوندا:

اے طاہِر لاہوتی اُس رزق سے موت اچھی
جس رزق سے آتی ہے پرواز میں کوتاہی,

 اهي لفظ شارٽڪٽي شھزادن جي ٻوٿ تي ٻارانهن بجائڻ لاء ڪافي انهي ڪري به آھن جو:

سچ کو تمیز ہی نہیں بات کرنے کی اور جھوٹ دیکھو کتنا میٹھا بالتا ہے۔

شارٽڪٽي سوڙهي گهٽي جا سپرين ڪيئي هيلا وسيلا و هربا استعمال ٿا ڪن ڪٿي سنگت سرچائن, ڪٿي دوست, مارڪن, پئسن, مائڪ تي فوٽو, ادب جي ڪنهن صنف ۾ انٽري و نالو ڪمائڻ, شيلڊون اجرڪون و ايوارڊ وٺڻ لاء تعاون ڪن ٿا, ادب ۾ انهي شئي جي ادبي طور تي وڏي ۽ واضع گُنجائش به آھي جيڪا اچڻ واري جي ڳلن ۾ انٽري جي وقت عيان به ٿئي ٿي.
ڪٿي, ڪڏھن, ڪهڙي ريت, ڪهڙي حالت ۾,ڪيتري دير ۾ منزل, مقصد و اسٽيشن تي پهچي جهڙا سڀ تجربا رکندڙن جا فيسبوڪ تي سوين چيلا, گُرو, دوست, هُو, ۽ ڇاڙتا به  آھن جيڪي بظاهر وڪالت ۽ پسمنظر ۾ ٻيو ڪجھ ڪندي به نظر ايندا آهن, انهن کي  هر اسٽيشن تي پهچڻ لاء ڪلچر, تهذيب, روايت, ريتون رسمون چاهي انسانيت به قربان ڪندي دير ناهي لڳندي شرط منزل جو حُصول هوندو آھي, انهن جي اڳ ۾ محنتي, جاکوڙي, سچو ايماندار گهٽ  نظر ايندو ۽ اهي جاکوڙين جي پاڇي و غيرموجودگي ۾ نالي تي پيو ڏھڪا نظر ايندو آھي ڇو جو بنا نمبر پليٽ جي ڪردار تي مبني منزل ريت جي ديوار يا انڌيري جي پاڇي وانگي هوندي آھ جيڪو هڪ خواب مثل هوندو آھ.

شارٽڪٽي نه سڌريا ئي نه سڌرڻا منهنجو انهن باضمير دوستن توڻي عزتدار دوستن و والدين کي عرض آھي ته بجاء پنهنجي قسمت ۽ پڙھائي و فن کي تهمت و لعنت ڏيڻ جي محنت جاري رکو انهن بدڪردار بدڪن جي بيسُري آواز جي اڍنڳي ڪرتوتن تي نظر رکڻ جي, اهي پاڇا ۽ خواب مثل آھن, انهن جو وجود فاني آھي ۽ سچ هميشه لاء رهڻو آھي, جيڪو به اڀرو اڀرو ملندو ان تي گهٽ ۾ گهٽ نالو نه ٺھيو ته پاڙي۾ ته عزت هوندي, بنگلو نه ٺھيو ڪمرا ته هوندا, مائڪن تي ڦُوٽو نه آيا ته سيلفي ته ٿيندي. سچي محنت و لڳن اهڙن بد ڪردارن کان اڳتي به وٺي وڃي سگهي ٿو پر شرط آھي جهڪڻو, وڪجڻو ناهي سچي دل سان محنت ڪرڻي آھي ته منزل ملڻي ئي آھ.
اهو چئي اڳتي وڌو:
کس میں ہمت ہے ہماری پرواز میں لائے کمی.....!
ہم پروں سے نہیں حوصلوں سے اڑا کرتے ہیں.

زندگي جا اصول

زندگي جا خاص اُصول, هميشه سچ ڳالهايو, ايماندار سچار رهو, سڀني کي عزت ڏيو, پيار و محبت ورهايو, حق ۽ سچ تي ڊٽي بيهو ڪجھ به ٿئي, هميشه سوچ وڏي رکو, اڳتي وڌڻ جي ڪريو, پوئتي مُڙي نه ڏسو ماضي ۽ ماڻھن جي بُرن روين مان سبق پرائي بنا ڪنهن جي تنقيد, تحمت, طنز تي ڏئي اڳتي سفر جاري و ساري رکو, زندگي ۾ جيڪر ٻين جي ڀلائي چاهيو ٿا ذاتي رنجشون, ڪاوڙون ۽ غلط فهميون پري ڪري, معاف ڪري, معافي وٺي اڳتي وڌو, بس محنت محنت ۽ محنت ڪندا وڃو, محنت ۾ سچائي, ايمانداري ۽ لڳن رکو هن حالت ۾ ڪير به اوهانکي هلائي به نٿو سگهي, هن ضمن ۾ ڪير وڇڙي يا الڳ به ٿئي ٿو ته فرق نه پوندو ڇو جو اوهانکي پنهنجي ذاتي حوصله, ڪاوش ۽ جدوجهد تي يقين هوندو, ۽ هميشه جنگ و ڪوشش جي ميدان ۾ جٺا رهندڙ ئي ڪامياب و ڪامراني ۾ سرخرو پئي رهيا آھن, هر هڪ کي اهميت ڏيندا وڃو ڪو اهيمت ڏيندو ڪو سبق ڏيندو, هر هڪ ننڊي توڻي وڏي جي مثبت ڪم جي تعريف ڪريو, ساراهيو ۽ حوصله افزائي ڪريو چاهي هو توهانجو دشمن ڇو نه هجي, ۽ جيتري وڌيڪ ڪاميابي ملي اوترو ئي شُڪر ڪندا رهو گڏوگڏ اوتري ئي سادگي ۽ نماڻائي اپنايو ته انهي حالت ۾ اوهانکي انهي کان به ڪئي ڀيرا وڌيڪ ڪاميابي ملندي آھي, ڪڏھن به شارٽ ڪٽ ۽ وقتي فائدي گڏوگڏ انفرادي فائدي تي قول و ضمير جو سودو نه ڪريو اهو اوهانجي ايمان کي چڪاسڻ جو وقت هوندو آھي پاس ٿيڻ جي صورت ۾ انهي کان به وڌيڪ خوشي و ڪاميابي ملندي جيڪا اوهان سوچي به نٿا سگهو, بس محنت, ايمانداري, سچائي, حوصله جهڙا ڳُٻ ئي پنهنجي شخصيت ۾ گڏ کڻي هلو, ناڪامي ۽ خوف نالي جي ڪا به شي دنيا ۾ بنياد ئي نٿي رکي بس رسڪ آھ انهي کانپوء سوچي به نٿا سگهو ته اوقات کان به وڌيڪ ملي رهيو هوندو ۽ توقات کان وڌيڪ ۽ الڳ الڳ پاسن کان, بس فڪرمند, مڳي, ٺڳ, ٽيڙي, لاپرواهي, سستي, وقت جي تباهي جهڙين شين کان پاسو ڪريو, الله جي ذات تي ڀروسو ڪري محنت ڪندا رهو ڪامياب پاڻھين در تي دسخت ڏيندي.
ميوارام پرمار, 

Saturday, October 13, 2018

حيا کپي نه شرم کپي

دلي کي ٽُڪري ٽاڻي کپي,
کڻ زال کپي يا ماڻھين کپي,

دلال جو هر هنڌ دهل وڄي ٿو,
ڪڃر جو هر هنڌ قول وڄي ٿو,
بيضمير جو هر هنڌ مول وڄي ٿو,
ڪوٺي جي هر وقت ڪهاڻي کپي,

دلي کي ٽُڪري ٽاڻي کپي,
کڻ زال کپي يا ماڻھين کپي,

بنيادي حق جي نه ڳالھ رکي هُو,
سچ انصاف جي نه ڳالھ رکي هُو,
ڪڃر ٽولي جي هر ڳالھ رکي هُو,
پئسن جو هر وقت پاڻي کپي,

دلي کي ٽُڪري ٽاڻي کپي,
کڻ زال کپي يا ماڻھين کپي,

پي وارو حشر پٽ ذليل ڪري,
اهڙو ظلم نه ڪو خليل ڪري,
سچ تي هو ٿو بس بخيل ڪري,
سرت هوندي سڀ ڄاڻي واڻي کپي,

دلي کي ٽُڪري ٽاڻي کپي,
کڻ زال کپي يا ماڻھين کپي,

شرم حيا جي ڳالھ به ناهي,
پئسي علاوه ڪا ڳالھ به ناهي,
دلالپائي جو پئسو ائين ٿو سهائي,
ملڪ مري ڀلين ٿاڻي تي يا گهاڻي تي,

دلي کي ٽُڪري ٽاڻي کپي,
کڻ زال کپي يا ماڻھين کپي,
مسٽر فراڊي

اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

ڪيڏو جهلين تون زبان راڻا
چونڊي چکي سهڻا مٺا داڻا
موقعي تان نه زبان رهي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

موقعو ڏسي نه موضون ڏسي
مڙس تڪي نه ناري ٿي پسي
عقل ويچاري ڦاسائي ڇڏي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

معافي تلافي ڳالھ آ مٿان جي
مٽجي عادت تن جي ڪٿان ٿي
رهڻي آ ساڳين جيڪا ڏسجي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

شاعر: مسٽر فراڊي

Friday, October 12, 2018

ڀوتار کي راضي ڪرڻو آھ

ڀوتار کي راضي ڪرڻو آھ

ميوارام پرمار

يار رسي يا ٻار رُسن
ڌڪ هٿان نه هيڪار گُسن
ڦوٽو ڀوتار جا چار پسن
لکڻ تي پوئتي نه هٽڻو آھ

ڀوتار کي راضي ڪرڻو آھ

سچ هجي يا ڪُوڙ هجي
سچ هيٺيان ڌُوڙ هجي
خبر جي ڀلين نه پروڙ هجي
قصيده گيري ۾ نه پوئتي ورڻو آھ

ڀوتار کي راضي ڪرڻو آھ

ڀوتار ڀلين پيو  ڪٿ ڦري
ڇا به ڪري يا ڪجھ به نه ڪري
خبر هڪ بار ڪن تان سُري
تصديق بنا تير هڻڻو آھ

ڀوتار کي راضي ڪرڻو آھ

ڀوتار ڀلين نه سار لهي
اوطاق تي بس هڪ ڀيرو ڪار لهي
سڪ سموري ٿي وڃيو لهي
انهي ڪار کي جاري رکڻو آھ

ڀوتار کي راضي ڪرڻو آھ

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...